تا ريخي ورثن جو درد ۽ رهجي ويل سوال؟
اها به هڪ حقيقت آهي ته اسين ڀلجي به پنهنجن گهڻن معاملن تي سنجيدگيءَ جو ڪنهن گهڙيءَ مظاهرو ناهي ڪيو! انهيءَ سنجيدگيءَ جي کوٽ سبب اسان جي قوم کي ڀوڳنائن جي درد مان پار ٿيڻو ٿو پوي پر تنهن پڄاڻا به اسان خوش آهيون، ۽ هر جاءِ تي اڻ ڏٺيون، اڻ ٻڌيون ڳالهيون ڪري ويهندا آهيون جنهن جي پورائي ڪرڻ اسان جي وس جي ڳالهه نه آهي! سنڌ ۾ جيڪا تاريخي ورثن سان حالتون آهن تنهن تي مختلف عالمي ادارا به تشويش جو اظهارڪندا آهن ته اتي وري ٻاهرين ملڪن کان ايندڙ سياحن کي به مشڪلاتن سان منهن ڏيڻو پوي ٿو، ڇو جو انهن جاين تي سياحن لاءِ ڪجهه به سهولتون مهيسر نه آهن! حالانڪ هن وقت سيٽلائٽ ٽي وي چئنل سٺي نموني سان انهن جي اهميت کي ڪئميرا جي اک سان فوڪس ڪيو آهي پر سوال وري اهو آهي، ته تنهن باوجود به ڇا ملي سگهيو آهي! اسان ايتري قدر ڪاميابي جي سيڙهي چڙهڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهيون. ۽ ڪيتريون ناڪاميون اسان جي قسمت ۾ لکجي رهجي ويون آهن، جي انهن جو حساب ڪرڻ ويٺاسين ته تاريخ جي ڪٽهڙي ۾ پاڻ کي گنگهار محسوس ڪنداسين.
مون کي جيون جا اهي پل ياد پون ٿا ته جڏهن بابا مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ٿر پارڪر ضلعي جو هيڊ ڪواٽر ميرپورخاص ۾ هوندو هو. انهي زماني ۾ بابا سان گڏ عمر ڪوٽ جو قلعو گهمڻ جو موقعو مليو هو ۽ بابا مرحوم هن جي تاريخ جي حوالي سان گهڻو ڪجهه بريف ڪيو پر اڳي جي نسبت حالات تمام گهڻا تبديل ٿي چڪا آهن ۽ تاريخي جايون اڳي کان وڌيڪ ويران ۽ کنڊرات ٿي پيون آهن طوفاني هوائن ۽ برساتن به وقت سر انهي تباهي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي ته مٿان وري قبضه مافيه ڪنهن کان پوئتي نه آهي رهي. انهي سموري ڪهاڻي پويان ڪهڙا مفاد سمايل آهن جيڪي في الحال سمجهه کان بالاتر نظر پيا اچن. هيل تائين هر ڪو خاموش آهي سڀ ڪو ڏسندو پيو رهي ڪير به ڪجهه نٿو ڪڇي پر سپريم ڪورٽ پاران اهڙو قدم کڻڻ وڏي اهميت جوڳو ڪم آهي اسان انهي فيصلي جي ڀرپور لفظن ۾ آجيان ٿا ڪريون ۽ خراج تحسين پيش ٿا ڪيون حالانڪ هي ڪم مڪاني انتظاميا جو هو پر انهن ڪو انهيءَ واٽ ۾ ٻوٽو نه ٻاريو. هاڻ ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته انهن قبضن کي فورن ختم ڪري انهن تاريخي ماڳن جي روشنيون ۽ خوبصورتيون ٻيهر بحال ڪيون وڃن ته جيئن اسان جي ايندڙ نسل ۽ اسان جي تاريخ جي ڀرجهلائپ ۽ بهتري ٿيئي.
خبرون ، سوڀ ، عبرت ، سنڌ ، مهراڻ ، هلال پاڪستان ، سڪار ، تعمير سنڌ ، فيصلو.