ڪالم / مضمون

مايوسين جي ميڙن کان اميدن جي ميلن تائين

مير نادر علي ابڙو جي هن ڪتاب ’’مايوسين جي ميڙن کان اُميدن جي ميلن تائين‘‘ ۾ ڪُل 30 مضمون موجود آهن، جيڪي آهن ته سنڌي سماج جي باري ۾ پر لکڻ جو انداز تخليقي آهي، سو ائين چئي سگھجي ٿو ته هي ڪتاب سماج ۽ تخليق جو ميلاپ آهي ته جيئن ادب پڙهندڙ جي به هن ڪتاب تائين رسائي هجي ته ٻئي پاسي سماج جا پرت به کُلندا وڃن. هي هڪ تجرباتي ڪتاب آهي. هن ڪتاب جي هڪ اها به خوبي آهي ته هيءُ ڪتاب ليکڪ پنهنجي محبوب والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو يادگار ڪاميٽي طرفان شايع ڪيو ويو آهي، جيڪو عمل سندس والد جي ياد به ڏياري ٿو.
Title Cover of book مايوسين جي ميڙن کان   اميدن جي ميلن تائين

منهنجو ڀاءُ مير نادر علي ابڙو : زاهده تاج ابڙو

مان سمجھندي آهيان ته جيڪو اکرن سان عشق ڪندو آهي، اُهو ڪڏهن به تنها نه ٿو ٿي سگھي، اُن جي من ۾ ميلا مچيل رهندا، ڀلي پوءِ قلم سان اکر لکي يا ڪتاب منجھان اکر پڙهي. هي عشق نرالو آهي اکر اکر ۾ طلسم لڪيل آهي، جيڪو ان جي سحر ۾ وڪوڙجي ويو، جنهن اکرن ۽ لفظن منجهه جاءِ والاري ورتي تنهن جو ذهن فڪر انگيز ۽ اثر انگيز مواد سان ڀرجي وڃي ٿو. اکرن ۽ لفظن ۾ جادو آهي، جيڪي اڪيلائپ جي احساس کي ختم ڪن ٿا.
ڪتاب سان دوستي ڪڏهن به گھاٽي جو سودو نه ٿي سگھندي آهي، توڙي جو اڄ جي جديد سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو دؤر آهي، هٿ ۾ رکيل موبائل تي نيٽ ذريعي سڄي دنيا جا ڪتاب پڙهي سگھجن ٿا، شعور کي عام ڪندڙ انٽرنيٽ جو طريقو ڪيترو به لاڀائتو تيز انداز ڇو ڪين هجي پر ڪتاب پوءِ به ڪتاب آهي، هٿ ۾ ڪتاب کڻي پڙهڻ جو مزو ئي ٻيو آهي، اڄ جو هر ٻيو نوجوان موبائل کڻي سڄي دنيا جي معلومات ڪٺي ڪري ٿو پر نتيجو ڇا! جنهن نوجوان کان پُڇو ته ڪنڌ ۽ پُٺيءَ جي سُور ۾ ورتو پيو آهي، اسان ننڍپڻ کان ڪتاب پڙهياسين پر ڪڏهن به ڪنڌ ۾ سُور نه پرايو اهو آهي ڪتاب جو فائدو، جيڪو صحت لاءِ هرگز هاڃيڪار نه آهي.
