درود شريف جا فائدا
معلوم هجڻ گھرجي ته الله تعالى دريائن ۽ سمنڊن ۾ وڏيون وڏيون دولتون ۽ نٿمتون رکيون آهن. انهي دريائن ۽ سمنڊن ۾ ٽٻيون هڻڻ وارا ئي انهن قيمتي جواهرن جي نعمتن کي حاصل ڪري سگھن ٿا. سچي موتي واري سپ کي ڏسو ته دريا ۾ ٽٻي ڏيڻ وارا سچي موتين جي سپين جا ڍير لڳائي ڇڏين ٿا پوءِ جڏهن انهن سپين مان سچا موتي نڪري اچن ٿا ته اهي بادشاهن جي تاجن ۾ لڳايا وڃن ٿا ۽ بادشاهه انهيءَ تاج کي پنهنجي سر تي رکن ٿا ، اها ڪيتري نه وڏي عزت ۽ ڪيڏو وڏو اعزاز آهي.
سو صلوات ۽ درود شريف پڙهڻ وارو شخص جڏهن درود شريف پڙهي ٿو ته هو ٽن قسمن جي دريائن ۾ ٽپي هڻي ٿو. يعني هڪ نور توحيد جو درياءُ ٻيو نور نبوت جو درياءُ ٽيون نور ولايت جو درياءُ. جنهن وقت بندو اللهم چَوي ٿو ڄڻ ته ان کي الله تعالى جي سڀني نالن مبارڪن جي ذڪر جي فضليت حاصل ٿي وئي ۽ سڀني صفتن جو فضل کيس حاصل ٿي ويو. اهو صرف درود شريف جو پهريون حرف ’’اللهم‘‘ چوڻ سان ڄڻ ته الله تعاليٰ جي سڀني نالن مبارڪن جي تلاوت ڪري ورتائين. سبحان الله ڪهڙو نه برڪتن وارو لفظ آهي جنهن ۾ توحيد جو نور اسم ذات جو نور ۽ اسم صفات چمڪي رهيا آهن . اهو الله تعالى جي رحمت جو اهو بي ڪناري درياءُ آهي جيڪو اُن ۾ ٽٻي هڻڻ وارن کي ٻنهي جهانن ۾ نهال ڪريو ڇڏي، نه فقط اُهو پر هنن کي اهو لطف ۽ اهو مزو چکايون ڇڏي جو ان کان پوءِ انهن جا هوش حواس به هن دنيا ۾ صفا بدلجي وڃن ٿا، توهان درودشريف پڙهڻ وارن جو شان ڏٺو صرف اللهم کي پڙهندي نور توحيد جي درياءُ ۾ ٽٻي لڳائي ذاڪرين جي مرتبي تي پهچي ويا ۽ درود شريف پڙهڻ وارن جو رتبو الله تعالى جي ذڪر رسول صلي الله عليه وآله وسلم جن جي سنت تي عمل ڪرڻ وارن جي رتبي ۾ شامل ٿي ويو ۽ جڏهن درود شريف پڙهڻ وارو شخص صلي على محمد چوي ٿو ته سمجھيو ته ان آقا ۽ نامدار صلي الله عليه وآله وسلم جن جي نور رسالت ۽ فضيلت ۾ ٽٻي هنئي آهي. اها ٽٻي لاجواب ٽٻي آهي ۽ سلامتيءَ واري ٽٻي آهي اها هميشه جي لاءِ درود شريف پڙهڻ واري کي رحمت ۾ ويڙهي ڇڏي ٿي، سندس قلب منور ٿي وڃي ٿو ۽ سندس دل ۽ دماغ ۾ عجيب خوشبوءِ پيدا ٿي وڃي ٿي. هيءُ الله تعالى جي کُليو حڪم آهي ته جيڪو منهنجي رسول صلي الله عليه وآله وسلم تي هڪ دفعو درود پڙهندو ته مان ۽ منهنجا فرشتا ان ماڻهوءَ تي رحمتون نازل فرمايون ٿا ۽ جڏهن پڙهندڙ و على آله و بارڪ وسلم چوي ٿو ته فضل و ڪرم ۽ ڪرامت جي درياءُ ۾ ٽٻي لڳائي ٿو ۽ بلڪل پاڪ ۽ صاف ٿي وڃي ٿو. سبحان الله هاڻ صلوات شريف پڙهندڙ نئون لباس پائي ورتو جنهن کي نوراني وڳو چوندا آهن جيڪو هر ڪنهن کي نصيب نه ٿئي ٿو. صلوات سڳوري پڙهڻ واري کي الله تعالى جي طرفان ٽي تحفا ملن ٿا (1) رحمت (2) فضل و ڪرم (3)شفقت، اهڙي طرح بارگاه رسالت مان به درود شريف پڙهڻ واري کي ٽي تحفا ملن ٿا. (1)سلامتي (2) سلام (3) مغفرت ۽ شفا اهڙي طرح درود شريف پڙهڻ واري کي ملاڪن سڳورن جي طرفان به ٽي تحفا ملن ٿا. (1)رحمت (2)سلام (3)حفاظت ۽ الله تعالى به مٿن درود پڙهي ٿو ۽ رحمت موڪلي ٿو ۽ سندس ملائڪ به رحمت موڪلين ٿا. قرآن پاڪ ۾الله تعالى فرمايو آهي ته
تحقيق الله تعالى ۽ سندس ملائڪ درود موڪلين ٿا. نبي صلي الله عليه وآله وسلم تي اي ايمان وارو اوهين به درود موڪليو نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم تي.
الله تعالى اهو خاص حڪم پنهنجي خاص ڪتاب قرآن پاڪ ۾ پنهنجي خاص بندن کي موڪليو آهي خاص بندن مان مراد حضور صلي الله عليه وآله وسلم جن جي امت آهي ۽ (خاص انداز۾) ان مان اها مراد آهي جو الله تعالى جو حڪم آهي جيڪو الله تعالى فرمايو آهي ۽ نبي چئي سڏيو اٿس نالو نه ورتو اٿس الله تعالى خود پاڻ کي به شامل ڪري حڪم فرمايو ته جڏهن خدا ۽ سندس ملائڪ نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم تي درود پڙهن ٿا ته اي ايمان وارو اوهين به مٿن درود شريف پڙهو. رسول صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو ته سڀني کان ڀلارو اهو شخص آهي، جيڪو اسان تي زياده درود شريف پڙهي ٿو . جنهن حضور صلي الله عليه وآله وسلم جن تي زياده گهڻو درود شريف پڙهيو، ائين سمجيو ته ان شخص حضور صلي الله عليه وآله وسلم جن جي محبت خريد ڪري ورتي ۽ دين و دنيا جو سڀني کان وڏو شاهوڪار بڻجي ويو، بيشڪ ته حقيقت ۾ ان کي سڀ ڪجهه ملي ويو جيڪو ان جي لاءِ مشڪل ۽ ناممڪن هو.
خبرون، سوڀ ، عبرت ، هلال پاڪستان ، مهراڻ ، جاڳو، برستان ، الوحيد ،پڪار ،تعميرسنڌ ، سنڌ ، سڪار ،فيصلو ، جنگ ، نواءِ وقت، امن ، مساوات