ڪالم / مضمون

مايوسين جي ميڙن کان اميدن جي ميلن تائين

مير نادر علي ابڙو جي هن ڪتاب ’’مايوسين جي ميڙن کان اُميدن جي ميلن تائين‘‘ ۾ ڪُل 30 مضمون موجود آهن، جيڪي آهن ته سنڌي سماج جي باري ۾ پر لکڻ جو انداز تخليقي آهي، سو ائين چئي سگھجي ٿو ته هي ڪتاب سماج ۽ تخليق جو ميلاپ آهي ته جيئن ادب پڙهندڙ جي به هن ڪتاب تائين رسائي هجي ته ٻئي پاسي سماج جا پرت به کُلندا وڃن. هي هڪ تجرباتي ڪتاب آهي. هن ڪتاب جي هڪ اها به خوبي آهي ته هيءُ ڪتاب ليکڪ پنهنجي محبوب والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو يادگار ڪاميٽي طرفان شايع ڪيو ويو آهي، جيڪو عمل سندس والد جي ياد به ڏياري ٿو.
Title Cover of book مايوسين جي ميڙن کان   اميدن جي ميلن تائين

ويا مور مري

ٿر جي حوالي سان اڄڪلهه هڪ اهم خبر اخباري توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا جي دنيا ۾ وڏي واڪي هلي پئي ته ٿر جو ناياب پکي مور مري رهيو آهي. اها خبر ڪيڏي درد ڀري ۽ توجهه لائق آهي، تنهن کي اهي ماڻهو سمجهي سگهن ٿا، جن ڪڏهن مور پکي جي حسن کي پرکيو هجي. مور صدين کان ٿر جي سڃاڻپ، سونهن بڻيل رهيو آهي ته اتي هن پکي جي ٿر ۾ تمام گهڻي عزت آهي ۽ ٿر جي گهڻن علائقن جا ماڻهو چاهه وچان مور کي پاليندا آهن، نه ته هي جهنگ جو ولر ٿر جي وارياسي ڀٽن ۾ ڪنهن حسين خواب جيان خيال لڏي گم ٿي ويندو آهي. مور جي رقص ۽ ڊانس اهڙي آهي جو گهڻن جا نيڻ هن کي ڏسي حسرت ڀريل اکڙين کان مور کي تڪيندي رهجي ويندا آهن. ڪنهن دؤر ۾ سنڌ جي لوڪ گيتن جي حوالي سان مشهور فنڪاره جيجي زرينه بلوچ به مور جي ٽلڻ جي حوالي سان هڪ سهرو ڳايو هو، جيڪو اڄ ڏينهن تائين مشهور آهي ته ’’راڻا راڻا مور ڀلي ٿو ٽلي، مامن جي ڪلهي، چاچن جي ڪلهي، راڻا راڻا مور ڀلين ٿو ٽلي‘‘ پر اهو ٽلندڙ پکي اڄ زندگي موت جي چو واٽي تي پساهه پيو کڻي، جيڪا ڳالهه تمام وڏي ڏک لائق آهي. اهو نچندڙ پکي ائين موت پيو مري جيڪو ڪڏهن ڪنهن جي خواب ۽ خيال ۾ به نه هو ته ٿر جا مور اهڙي بيدردي سان مري ويندا. هن کان اڳ ڪڪڙين ۾ به ضرور برڊ فلو جي حوالي سان بيماري جي خبر هلي هئي پر مورن ۾ بيماري ڇرڪائڻ جهڙي ڳالهه آهي، تنهن کي ڀلا ڪير ٿو سمجهي سگهي سواءِ آسرن ۽ وڏين ڳالهين ڪرڻ جي.
مور جي موت تي رڳو هتي ڪجهه ٽيمن انهن علائقن ۽ ڳوٺن ۾ پهتيون آهن، جن بيمار مورن جي رت جا سيمپل به ورتا آهن، جن کي چيو پيو وڃي ته ليبارٽري ٽيسٽ لاءِ اماڻيا ويا آهن. جنهن ٽيسٽ وسيلي چيو پيو وڃي ته اهو پتو پئجي سگهندو ته مورن ۾ اها بيماري ڇا جي ڪري پيدا ٿي آهي. ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته بيماري ۾ ورتل مورن جي اکين جو نور هليو ٿو وڃي ۽ اهي انڌا ٿا بڻجي پون، ڦڦڙ ڪم ڇڏيو ٿا ڏين. دل ڪم نه ٿي ڪري، جنهن ڪري هو مريو ٿا وڃن، هيل تائين الائجي ڪيترائي مور هن بيماري جي ور چڙهي مري ويا آهن ۽ جهنگ جو اهو پکي تيزي سان مرندو پيو وڃي ۽ وري به هن جي تحفظ لاءِ ڪجهه به حقيقي نموني سان ناهيون ڪري سگهيا ۽ نه وري ڪو پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. نه ته هيل تائين نه ڄاڻ ڪيتريون ئي اين جي اوز ٿر جي نالي تي جيڪي ڪاروبار ٿيون ڪن اهي ضرور هن جي نالي پويان ڪجهه ريليون ڪڍائي تصويري سيڪشن ڪرائي ٻاهرين ملڪن کان انهن کي ڪيش ڪرائي ڊالر ڪمائڻ لاءِ ضرور روڊن تي نڪرن ها پر ڪمال جهڙي ڳالهه اها به آهي ته مور جهڙي مرندڙ پکي تي هن جي تحفظ لاءِ ڪجهه به ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. ٿر ۾ هڪ اهڙي به اين جي اوز آهي، جيڪا مورن جي نالي تي ڪاروبار ڪري ٿي ۽ انهن جي تحفظ ۽ واڌ ويجهه لاءِ ڊالر ميڙي رهي آهي پر مور جي تحفظ جي حوالي سان هن جو جيڪو ڪردار آهي، اهو معنيٰ خيز بڻيل آهي.
