عاشق قوت آهي راحت روح رهاڻ
ٻڌن نه سڻن ٻوڙآ ڪنهن جي نه ڪڍن ڪاڻ
حقيقت ۾ حال جو سمر کڻج ساڻ
پسي موج مجاز جي طلب طريقن تاڻ
عاجز ڀلي ماڻ شاهي شان شريعت جو
عشق مجاز آ ڄڻ سامونڊي سفر
گهڙي اِن گهيڙ ۾ تارُن جيئن تر
سانگو نه ڪر ساه جو وره وندر ڪر
هجر ۾ حبيب جي جال وهائي جر
عاجز ڀانئج نه ڀر اُنهون اٿئي عميق ۾
محبتي ميدان ۾ عاشق روئن زارو زار
ڪڙو ڪنجي نه ڪلف کُليو عجب اسرار
پچي پتنگ وانگر ڪر پرين جي پچار
ته عشق ٿئي آڌار محب ملي تو محبتي
عشق اصل آه سندو سورن سمر
حال وڃائي حال ۾ ڏکن کي تون ڏر
ڪڍي ڪچ ڪوڙ کي ڌوئي ڇڏ اندر
ته ٿئين تون امر عاجز اُجري عشق ۾