ڪالم / مضمون

مايوسين جي ميڙن کان اميدن جي ميلن تائين

مير نادر علي ابڙو جي هن ڪتاب ’’مايوسين جي ميڙن کان اُميدن جي ميلن تائين‘‘ ۾ ڪُل 30 مضمون موجود آهن، جيڪي آهن ته سنڌي سماج جي باري ۾ پر لکڻ جو انداز تخليقي آهي، سو ائين چئي سگھجي ٿو ته هي ڪتاب سماج ۽ تخليق جو ميلاپ آهي ته جيئن ادب پڙهندڙ جي به هن ڪتاب تائين رسائي هجي ته ٻئي پاسي سماج جا پرت به کُلندا وڃن. هي هڪ تجرباتي ڪتاب آهي. هن ڪتاب جي هڪ اها به خوبي آهي ته هيءُ ڪتاب ليکڪ پنهنجي محبوب والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو يادگار ڪاميٽي طرفان شايع ڪيو ويو آهي، جيڪو عمل سندس والد جي ياد به ڏياري ٿو.
Title Cover of book مايوسين جي ميڙن کان   اميدن جي ميلن تائين

هڪ نئين صبح جي ڳولها ۾ سنڌ جو پورهيت

پهرين مئي جو اڄوڪو ڏينهن تمام وڏي اهميت رکي ٿو، هيءُ ڏينهن انهن انسانن جي نانءُ آهي، جن جي محنتن ۽ پورهيت هٿڙن ڪارڻ اسان جي ديس جون مرڪون قائم ۽ دائم آهن. اڄ جتي پوري دنيا جي مزدور برادري گڏجي انهيءَ ڏينهن جي ياد کي تازو ڪندي پنهنجي حقن جي حفاظت ۽ يادگيرين لاءِ ريليون پئي ڪڍي ته اتي وري اسان جي ملڪ جي مزدور برادري انهيءَ ڏينهن جي اهميت کي سمجهندي ريليون ڪڍي رهي آهي. اڄ يومِ مئي جي حوالي سان پوري دنيا جي مزدور برادري اهميت کي اجاگر ڪيو ويندو، تاريخي سچائي آهي ته ڪنهن ملڪ جي ترقي ۾ هتي جي مزدور برادري جو تمام وڏو هٿ رهندو آيو آهي. اسان جي ملڪ جي پورهيت برادري به ڪنهن کان گهٽ ۽ پٺتي ناهي رهي، رات ڏينهن هڪ ڪري ملڪ جي خدمت ڪئي آهي.
اڄ جيڪي اسان وٽ زندگي جون آرائشون ۽ سهولتون موجود آهن اهي سموريون انهن پورهيتن جي هٿن جو ئي ڪمال آهي، اچو ته اڄوڪي امر عظيم ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي ملڪ جي مزدور برادريءَ سان اهو وچن ڪيون ته اسان انهن جي هر ڏک ۽ سور ۾ انهن جا ڀرجهلا ٿينداسين ۽ انهن پورهيتن جي ٻارڙن کي تعليم، صحت کان ويندي زندگيءَ جون سموريون سهولتون فراهم ڪري ڏيڻ پنهنجو وقت آهر اهم ڪردار ادا ڪنداسين ۽ انهن مظلوم غريب پورهيتن جي حقن جي حاصلات لاءِ رٿابندي ڪنداسين. اڄ پهرين مئي پورهيتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان اها به ڳالهه زير غور رکي سگهجي ٿي ته هن وقت پوري ملڪ ۾ بلدياتي نظام هيٺ سلسلو هلي ٿو پيو، ان لاءِ خاص طور تي ضلعي حڪومتون پنهنجي ضلعن ۾ مزدورن جي مسئلن کي حل ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ گڏوگڏ مختلف ڪاميٽيون پڻ تشڪيل ڏنيون وڃن، جيڪي انهن پورهيتن جي گهرن تائين پهچي انهن سان ملن، انهن جا مسئلا ٻُڌي ٿَڏي تي حل ڪن نه ته اڄوڪي ڏينهن جي اهميت رڳو ريلين، سيمينارن، تقريبن، تاڙين ۽ نعرن تائين ئي محدود رهندي ۽ ڪي به جوڳا نتيجا نه نڪري سگهندا جڏهن ته مزدور برادري پاران پنهنجي مسئلن جي حل لاءِ پڻ مختلف تنظيمون جڙيل آهن، پر اهي به هيل تائين غيرموزون ثابت ٿيون آهن، جنهن ڪري ئي مزدور برادريءَ جا مسئلا حل ٿيڻ بجاءِ وقت سان گڏ وڌندي نظر ٿا اچن، جيڪڏهن اهو سلسلو ايئن هلندو رهيو ته اهو مزدور طبقو ماڳئي غربت جي لڪيرن کان به ڪريل جيون بسر ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندو، انهيءَ لاءِ اسان کي هن وقت کان سوچي ڪجهه ڪرڻ لاءِ رٿابندي جوڙڻي پوندي تڏهن ئي وڃي ڪي نتيجا ملي سگهندا.
بابا مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جڏهن ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج هوندا هئا ته ان وقت ۾ کين ڪو مزدور ملندو هو، انهيءَ وقت ۾ پاڻ هن کي فوري انصاف وٺرائي ڏيندا هئا ۽ انهيءَ سان ٿيل زيادتيءَ جو ازالو ڪندا هئا ۽ ٻين جج صاحبان کي به هدايتون ڪندا هئا ته انهن مزدورن ۽ پورهيتن جا هٿ مضبوط ڪريو جيڪر انهن سان ڪو ناانصافي ڪري ٿو ته انهن کي سزائون ڏيو، ڇو جو اهو پورهيت طبقو اسان جو سرمايو آهي. انهن سمورين ڳالهين جو هتي ذڪر ڪرڻ تمام اهم هيو، ڇو جو اڄ مزدورن جو عالمي ڏينهن آهي انهيءَ ڏينهن تي هر انهيءَ ماڻهوءَ جو ذڪر ٿيڻ کپي جنهن مزدورن جي حقن جي حاصلات واري جنگ جوٽي. آئون وري به اڄوڪي ڏينهن تي سڀني ماڻهن کي پنهنجي پاران اها وينتي ڪندس ته انهن پورهيو ڪندڙن جو خاص خيال رکو، انهن جي هر ڏک سور ۾ ڀاڱي ڀائيوار رهيو، ڇو جو اهي پورهيت طبقو اسان جو انمول سرمايو آهي، پاڻ ڏکيا ڏينهن ڏسي اسان جي خوشين جي حاصلات واري جنگ پيو وڙهي، انهيءَ لاءِ انهن جي حقن جو تحفظ ڪرڻ اسان سڀني جو اولين فرض آهي.

عوامي آواز، خبرون، هلچل، مقدمو، هلال پاڪستان، سنڌ، مهراڻ، سنڌو، سُڪار، عبرت، تعمير سنڌ، خبرون، فيصلو