ڪالم / مضمون

مايوسين جي ميڙن کان اميدن جي ميلن تائين

مير نادر علي ابڙو جي هن ڪتاب ’’مايوسين جي ميڙن کان اُميدن جي ميلن تائين‘‘ ۾ ڪُل 30 مضمون موجود آهن، جيڪي آهن ته سنڌي سماج جي باري ۾ پر لکڻ جو انداز تخليقي آهي، سو ائين چئي سگھجي ٿو ته هي ڪتاب سماج ۽ تخليق جو ميلاپ آهي ته جيئن ادب پڙهندڙ جي به هن ڪتاب تائين رسائي هجي ته ٻئي پاسي سماج جا پرت به کُلندا وڃن. هي هڪ تجرباتي ڪتاب آهي. هن ڪتاب جي هڪ اها به خوبي آهي ته هيءُ ڪتاب ليکڪ پنهنجي محبوب والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو يادگار ڪاميٽي طرفان شايع ڪيو ويو آهي، جيڪو عمل سندس والد جي ياد به ڏياري ٿو.
Title Cover of book مايوسين جي ميڙن کان   اميدن جي ميلن تائين

عمرڪوٽ ضلعو ڪڏهن بحال ٿيندو ڪوٽ ته عمر ڪوٽ

1977ع ڌاران منهنجو والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سيشن جج ميرپورخاص ٿيو تڏهن ٿرپارڪر جو هيڊ ڪوارٽر ميرپورخاص هو ۽ چئبو هو ٿرپارڪر ايٽ ميرپورخاص. تڏهن هڪ ڏينهن بابا سائين مرحوم مون کي پاڻ سان گڏ عمرڪوٽ قلعو گهمائڻ لاءِ عمرڪوٽ وٺي آيو، تڏهن عمرڪوٽ شهر تمام ننڍڙو هو ۽ آبادي به اڄ کان تمام ٿوري هئي. انهيءَ ڳالهه کي به 26 سال گذري چڪا آهن، 26 سالن جي وٿيءَ کان پوءِ مون کي بحيثيت سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن عمرڪوٽ ڪري رکيو ويو، جتي مون پنهنجي زندگي جا ٻه سال گذاريا ۽ اهڙي طرح سنڌ جي هن پٺتي پيل ٿر جي علائقي کي چڱي طرح گهمڻ ۽ ڏسڻ جو باقاعده موقعو ميلو، جڏهن عمرڪوٽ پهتس ته مون کي 26 سال اڳ وارو عمرڪوٽ بنهه ٻيو لڳو، اڳ جي بنسبت آبادي تمام گهڻي ٿي چڪي آهي، روڊ رستا وڏا ٺهي چڪا آهن، اڳ ميرپورخاص کان عمرڪوٽ تائين پڪو رستو ڪونه هو پر هاڻي اها وڏي ڳالهه محسوس ڪيم ته عمرڪوٽ کي سڀ روڊ رستا ڏنا ويا آهن، عمرڪوٽ جو پاڙيسري تعلقو ڪنري آهي، جيڪو پوري ايشيا ۾ مرچن جي وڏي ۾ وڏي منڊي طور مشهور آهي.
انهي کان علاوه عمرڪوٽ جو ٻيو پاڙيسري تعلقو سامارو آهي، جتي جي زرخيزي ملڪان ملڪ مشهور اهي پر هاڻي سنڌ جي مجموعي طور پاڻي جي کوٽ جو اثر هتي به ٿيو آهي، تنهن ڪري سامارو تعلقو هاڻي زرخيزي جي لحاظ کان جيڪو سو ڪجهه گهٽ ۽ پٺتي پئجي ويو آهي، سامارو تعلقي جا مکيا فصل ڪمند، ڪڻڪ، اسپنگر، ڄانڀو، ۽ بصر وغيره آهن.
عمرڪوٽ جو ٽيون پاڙيسري تعلقو پٿورو آهي، جيڪو پير پٿوري جي ڪري پٿورو تعلقو سڏو وڃي ٿو، جتي پٿور ريلوي اسٽيشن پڻ آهي، پير پٿورو هند توڙي سنڌ ۾ هندو ۽ مسلمان جي نظر ۾ وڏو پير ليکيو وڃي ٿو، جتي هر سال ميلو وڏي ڌوم ڌام سان ملهايو ويندو آهي، تعلقي پٿوري جا مکيه فصل ڪڻڪ، مڪئي، ٻاجهر ۽ ڦٽيون آهن .
عمرڪوٽ سنڌ جو اهم ۽ تاريخي شهر رهيو آهي هي سنڌ جي گادي جو هنڌ پڻ رهيو آهي هن شهر عمرسومري بادشاهه جي دؤر ۾ تمام گهڻي مشهوري ماڻي جڏهن عمر سومري ٿر مان مارئي کي اغوا ڪري اچي عمرڪوٽ جي قلعي ۾ قيد ڪيو، مارئي غيرت مند نياڻي هئي سا ڪنهن به لالچ منجهه ڪونه آئي آخرڪار عمر سومري کي آڻ مڃڻي پئي ۽ مارئي پنهنجو ڳاٽ اونچو ڪري واپس پنهنجن ماروئڙن ڏانهن عزت، آبرو ۽ سلامتي سان واپس وئي، عمرڪوٽ سياست ۾ به سنڌ جي ٻين علائقن کان ڪنهن کان به گهٽ ڪونه رهيو آهي، عمرڪوٽ سنڌ کي تمام سٺا سياسي ماڻهو ڏنا آهن، جن ۾ سيد مظفر حسين شاهه، راڻا چندر سنگهه، نواب يوسف ٽالپر، عبدالواحد آريسر، علي مردان شاهه، ڊاڪٽر هرچند راءِ ۽ جادم مڱريو شامل آهن. عمرڪوٽ ادب جي لحاظ کان به ڪنهن طرح سان سنڌ جي ٻين علائقن کان گهٽ ڪونه رهيو آهي، هن سنڌ کي بيشمار ادبي شخصيتون ڏنيون آهن جن ۾ خان صاحب عبدالڪريم پلي، جمن دربدر ، معمور يوسفاڻي، حليم باغي، سردار شاهه، ارباب نيڪ محمد، ڊاڪٽر مير امان الله ٽالپر، غلام محمد ڪنڀر ۽ علي اڪبر راهمون شامل آهن.