مور جي تحفظ جي حوالي سان اين جي اوز کي ڇڏي ڪري اسان به گهڻو ڪجهه ڪري پيا سگهون پر هن رستي ۾ سچائي جي ضرورت آهي پر بدقسمتي سان اها سچائي اسان وٽ گهٽ ڏسجڻ ۾ اچي ٿي ۽ هر شيءِ ڪاروبار بڻجي چڪي آهي، جنهن ڪري اسان هر دؤر ۾ ڀوڳيون ٿا ۽ هن جو ئي نتيجو آهي جو اڄ مور مرن پيا ۽ اسان پيا ڏسون پر اسان اها جرئت ناهي ڪئي جيڪا پڻ ڪمال جي ڳالهه آهي. هونئن به فطرتي حسن جي لحاظ کان ٿر بي مثال ۽ لاجواب آهي، جڏهن منهنجي بطور سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ پهريون ڀيرو مقرري ٿرپارڪر ايٽ مٺي ۾ ٿي ته نئون ڪوٽ کان مٺي ايندي وچ روڊ ۾ ڪيترن ئي مور پکين منهنجي آجيان ڪئي ۽ مون انهن کي مستي ۾ رقص ڪندي ڏٺو. انهن جي رقص جا عڪس اڄ به نيڻن ۾ تازا آهن. انهن جو ٽلڻ ۽ جيئڻ جا سڀئي خواب مئل آهن، جيڪو آئون سانڍي ويٺو آهيان. ٿر جي حوالي سان بابا مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جڏهن ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ٿرپارڪر ايٽ ميرپورخاص هو ۽ ان دؤر ۾ عمرڪوٽ ۽ مٺي ضلعي ميرپورخاص سان لاڳاپيل هئا. تنهن دؤر ۾ بابا مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو مون کي ٿر گهمايو هو ۽ گهمڻ مهل مون کي چيو هو ته سنڌ جي اصل سڃاڻپ، ثقافت ۽ قدرتي حسن سڀ نظارا ٿر ۾ آهن. ان وقت آئون ننڍو هوس، جڏهن وڏو ٿيس ۽ بطور سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ ٻه ڀيرا جڏهن مقرري ٿرپارڪر ايٽ مٺي ۾ ٿي ۽ ٿر ڏٺو. ٿر جي هر واهڻ وستي گهمي ڏٺي سين ته مون کي بابا مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جا ڪيترائي سال اڳ چيل اهي لفظ بلڪل حقيقت ۾ نظر آيا پر انهن سڀني ڳالهين سان گڏ ٿر جو مور پکي به ٿر جي سڃاڻپ رهيو آهي. اڳ اهي به ڳالهيون ٿر ۾ لڪڙتار طور مشهور رهيون آهن ته ٿر جي مور کي کڻي مختلف ماڻهو بالا آفيسرن کي گفٽ طور ڏين ٿا ۽ ايتري تائين جو مور جا آنا به محفوظ نه آهن، اهي به ڳالهيون مون بطور سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ مٺي ۾ رهڻ دوران مختلف ڳوٺاڻن جي واتان ٻڌيون هيون ته ٿر ۾ مور جي نسل ڪشي ٿي رهي آهي ۽ بعد ۾ هن حوالي سان اخباري خبرون به اينديون رهيون آهن، جن ڳالهين کي خير هر ڪنهن برداشت ته ڪري ورتو پر بيماري کي ڀلا ڪيئن برداشت ڪري سگهجي ٿو، جيڪر اها بيماري هن نموني سان هلندي رهي ته ٿر ۾ مور پکي جو نسل مڪمل طور تي ختم ٿي ويندو، جيڪا ڳالهه ڪنهن به ريت برداشت جوڳي نه آهي ۽ هر حساس دل ۽ حسن جو پياسو ماڻهو هن مور جهڙي پکي جي اهڙي بيدردي سان موت کي نه قبوليندو، ڇو جو اهو پکي خدا جي ولين ۽ انهن جي درگاهن جو عاشق آهي، جتي به خدا جا ولي، الله جا پيارا آرامي آهن، هو اتي وڃي حاضري ڏيندو آهي ۽ هي پکي صوفي اعظم محبتن جو درس ڏيندڙ پکي آهي، تنهن جي نسل کي بچائڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي ڪجهه ٿيڻ کپي ۽ هن وقت جمهوري حڪومت آهي ۽ ٿر مان چونڊيل تمام عوامي نمائندا ٿري عوام جي بهتري لاءِ جاکوڙين پيا. انهن نمائندن کي منهنجي نماڻي گذارش آهي ته هو هن واٽ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري مور جي ناياب نسل کي بچائين. نه ته مور ۽ مور جهڙن سهڻن ماڻهن جي موتن کي ڏسندي ڪنهن دؤر ۾ شاعرن جي سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي فرمايو هو ته:
ويا مور مري، هنج نه رهيو هيڪڙو

هلال پاڪستان، تعمير سنڌ، خبر ون، شام، ڪوشش، سنڌ، سوڀ، عبرت