ڪالم / مضمون

مايوسين جي ميڙن کان اميدن جي ميلن تائين

مير نادر علي ابڙو جي هن ڪتاب ’’مايوسين جي ميڙن کان اُميدن جي ميلن تائين‘‘ ۾ ڪُل 30 مضمون موجود آهن، جيڪي آهن ته سنڌي سماج جي باري ۾ پر لکڻ جو انداز تخليقي آهي، سو ائين چئي سگھجي ٿو ته هي ڪتاب سماج ۽ تخليق جو ميلاپ آهي ته جيئن ادب پڙهندڙ جي به هن ڪتاب تائين رسائي هجي ته ٻئي پاسي سماج جا پرت به کُلندا وڃن. هي هڪ تجرباتي ڪتاب آهي. هن ڪتاب جي هڪ اها به خوبي آهي ته هيءُ ڪتاب ليکڪ پنهنجي محبوب والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو يادگار ڪاميٽي طرفان شايع ڪيو ويو آهي، جيڪو عمل سندس والد جي ياد به ڏياري ٿو.
Title Cover of book مايوسين جي ميڙن کان   اميدن جي ميلن تائين

سنڌي اخباري دنيا کان اين جي اوز جي نگر تائين

سنڌ جيڪا ڪنهن زماني ۾ امن ڀائيچاري محبتي ماڻهن ميلن،ملاکڙن جو ڏيهه هو هاڻ ائين ناهي رهي لڳي ٿو ته هن درويشن صوفين ۽اوليائن ڪرامن جي ڌرتي کي ڪنهن جي بد نظري لڳي چڪي آهي، ماڻهو انسانيت جي دائري جا ليڪا لتاڙي ماضي وساري هڪ ٻئي پويان ڪات ڪهاڙا اڀا ڪري ٿا پيا هلن، اخباري خبرون پڙهندي ۽ صحافتي دنيا جي صفن ۾ بيٺل سنڌ جي تصوير ڏسڻ مهل دل چوندي آهي زور سان رڙيون ڪجن، ماتم ڪجي ۽ ماڻهن کي ٻڌائجي ته اوهان هي ڇا پياڪيو، ڇو ٿا ماڻهو ماريو ۽ ڪنهن جي گلن جھڙي جيون ۾ زهر اوڳارو آئون تمام حساس طبيعت جو ماڻهو آهيان ۽ اهڙيون ڳالهيون لک ڪوششون ڪرڻ باوجود برداشت ناهيان ڪري سگھندو پر ڇا ڪجي اکيون ٻوٽي زهر جو ڍڪ ڀري جڏهن ڪجهه ڪري ناهيان سگھندو ته قلم کي پنهنجو ساٿي بڻائي انهيءَ تي لکڻ جي ڪندو آهيان هاڻي هتي جي اخباري رپوٽنگ موجب هاڻوڪي سنڌ کي ڏسبو ته گھڻو ڪجهه تبديل ٿيل نظر ايندو پر اها حقيقت آهي ته رڳو هڪ ڏينهن ۾ سڀ ڪجهه ٿيو آهي، جيڪو ڪنهن به قدر ۽ حساب سان انسانيت جي دائري ۾ شمار نه ٿو ٿئي، رڳو هڪ ڏينهن جي اندر سنڌ جي باگڙجي ڪچي واري علائقي ۾ ڪارنهن جي الزام هيٺ ٽن عورتن کي قتل ڪيو ويوآهي ته ساڳي ئي علائقي باگڙجي ۾ مڙس تشدد بعد پنهنجي زال جا وار ڪٽيا آهن ته وري نصير آباد ۾ بلقيس خاتون کي اغوا ڪيو ويو. جنهن لاءِ جرڳو ٿيو ۽ 350000 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو. هڪ طرف هيءُ ته ٻي طرف سنڌ جي ٽي نمبر وڏي شهر سکر مان انٽر جي شاگردياڻيءَ کي شادي جي دعوت بهاني سان وٺي وڃي مسلسل 6 ڏينهن تائين جنسي ڏاڍ جو نشانو بڻايو ويو. ٻي طرف اها خبر به اهم بڻيل آهي ته سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي مان هڪ پوليس آفيسر جي نوجوان ڌيءَ کي اغوا ڪيو ويو آهي. سمورا واقعا رڳو هڪ ڏينهن ۾ ٿيا آهن. جيڪي اسان وٽ اخباري رپوٽنگ وسيلي پهتا ۽ هن کان هٽي ڪري کوڙ ٻيا به اهڙي قسم جا واقعا ٿيا هوندا جيڪي اسان جي راڄ جي چڱن مڙسن وچ ۾ پئي اتي ئي دٻائي ڇڏيا هوندا، انهن خبرن جي دائري ۾ ويهي سوچيو ته هاڻوڪي سنڌ ڪٿي بيٺل آهي، اهي واقعا ۽ حادثا ڪنهن به طرح کان اسان جي صحت مند سنڌ لاءِ چڱا ناهن، اسان کي هن وقت کان ئي مثبت سوچن کي جنم ڏيڻ لاءِ رٿائون جوڙڻيون پونديون، ٻيهر محبتن جا ميلا