ڪالم / مضمون

مايوسين جي ميڙن کان اميدن جي ميلن تائين

مير نادر علي ابڙو جي هن ڪتاب ’’مايوسين جي ميڙن کان اُميدن جي ميلن تائين‘‘ ۾ ڪُل 30 مضمون موجود آهن، جيڪي آهن ته سنڌي سماج جي باري ۾ پر لکڻ جو انداز تخليقي آهي، سو ائين چئي سگھجي ٿو ته هي ڪتاب سماج ۽ تخليق جو ميلاپ آهي ته جيئن ادب پڙهندڙ جي به هن ڪتاب تائين رسائي هجي ته ٻئي پاسي سماج جا پرت به کُلندا وڃن. هي هڪ تجرباتي ڪتاب آهي. هن ڪتاب جي هڪ اها به خوبي آهي ته هيءُ ڪتاب ليکڪ پنهنجي محبوب والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو يادگار ڪاميٽي طرفان شايع ڪيو ويو آهي، جيڪو عمل سندس والد جي ياد به ڏياري ٿو.
Title Cover of book مايوسين جي ميڙن کان   اميدن جي ميلن تائين

اڻ لڀ بڻيل اٽو ۽ عوام جا احتجاج

سموري ملڪ ۾ جتي سياسي هلچل متل آهي ۽ عوامي نمائنده جلسن ۽ ريلين جي صورت ۾ عوام آڏو وفائن جا گيت ڳائيندي نظر ٿا اچن ته انهي لمحن ۾ عوام اٽي جي لپ لاءِ روڊن تي احتجاج ڪندي نظر ٿو اچي ته ٻي پاسي وري واپاري لڏي اٽو مهانگو ڪري وڌو آهي ۽ ملڪ جي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ به اٽو ناياب بڻجي چڪو آهي. انهي اٽي جي کوٽ جهڙوڪ عوام کان جيئڻ جو حق به کسي ورتو آهي. عوام ويچارگي ۽ بيوسي وچان جيئڻ لاءِ اٽي جي لپ لاءِ ترسي ٿو پيو. پر ڇا آهي جو اسان وٽ هر مامري ۾ سنجيدگي گهٽ نظر اچي ٿي. جنهن سبب ئي ذخيره اندوزي ڪندڙ واپارين خلاف هيٺين سطح تي انتظاميه تحرڪ ناهي ورتو. جڏهن ته هن واٽ منجهه وفاقي ۽ سنڌ حڪومت چڱا اپاءُ ورتا آهن. پر تنهن باوجود به واپارين جي هڪ هٺي پنهنجي جاءِ تي ازل جيئان قائم آهي، هو ڪنهن جي ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهن، جيڪا ڳالهه سواليا نشان بڻيل نظر ٿي اچي.
هن کان اڳ واپارين جي مهرباني سان اسان وٽ کنڊ، گيهه، بصر جو به بحران پيدا ڪيو ويو هو ۽ انهي بحران مان ڪيترائي لک پتي واپاري ڪروڙ پتي بڻجي ويا پر اهي ئي هٿ وٺي بحران پيدا ڪن ٿا، جيڪر حقيقت کي ڏٺو وڃي ته انهي واپارين وٽ ايڏي انگ ۾ ڪڻڪ موجود آهي، جو هو پنهنجون ضرورتون پوريون ڪرڻ سان گڏ ٻاهرين ملڪن کي به فراهم ڪري سگهن ٿا، پر ڳالهه نيت ۽ سچائي جي آهي، جنهن کي بيدار ڪرڻو پوندو جيڪا اسان جي سماج ۾ سڪرات جو شڪار بڻيل نظر ٿي اچي، پر ڪي ماڻهو اڃا به آهن جيڪي هن راهه جا مسافر آهن.
مون کي ياد آهي ته جڏهن آئون ٿرپارڪر ضلعي مٺي جو سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن مقرر ٿيس ته اتي مون ٿري ماڻهن کي ڏٺو جيڪي ڪڻڪ جي اٽي جي هڪ ماني لاءِ مون کي ترسندي نظر آيا ۽ اتي فراهم ٿيندڙ اٽو ملاوٽي هجڻ سبب پيٽ جي بيمارين جو سبب به بڻيو آهي. جيڪڏهن انهي کوٽ جا پيرا کڻبا ته واپارين لڏي تي کٽي پوندا، تنهن لاءِ اڄ اها ڳالهه وقت سان گڏ محسوس ٿي ڪئي وڃي ته واپاري لڏي کي قانون جي دائري ۾ آڻڻ لاءِ حڪومت هيٺين سطح تي ٺوس قدم وٺي ۽ ذخيره اندوزي ڪندڙن کي قانون جي دائري منجهه آڻي انهن جي خلاف فوري ۽ تڪڙي ڪارروائي ڪري.