ننڍپڻ تي ياد آيم ته مان ۽ مير نادر ننڍپڻ کان همسفر آهيون، ننڍپڻ جي واقعن کي ياد ڪندي مان پاڻ کي نادر کان ڌار ڪري نه ٿي سگھان. راند روند کان وٺي اسڪول وڃڻ تائين اسان ٻئي هميشه گڏ رهياسين، ڪتابن سان دوستي رکڻ اسان کي پنهنجي والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سيکاري، اسان جي گھر ۾ هڪ وسيع ناياب جديد لائيبرري هئي، بابا سائين اسان سڀني ٻارن کي اسان جي تعليمي ڪاميابين تي خوبصورت ڪتابن جا تحفا ارپيندا هئا، جن ۾ ادبي ۽ عملي ڪتابن کان علاوه قرآن شريف، شاهه جو رسالو، ڊڪشنريون به شامل رهيا. ننڍپڻ کان ئي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو اسان سڀني ٻارن کي هٿن ۾ ڪتابن جي طاقت ڏئي مضبوط ڪيو . اسان کي جاڳندي رڳو ڪتابن جا ڪٻٽ نظر نه ايندا هئا پر خوابن ۾ به ڪتاب هلچل مچائيندا هئا.
بابا سائين جي شخصيت ۾ اهڙي ڪا ڪشش هئي جو لوڪ پاڻ مرادو ڏانهنس ڇڪجي ايندو هو. ڪامريڊ جون ڪچهريون هند سنڌ ۾ مشهور رهيون آهن، انهن ڪچهرين ۾ سياسي، سماجي ۽ ادبي کيتر جو وڏو تعداد موجود رهندو هو. وڏيون وڏيون شخصيات بابا سائين جي حلقي ۾ رهيون. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، سوڀو گيانچنداڻي، رسول بخش پليجو، حميد سنڌي، ابراهيم جويو، شيخ اياز ، رشيد ڀٽي ۽ ٻيا به ڪيترائي انيڪ نالا آهن، جن جو ذڪر بابا سائين تي لکيل ڪتابن ۾ موجود آهي. انهن ڪچهرين ۾ اسان ٻار به اڪثر موجود رهندا هئاسين. نادر جي ڪچي ذهن تي انهن گھرين ڪچهرين جو وڏو اثر رهيو.
ڪامريڊ تاج محمد ابڙو اسان جو والد اسان لاءِ هڪ گھاٽي وڻ جي ڇانو جيان رهيو. بابا سائين جي ڪچهرين ۾ موتين جهڙن ماڻهن جي دانشمندانه ڪر نڪتن سان سينگاريل ماحول ۾ نادر جيڪي پل گذاريا ان اُتساهڪ ماحول نادر علي جي ذهن کي ڪچ مان ڪندن بڻائي ڇڏيو هو. انهن شخصيات جي بي لوث محبتن ۽ شعور جا انڊلٺي رنگ نادر جي شخصيت ۾ اوتجي ويا. هُو ڪو چلولو نوجوان نه هو، بابا سائين جي سگھاري شخصيت ۽ ماحول نادر علي کي باڪردار، ذهين، شائسته، سادگي پسند، مهذب ۽ دانشمندانه سوچ جي حامل شخصيت بڻائي ڇڏيو.
نادر علي ابڙو جڏهن قلم هٿن ۾ کنيو ته هن نامور شخصيات جون اُهي اڻ مٽ يادگيريون سهيڙيون جن سان مليو ۽ جيڪي مٿس اثر انداز رهيون. آهسته آهسته بعد ۾ سماج ۾ ٿيندڙ ناانصافين ۽ اجتماعي سماجي احساسن جي ترجماني لاءِ به ڪالم شروع ڪيائين. نادر علي کي آسپاس جي ماحول تي ڳوڙهي نظر رکڻ ۾ وڏي مهارت حاصل رهي آهي، ڪنهن سان ٿيندڙ ناانصافي هُن ڪڏهن به برداشت نه ڪئي. ان جو عملي توڙ به لڌو اٿائين ته وري قلم ذريعي شعور به اجاگر ڪندو رهيو آهي. جڏهن به هُن دک درد، ناانصافي، ناحق ۽ بک افلاس ڏٺو ته هُن قلم جي طاقت سان ان برائي کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪو ٻين جي اذيتن کي محسوس ڪري اُهو ئي اهو سڀ لکي سگھي ٿو.
