وٺ راه رباني لڪي ڪر ذڪر ذاتي
طمع کي ترڪ ڪر صفت ڪر صفاتي
اصل کنئون عاجز جي عشق ۾ دل آ آتي
لالن لنئون لاتي اچي سامهون ساٿ جي
جي هجين عاشق ته ٽپي پئو منجهه آڙاه
پتنگ ٿي پچي ڪر صدقو ساه پساه
قربان ٿي قلوب سان ڏي محبن کي ماه
قبولي هو الله سچائي ڏسي تو سپرين
مرد ٿي ميدان ۾ قابو جهلي ڪِير
سوره ٿي سر ڏي ثابت رکج سِير
عاجز کڻ شمشير ڪوڏئون ڪڏي قربان ٿي
مرڻ کان اڳي مر مري مات نه ٿين مورهين
ڪڍي جن ڪدورت تن ڏي آيو نيهن نر
ڇڏي لاڳ لوڪ جا وٺ مالڪ جو در
ڪم نه ايندي ار، عاجز چئي عشق مان