شاعري

هٽڙيءَ جو گل

ڪتاب ”هٽڙيءَ جو گُل“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب خدا بخش خاضع جي شاعريءَ جو مجموعو آهي، جنهن جو مرتب حفي الحفيظ الحفن آهي.
هن ڪتاب جو نالو ”هٽڙي جو گل“ رکيو ويو آهي. هٽڙي خدا بخش ”خاضع“ جي ماءُ آهي ۽ هي گل سندس پٽ آهي، جيڪو سندس سيني ۾ دفن آهي. هن گل جي خوشبو هٽڙي جي هوائن ۽ فضائن ۾ تاقيامت گهلندي رهندي ۽ سندس محبت جي جذبي کي پکيڙيندي رهندي. شل قدرت سندس روح غريق رحمت ڪري. (آمين).
Title Cover of book هٽڙيءَ جو گل

آه زاري بيقراري تات طاري ڇو اٿم

آه زاري بيقراري تات طاري ڇو اٿم
يار ياري ڪانه پاري پو به پياري ڇو اٿم

ڄار ڄاڻي پو به پاڻهي وار واڻي مون ڇڏيا
جار جاري وره واري نت نياري ڇو اٿم

هون به هاڻي تيغ تاڻي ڇوه ڇاڻي ڇا ڪبو
ڪج ڪٽاري قتل واري اُف اُلاري ڇو اٿم

گهور گهاڻي عرق آڻي دل جي داڻي مان ڪڍيو
ڳاه ڳاري ماڳ ماري دل ويچاري ڇو اٿم

راز راڻي موج ماڻي نينهن ناڻي ڀي ڏنو
پوءِ به هاري ساک ساري دل دکاري ڇو اٿم

ساه ساڻي اڄ اباڻي موجماڻي عيد ڪئي
ڄام آري دل ويچاري خاضع هاري ڇو اٿم