مهاڳ : عبدالقادر جوڻيجو
اسان وٽ سنڌي زبان ۾ اڪثر طور تي ڌيان ادب ڏانهن هوندو آهي يا وري سياست ڏانهن رُخ هوندو آهي. اهي ٻئي ڪم چڱا، پر اسان وٽ جنهن شئي جي وڌ ۾ وڌ کوٽ پاتي وڃي ٿي، اها آهي سماجي روين جي باري ۾ ڪتاب لکڻ. مير نادر علي ابڙو هن ڪتاب ۾ اها کوٽ پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪا وڏيءَ حد تائين هڪ ڪاميابي جي نشاني آهي.
مير نادر علي ابڙو جي هن ڪتاب ’’مايوسين جي ميڙن کان اُميدن جي ميلن تائين‘‘ ۾ ڪُل 30 مضمون موجود آهن، جيڪي آهن ته سنڌي سماج جي باري ۾ پر لکڻ جو انداز تخليقي آهي، سو ائين چئي سگھجي ٿو ته هي ڪتاب سماج ۽ تخليق جو ميلاپ آهي ته جيئن ادب پڙهندڙ جي به هن ڪتاب تائين رسائي هجي ته ٻئي پاسي سماج جا پرت به کُلندا وڃن. هي هڪ تجرباتي ڪتاب آهي. هن ڪتاب جي هڪ اها به خوبي آهي ته هيءُ ڪتاب ليکڪ پنهنجي محبوب والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو يادگار ڪاميٽي طرفان شايع ڪيو ويو آهي، جيڪو عمل سندس والد جي ياد به ڏياري ٿو.
اڪثر طور تي اهو به ڏٺو ويو آهي ته جيڪي به ڪتاب سماجي روين جي باري ۾ لکيا ويا آهن، اُهي گھڻو ڪري ڏکي ٻوليءَ ۾ هوندا آهن يا وري اهڙن ڪتابن ۾ ٻين ٻولين جي ڀرمار هوندي آهي پر مير نادر علي ابڙو جو هيءُ ڪتاب تمام آسان سنڌيءَ ۾ لکيو ويو آهي. ڪتاب جيئن ته سماج جي باري ۾ آهي، انهيءَ ڪري هن ڪتاب ۾ اهو خيال پاتو وڃي ٿو ته هيءُ ڪتاب گھڻن هٿن تائين پهچي سگھي ۽ گھڻا ماڻهو هن ڪتاب مان لاڀ پرائين. هن ڪتاب ۾ گھڻا مضمون اهڙا آهن، جن تائين عام ماڻهن جي رسائي ڪانهي، انهن مسئلن تان به پردو کنيو ويو آهي ته جيئن عام ماڻهو به اهي سماجي يا انتظامي مامرا چڱيءَ طرح سمجھي سگھي. ايتري قدر جو مير نادر علي ابڙو هن ڪتاب ۾ پنهنجي کاتي کي به بخش ڪونه ڪيو آهي. اها سندس جي جرئت آهي نه ته اڪثر آفيسر پنهنجي کاتي جو ڀرپور انداز ۾ بچاءَ ڪندا رهندا آهن.
ڪتاب ’’مايوسين جي ميڙن کان اميدن جي ميلن تائين‘‘ ۾ مير نادر علي ابڙو جي اها به خوبي نظر اچي ٿي ته سندس لکيل مضمونن ۾ وڏي پئماني تي ورائٽي ملي ٿي نه ته ههڙي قسم جي اڪثر ڪتابن ۾ ائين ٿيندو رهندو آهي ته مضمونن جا عنوان ته ڌار ڌار هوندا آهن، پر پڙهڻ کان پوءِ لڳندو آهي ته سڀني مضمونن ۾ هڪ ئي ڳالهه بار بار ورجايل هوندي آهي. ايئن اهڙا ڪتاب پڙهندڙ کي رت ڪري ماريندا آهن، پر هن ڪتاب ۾ مضمونن جي ورجاءُ کان هٽي ڪري مضمونن ۾ ورائٽي پئدا ڪئي ويئي آهي ته جيئن پڙهندڙ ڪڪ ٿي ڪتاب هٿ مان نه ڪڍي.
هن سڄي ڪتاب لاءِ اهو چئي سگھجي ٿو ته هيءَ ڪتاب هڪ خوبصورت گلدستي وانگر آهي، جيڪو مير نادر علي ابڙو وڏي محنت سان جوڙيو آهي. هر گُل ٻئي گُل کان ڌار نظر ٿو اچي.