هن وقت اسان وٽ جيڪي ملڪي حالتون ۽ غربت آهي، انهي منجهه وري ذخيره اندوزي ڪري غريب عوام کي ڦرڻ ڪٿي جو انصاف چئبو، ڇو جو غربت ۽ بيروزگاري اڳئي ئي اسان جي سماج کي اڏوهي وانگر کوکلو ڪري چڪي آهي ۽ مٿان وري اها ذخيره اندوزي اسان جي سماج لاءِ موت بڻجي نروار ٿي پئي، انهي لاءِ يوسي، تعلقه ۽ ضلعي سطح تي مانيٽرنگ ٽيمون تشڪيل ڏنون وڃن، جيڪي پوليس ۽ انتظاميا سان گڏ واپارين جي ريٽ لسٽن جي جاچ ڪن ۽ حڪومت پاران مقرر ڪيل قيمتن کي برقرار رکڻ لاءِ اوچتيون ڪارروايون ڪري ريٽ چيڪ ڪن ته ڪنهن حد تائين ذخيره اندوزي ضرور ضابطي ۾ ڪري سگهجي ٿي پر هن سلسلي ۾ مقامي سطح تي ئي ڪوششون لاڀائتيون ثابت ٿي سگهن ٿيون. ضلعي حڪومتون به پنهنجو ڪردار هن واٽ منجهه جتي نڀائي سگهن ٿيون ته اتي وري اين جي اوز به پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون.
مذهبي حوالي سان به ڏسجي اسان جي مذهب ذخيره اندوزي کي ننديو آهي. اها ڳالهه اسان کي ڪجهه سمجهائڻ ٿي چاهي ته آخر اسان ڪنهن جي ذاتي مامرن تي سنجيدگي جو مظاهرو ڪڏهن ڪنداسين، ثواب ته پنهنجي کاتي ۾ لکي ٿا ويهون پر ناڪامي جو ذميوار حڪومت کي برقرار ڏيڻ سمجهه کان مٿي آهي، اسان جي پنهنجن مامرن تي سنجيدگي اختيار ڪيون ته پوءِ ڪوبه واپاري ذخيره اندوزي نه ڪري سگهندو ۽ نه ئي وري اسان وٽ اهي بحران پيدا ٿيندا.
مون کي ياد آهي ته بابا مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو اها ڳالهه ڀري بزم ۾ ڪندو هو ته سنڌ جون زمينون ايڏيون زرخيز آهن. جيڪي سموري ملڪ جون ضرورتون پوريون ڪري سگهن ٿيون، اسان جون زمينون ته اڄ به زرخيز ۽ ساڳيون آهن پر فرق رڳو نيتن جو آهي، جيڪڏهن اهي حالتون رهيون ته ايندڙ وقت اسان جو ماڻهو آپگهاتن جي واٽ وٺندو، جيڪا ڳالهه اسان جي سماج لاءِ ڪنهن به قدم قابل قبول نه اهي، هن مامري منجهه ملڪ اندر اٽي جي کوٽ جون خبرون ۽ عوام جا احتجاج ڳڻتي جوڳي مقام تي بيٺل نظر ٿا اچن ۽ اهي ان ٽاڻي سنجيدگي ڪراس ڪري ويندا آهن، جڏهن اسان جي واپاري ڀائرن منجهان لوڀ لالچ جي نشي ۾ احساسيت مري ويندي آهي ۽ انتظاميا وري به انهن خلاف ڪارروائي ڪري ٿي ۽ ذخيره اندوزي جي ڏوهه ۾ کين گرفتار ٿي ڪري ته پوءِ وري انهن جون ٺهيل يونينون ۽ تنظيمون انتظاميا کي بليڪ ميل ڪرڻ احتجاج ۽ هڙتال جي راند ٿيون کيڏن.
هن حالت ۾ انتظاميا گهڻي حد تائين مجبورن عوام جي مفاد خاطر احتياط کان ڪم وٺي ٿي، جنهن ڪارڻ واپاري لڏي جون من مستيون وڌنديون ٿيون وڃن ۽ هو وري ذخيره اندوزي تي لهي ٿو اچي ۽ ملڪ منجهه اٽي جي کوٽ به هن جي هڪ ڪڙي آهي.

سوڀ، شام، مهراڻ، عبرت، سُڪار، سنڌو، سنڌ، تعمير سنڌ،
هلال پاڪستان، عبرت