نادر علي هڪ ديانتدار، ايماندار پوليس آفيسر آهي. هن وقت اينٽي ڪرپشن پوليس ۾ ڊائريڪٽر جي اعليٰ عهدي تي فائز آهي. پر هڪ عام ماڻهو لاءِ هُن کي نماڻائي ئي سندس شخصيت جي علامت آهي. تمام ٿورا ڪي اهڙا پوليس آفيسر هوندا جيڪي اديب هجن انهن ۾ نادر علي جو نالو ٽاپ آف دي لسٽ آهي.
نادر علي پوليس آفيسر آهي يقينن پنهنجي جاءِ تي سخت به آهي، پر هڪ پُٽ جي حيثيت ۾ هو امڙ جيجل تي ساهه صدقو ڪندڙ فرمانبردار پٽ آهي. مان ڀيڻ آهيانس مون لاءِ ٿڌي ڇانوَ آهي. اولاد ۽ ڀائڙن، ڀينرن لاءِ سچو دوست آهي، هڪ بهترين جيون ساٿي آهي، رشتن جي انهن بي لوث محبتن جي رنگن سندس شخصيت ۾ ويتر نکار پيدا ڪيو آهي.
نادر علي مون سان تمام گھڻو ويجھو رهيو آهي اسان ڀاءُ ڀيڻ جي دوستي جي حسناڪي ساهه ۾ سانڍڻ جھڙي رهي آهي، تنهنڪري نادر عليءَ جو هي ٽيون ڪتاب اچڻ تي مونکي دل جي گھرائين سان مسرت ٿي رهي آهي. شروع کان وٺي مونکي نادر عليءَ جا ڪالم موهيندا رهيا آهن هو ڪالمن کي ڪٿا جيان پيش ڪندو آهي، لکڻ جو منفرد انداز، اهميت، نفيس نثر، نرالن موضوعن جي فراواني، لفظن جي رواني ۽ منظر ڪشي اهڙي رکندو آهي جو اهو ناممڪن آهي ته ڪالم شروع ڪجي ۽ اڌ ۾ ڇڏي ڏجي.
هن ڪتاب ۾ به ڪالم اهڙائي ناياب رکيا اٿائين، ڪٿي درود جي فضيلت ته ڪٿي وري اينٽي ڪرپشن جي معلومات ٿو ڏي، ته ڪٿي جدوجھد کان وانجھيل سماج ٿو ڏيکاري ته ڪٿي وري ٿر جون يادون ۽ وسڪارو ٿو بيان ڪري ته ڪالمن ۾ گھرائي ۽ دلچسپي ايتري اٿس جو ان مهارت تي کيس داد ڏجي.
نادر علي رڳو قلم جو جادوگر نه آهي بلڪ هُو گفتار ۾ به پنهنجو مٽ پاڻ آهي، سندس تقريرون به ٻڌڻ وٽان آهن، تقريرن ۾ سندس لفظن جي جذباتيت پوري پنڊال کي ساڪن ڪري ڇڏيندي آهي.
مون کي يقين آهي ته نادر علي جو هي قلمي پورهيو سنڌي ادب ۾ تمام سٺي ۽ مٿاهين جاءِ ماڻيندو ۽ سندس ڪوشش اڃا جاري رهندي، ڇو ته مونکي خبر آهي ته نادر علي انتهائي محنتي جاکوڙي ماڻهو آهي. مون ڪڏهن به هن کي وقت وڃائيندي چپ ڪري ويهندي نه ڏٺو آهي. هُو هر وقت محنت ڪندو رهي ٿو ۽ محنت الله کي پسند آهي، پنهنجي نوڪريءَ جي فرض کي به پوري توجه سان نڀائي رهيو آهي ته ادب جي سفر جي منزل ڏانهن به وڌي رهيو آهي.
منهنجي دعا آهي ته منهنجو ڀائڙو اڃان وڌيڪ ترقي ڪري ۽ عزت افزائي ماڻي.
سندس ڪاميابين جو سفر جاري ۽ ساري رهي. (آمين)