سڪ جن جو ساه پري پنڌ نه تن کي
وحده لا شريڪ له شاهي شهنشاه
ٻانهي هن عاجز تي نرتئون ڪر نگاهه
ته هلي انهي راه، پڄان محبوبن کي
ذات سڏائين اُجري اُوچي ناهي ذات
واحد کي وڻن سي جن ڏاتر ڏني ڏات
فزڪروني اذڪر ڪم وائي جن جي وات
طلب پرين تات اُجرو ڪيو عاجز کي
ڪڍ ٻيائي ڪر صفائي تون طلب رک تن
ملندا سي محبوبن کي دغا ڪڍي جن
طمع کي ترڪ ڪري نفي مان نڪرن
عاجز تن من آيا جي اثبات ۾
سندرو ٻڌ سچ جو توکي روڪ نه جهل
پڪاريندو وت پرين کي پاسي ٿي نه پل
ڏکي منزل مجاز جي تون هوري هوري هل
عاجز ڪا اڳتي جي آهي ڪنهن کي ڪل
رڳو هٿ نه مل رڙيون ڪر ڪي روح سان
• ويهارو کن مٿيان بيت حاجي عبدالحيات هاليپوٽي جن جا آهن. سندن تخلص ”عاجز“ آهي