صفا ڏيهه مان ويو آ ڏڌڙو لڏي
چٻيان چانهه سان ٿو مان روٽي گڏي
ولوڙيو ٿي هر ويڙهي ڌنئورو دهي
ڏنئون ڏڌ مکڻ پڻ گهرجي جن مهي
مگر مفت هاڻي ڇڏن ٿا ٿڏي
پٽاٽن جي سڀ ڪنهن خبر آه بادي
مروٽو وجهي ٿو جنهن گوبي کاڌي
اڃا گيس وانڱڻ ڪيو آ وڏي
نه ذٿ ساڳ ڌونئرو ملي ٿو هِتي
للر ڄانڀو لوڻڪ مليرو ڪٿي
سڪان ڇو نه ساوڪ سندي ڪڻ ڪڏي
گوار ۽ گجر پڻ گهڻو گوگڙو
تون وٺ بيهه پالڪ ڪريلو ڪڙو
ڪدو ميٿي توري ٿي مسڪين ڏي
مڇي آ مهانگي مهانگو پلو
نه مرغي آسستي نه ڪي ٻاڪرو
اِهو وات وڏڙي چوان ٿو سڏي
خدن دال ڌوتل مسور ۽ چڻا
انهن سان گڏي کاءُ مٽر پڻ گهڻا
لٿو ڪم يقينا جي کاڌو جڏي
*