شاعري

هٽڙيءَ جو گل

ڪتاب ”هٽڙيءَ جو گُل“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب خدا بخش خاضع جي شاعريءَ جو مجموعو آهي، جنهن جو مرتب حفي الحفيظ الحفن آهي.
هن ڪتاب جو نالو ”هٽڙي جو گل“ رکيو ويو آهي. هٽڙي خدا بخش ”خاضع“ جي ماءُ آهي ۽ هي گل سندس پٽ آهي، جيڪو سندس سيني ۾ دفن آهي. هن گل جي خوشبو هٽڙي جي هوائن ۽ فضائن ۾ تاقيامت گهلندي رهندي ۽ سندس محبت جي جذبي کي پکيڙيندي رهندي. شل قدرت سندس روح غريق رحمت ڪري. (آمين).
Title Cover of book هٽڙيءَ جو گل

اي صبا چئجان وڃي تون منهنجي پيارن کي ڏسي

اي صبا چئجان وڃي تون منهنجي پيارن کي ڏسي
ساه ساري ٿو سڪان مان قدر وارن کي ڏسي

محب ناهي مون هِتي تو کان سوا آرام ڪو
روز روئي رات گهاريان چنڊ تارن کي ڏسي

جو چوان ٿو سو سراسر يار کي پهچائجان
دل جلي ٿي هاڻ هت باغن بهارن کي ڏسي

منتظر ٿي يار سانده راه تنهنجي پيو ڏسان
مان وهايان نير نيڻي ره گذارن کي ڏسي

دل لڳي جو قدر ڪونهي موت ڄڻ ٿيو پيار جو
دل جلي ٿي يار خاضع سوڳوارن کي ڏسي
*