آباد ڪرڻ لاءِ مرڪون تقسيم ڪرڻيون پونديون. هي مارا ماري، جنسي رانديون، اغوا جون وارداتون ڇا لاءِ ٿيون ڪيون وڃن جڏهن ته اسان کي اها خبر آهي ته سنڌ ڌرتي اها آهي جتي ڪنهن عورت سان زيادتي ڪندڙ کي بزدل سمجھيو ٿي ويو تنهن پڄاڻان ڪو ماڻهو ڪنهن عورت سان ڪريل حرڪت ڪري ويهي رهندو هو ته هن کي سنڌ ۾ مڙس ماڻهو نه سمجهيو ويندو هو، ايستائين جو سنڌ جي ڪچي وارن علائقن ۾ ڪجهه اهڙي قسم جا واقعا ڌاڙيلن هٿان ٿيا جن ۾ مڙس مرد ماڻهن کي اغوا به ڪيو ويو ان سان ڦر به ٿي پر اتي موجوده عورتن جو ڌاڙيلن نانءُ نه ورتو ۽انهن جي عزت ڪئي پر هي سڀ هاڻ لڳي ٿو ته اسان وٽ تبديل ٿي چڪو آهي. ماڻهن جي اندر ويٺل انسانيت زهر جا ڍڪ ڀري آپگھات ڪري ڇڏيو آهي، تڏهن ته اهڙي قسم جا ڪريل واقعا پيش ٿا اچن، اهڙن واقعن ڪارڻ جتي اسان جي سنڌ جي نصيب ۾ بدناميون لکيون ٿيون وڃن ته اتي سنڌ ۾ سرگرم اين جي اوز جا ماڻهو اهڙن واقعن ۽ خبرن کي اسلام آباد ۽ ڪراچي ۾ ڪيش ڪرائي پروجيڪٽ ٿا وٺن ته سنڌ ۾ سڀ ٿئي پيو ۽ اسان انهن واقعن جي روڪٿام ۽ سجاڳي آڻڻ لاءِ اين جي اوز پاران مهم هلائڻ ٿا چاهيون ۽ پوءِ اهي ڏوڪڙ ٿا حاصل ڪن هن وقت اها صورتحال آهي جو سنڌ ۾ روز ٿيندڙ واقعا ۽ حادثا ڪافي اي جي اوز لاءِ روزگار جو سبب بڻيل آهن پر اهڙيون شيون سنڌ جي خطي لکڻ ساڻ بدناميءَ جو ٽِڪو لڳي ٿو. اين جي اوز جيڪي به هن وقت مختلف اشوز تي سنڌ ۾ سرگرم آهن اهي ڪيستائين ڪامياب ۽ ناڪام رهيون آهن جي هن حوالي سان سروي ڪبي ته چڱا خاصا ماڻهو پريشان ٿي ويندا، سواءِ انهن کي وڏن سائين بورڊن ۽ ويلڪم ۽ خداحافظ وارن لفظن ۽ انهن جي عاليشان آفيسن جي ٻيو ڪجهه به نظر نه ايندو پر تنهن هوندو به اسان وٽ ڪم ڪندڙ اين جي اوز جا ساٿي خوش آهن ته اهي تمام وڏو ڪم پيا ڪن پر اسان جهڙن ماڻهن کي ته انهن جو ڪم ڪٿي نظرنه ٿو اچي.
اهڙي طرح سان سنڌ ۾ عورتن جي نانءُ تي به سنڌ ۾ ڪافي تنظيمون سرگرم آهن، پر انهن جو ڪم رڳو اخباري بيان بازي تائين ڏسجڻ ۾ اچي ٿو. هاڻ جي انهن جي پس منظر ۾ ويهي سوچجي ته هيل تائين انهن اين جي اوز سنڌ کي ڇا آهي ڏنو ۽ ان کان ڇا آهي ورتو ته اسان کي گھڻو ڪجهه نه سمجهڻ باوجود به سمجهه ۾ اچي ويندو پر ڳالهه وري به پرکڻ جي آهي اين جي اوز جا دوست سنڌ جا سور ڪيش ڪرائي روزگار جا وسيلا تراشن ٿا اهو ئي انهن جو مين ۽ وڏو مقصد ڏسجڻ ۾ اچي ٿو. پرهاڻ اسان کي پنهنجو پاڻ کي سجاڳ ڪرڻو پوندو ۽اندر ۾ ويٺل انسانيت واري جذبي کي ٻيهر جيئارڻو پوندو ۽ جتي به جنهن علائقي ۾ اهي واقعا قتل، اغوا، ڪاروڪاري، مارا ماري، جنسي زيادتيون ٿين ٿيون، اتي جي سڄاڻ حلقن کي بيدار ٿي پنهنجي علائقي ۾ انهن ماڻهن وٽ وڃڻ کپي ۽ انهن کي انسانيت جي قدر ۽اڳوڻي صوفين ولين جي امن ۽ محنتي ماڻهن واري سنڌ ياد ڏيارڻي پوندي ۽ انهن کي سچل، قلندر، شاهه، سامي جا پيغام ياد ڏيارڻا پوندا جي اسان ائين ڪرڻ ۽ انهيءَ مهم ۾ ڪامياب وياسين ته ٻيهر ڪڏهن به اخباري دنيا ۾ هاڻوڪي سنڌ اسان کي نظر نه ايندي ۽ اسان جي سامهون هڪ دفعو وري سچل، قلندر، سامي ۽ شاهه واري اها ئي محبتن ۽ امن ڀري سنڌ هوندي.

تعمير سنڌ، سنڌ، مهراڻ، سوڀ