عمرڪوٽ جي مٽي فنڪارن جي لحاظ کان به ڏاڍي اونچي رهي آهي، انهن فنڪارن منجهان شفيع فقير، مصري جوڳي، ڦوٽو جوڳي ۽ موهن ڀاٽ شامل آهين. جن ملڪ کان ٻاهر وڃي پاڪستان جو نالو مڃرايو آهي عمرڪوٽ رڳو عمر سومري ۽ مارئي جي ڪري ئي تاريخي ڪونه رهيو آهي پر هن جي مشهوري جو ٻيو سبب هندستان جي نامور بادشاهه اڪبراعظم جو عمرڪوٽ ۾ ڄمڻ آهي جنهن جي جاءِ پيدائش کي اڄ به ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ماڻهو ڏسڻ ايندا آهن ته حيرت ۾ پئجي ويندا آهن ته هندوستان جو هيڏو مشهور بادشاهه عمرڪوٽ ۾ ڄائو!
انگريز سرڪار جي دؤر ۾ 1936ع تائين ٿرپارڪر ضلعي جو هيڊڪوارٽر پڻ عمرڪوٽ ئي هيو پوءِ 1936ع ڌاران عمرڪوٽ کي ختم ڪري ميرپورخاص کي ٿرپارڪر جو ضلعي هيڊ ڪوارٽر بڻايو ويو، عمرڪوٽ جو بخت ۽ ڀاڳ وري ٻيهر 1993ع کان شروع ٿيو، جڏهن سنڌ جي مشهور سياسي ۽ سماجي شخصيت مرحوم سيد غلام حيدر شاهه جيڪو صوبائي وزير به هيو تنهنجو فرزند سيد مظفر حسين شاهه عمرڪوٽ جي مٽيءَ کي مان ڏيندي وزيراعليٰ سنڌ جي عهدي تي اچڻ شرط ئي عمرڪوٽ کي ضلعو بڻايو، جيڪو ڪجهه سال ته ضلعو رهندو آيو پر ضلعي جي ڌار بجيٽ منظور نه هجڻ سبب مالي کوٽ هجڻ ڪري سنڌ مان عمرڪوٽ ضلعي ۽ بلوچستان مان چئن ضلعن کي ختم ڪيو ويو، جيئن ته تازو ئي ملڪ جون واڳون سنڀاليندڙ وزيراعظم مير ظفرالله خان جمالي ٿيو آهي جنهنجو اڻ سڌي طرح سان گهڻو واسطو سنڌ ڌرتي سان رهيو آهي. هونئن به بلوچ سنڌي قوم جو اڻ ٽٽ حصو آهن، انهي جا تاريخي سبب ته تمام ئي گهڻا آهن پر هن مضمون ۾ انهيءَ تي ڪونه لکبو.
وزيراعظم پاڪستان ميرظفرالله خان جمالي بلوچستان جا چارئي ختم ٿيل ضلعا بحال ڪيا آهن ته سنڌ صوبي جو هي پٺتي پيل علائقو عمرڪوٽ ضلعي کي بحال ڪري ميرظفرالله خان جمالي سنڌ سان بلوچستان جي تاريخي ۽ قديمي رشتي کي نڀائيندي اڃان وڌيڪ سنڌ بلوچستان جو دوستاڻو رشتو مضبوط ڪري. عمرڪوٽ جي غريب عوام جون هاڻي شدت سان عمرڪوٽ ضلعي جو باني اڳوڻي وزير اعليٰ سنڌ ۽ هاڻوڪي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي سيد مظفر حسين شاهه ۽ وزير اعظم پاڪستان مير ظفر الله خان جمالي ڏانهن نظرون کتل آهن ته بلوچستان جي چئن ضلعن جي بحال ٿيڻ بعد ڪهڙي لمحي ٿو هي عمرڪوٽ ضلعو به بحال ٿئي.
بهرحال مون کي منهنجي پوسٽنگ (نوڪري) دوران جا سڪ، پيار ۽ قرب عمرڪوٽ (ٿر) جي عوام ڏنو سو فقط ۽ فقط منهنجي دل ئي ڄاڻي ٿي. جنهن جو مان اظهار لفظن ۾ نه ٿو ڪري سگهان واقعي به ٿر جا ماڻهو مٺڙا، سٻاجهڙا، يارويس، دريا دل، محبتي ۽ پر امن جهڙا ڪتابن ۽ تاريخ ۾ پڙهيا هيم، اهڙا ئي ماڻهو اکين سان ڏٺم.

هلال پاڪستان، عوامي آواز، عبرت، مهراڻ، هلچل، سنڌ، خبرون، ڪوشش، سنڌو، تعمير سنڌ

نوٽ: هن مضمون جي لکڻ کانپوءِ عمرڪوٽ ضلعو بحال ٿيو ۽ مونکي مڃتا ڏيندي، اڳوڻي وزير اعليٰ ۽ اسپيڪر سنڌ اسيمبلي سيد مظفر حسين شاهه ايوارڊ شيلڊ سرٽيفڪيٽ سان نوازيو.