ڪالم / مضمون

مايوسين جي ميڙن کان اميدن جي ميلن تائين

مير نادر علي ابڙو جي هن ڪتاب ’’مايوسين جي ميڙن کان اُميدن جي ميلن تائين‘‘ ۾ ڪُل 30 مضمون موجود آهن، جيڪي آهن ته سنڌي سماج جي باري ۾ پر لکڻ جو انداز تخليقي آهي، سو ائين چئي سگھجي ٿو ته هي ڪتاب سماج ۽ تخليق جو ميلاپ آهي ته جيئن ادب پڙهندڙ جي به هن ڪتاب تائين رسائي هجي ته ٻئي پاسي سماج جا پرت به کُلندا وڃن. هي هڪ تجرباتي ڪتاب آهي. هن ڪتاب جي هڪ اها به خوبي آهي ته هيءُ ڪتاب ليکڪ پنهنجي محبوب والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو يادگار ڪاميٽي طرفان شايع ڪيو ويو آهي، جيڪو عمل سندس والد جي ياد به ڏياري ٿو.
Title Cover of book مايوسين جي ميڙن کان   اميدن جي ميلن تائين

سنڌ جو بي پهچ ماڻهو، عدليه ۽ ڇڙ واڳ پوليس

سنڌ جو ماڻهو شروع کان ئي عدليه جو دل سان احترام ڪندو پيو اچي، غريب ماڻهو جڏهن هر طرف کان مايوس ٿئي ٿو ۽ هر پاسي کان اميدن جا دربند ٿيندي ڏسي ئي ڪورٽ جو دروازو کڙڪائي ٿو. مون کي ته چڱي طرح ياد آهن ننڍپڻ جا ڏينهن، جڏهن منهنجو والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج هئو. ان وقت ته سنڌ جا ماڻهو جڏهن ڪورٽ ۾ داخل ٿيندا هئا ته جتيون ۽ بوٽ لاهي مسجد ۽ مندر جيان پيرن اگهاڙا اندر ڪورٽ ۾ داخل ٿيندا هئا. جيڪا روايت اڃا تائين سنڌ جي ٻهراڙي وارن ضلعن ۾ هلندي پئي اچي. پر سنڌ جي ويجهي ماضي کان سنڌ عدليه سان ڪجهه اهڙا واقعا پيش آيا آهن جن کي ڏسي دل ڏک ۾ روئي رهي آهي. مان 1994ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ وڪالت ڪندو هئس، سڀني پڙهندڙن کي چٽيءَ طرح ياد هوندو ڏوڪري جي ٿاڻي تي مسڪين بي پهچ ماڻهن کي نا حق بند ڪري ايس ايڇ او امجد شاهه سخت تشدد جو نشانو بنائي رهيو هيو. شايد انهن مسڪين بي پهچ ماڻهن وٽ ڪو ڍور ڍڳو يا ڪا نياڻي سنڱ (پئسن عيوض وڪڻڻ لاءِ) ڪونه هئي جو وڪڻي پنهنجي جان آجي ڪرائين. سو مجبور ٿي اچي آخري در عدليه جو دروازو کڙڪايو. ڊسٽرڪٽ سيشن جج لاڙڪاڻي هڪ ايڊيشنل سيشن جج ۽ هڪ سول جج کي ٿاڻي تي ڇاپي هڻڻ جو حڪم ڏنو جن ڏوڪري وڃي ڇاپو هنيو ته واقعي به مسڪين بغير ڪنهن ايف آءِ آر ڪٽڻ يا روزنامچي ۾ انٽري جي جانورن جيان تشدد هيٺ واڙيل مليا. جن کي جج صاحبان ته پنهنجو فرض پورو ڪري آزاد ڪرايو پر ايس ايڇ او ڇا ڪيو اهو به دنيا ڏٺو ۽ مون لاڙڪاڻي سيشن ڪورٽ آڏو پنهنجي اکين سان ڏٺو ٽريڪٽر ٽرالين تي ايس ايڇ او جي اڳواڻي ۾ سياسي جلوس جيان وڏو جلوس سيشن ڪورٽ ۾ زبردست نعرا هڻندي پهتو. هاڻي ته اوهان پڙهندڙ آڏو اهي نعرا لکندي به شرم ٿو اچي ۽ حيا منجهان قلم لکڻ جي همٿ ڪو نه ٿو ڪري. بهرحال اسان لاڙڪاڻي بار جا سڀ جا سڀ وڪيل اهو تماشو ڏسي يڪدم اچي بار روم ۾ ميٽنگ ڪئي ۽ صحافي برادري کي گهرائي پريس ڪانفرنس ڪئي سون ته اڄ اسان پوليس جي انهي ڪڌي عمل خلاف لاڙڪاڻو بار جو بائڪاٽ ڪريون پيا، سڀاڻي سنڌ بار ڪائونسل به اسان سان گڏ بائڪاٽ ڪندي ۽ پوءِ به اگر ايس ايڇ او کي سزا نه ڏني وئي ته پوءِ پاڪستان بار ڪائونسل به اسان سان گڏ بائڪاٽ ڪندي. پر ڪافي ڏينهن جي بائڪاٽ ڪرڻ کان پوءِ به اهو ٿيو جو ان ساڳي ايس ايڇ او کي بدلي ڪري رتوديرو جو ايس ايڇ او ڪري رکيو ويو.
وري ساڳيو واقعو ٻيهر سکر ۾ وڏي ديده دليري سان ورجايو ويو آهي. ٿيو هئين آهي ته ٽي ناحق مسڪين سکر جي آباد ٿاڻي تي قيد ڪيا ويا جن جي وارثن سيشن جج کي درخواست ڏني، جنهن تي جڊيشل مئجسٽريٽ محمد ابراهيم سومرو کي ڇاپي لاءِ مقرر ڪيو ويو ته آباد ٿاڻي تي ڇاپو هڻي بي گناهه ٽنهي ماڻهن کي آزاد ڪرائي پر مئجسٽريٽ صاحب بجاءِ بي گناهه مسڪين ڇڏائڻ جي ذري گهٽ پاڻ پئي اندر ٿيو پر هوشيارپ ۽ ڏاهپ جو مظاهرو ڪري وقت جي نزاڪت سمجهندي ڪنهن طرح سان ٿاڻي مان جان ڇڏائي نڪري آيو پر موٽ ۾ پوليس ڇا ڪيو اهو به دنيا اخبارن ۾ پڙهي رهي آهي ته سکر ضلعي جي سڀئي ايس ايڇ اوز ۽ ٽي پي اوز بجاءِ فورس جي دائري ۾ رهڻ جي عام سياسي جماعتن وانگر ٻڌي اتحاد ڪري سرڪاري موبائيلن جي جلوس ۾ سائرن وڃائيندا نعريبازي ڪندا ڊي پي او آفيس پهتا.
مان اڄ ڪلهه عمرڪوٽ ۾ سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن آهيان، ججن سان ٿيل ساڳيو واقعو مون سان به ٿي گذريو آهي. 1999 ۾ مان جڏهن سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن شهدادڪوٽ هئس ته هڪ غريب مسڪين پيرين اگهاڙو اچي مون وٽ پهتو ته ’’سائين منهنجو ويجهو مائٽ لاڪپ ۾ بند آهي پر جڏهن مان اڄ ساڻس ملڻ ويس ته ٿاڻي تي جمعدار مون کي ملاقات ته ڪرڻ ڪونه ڏني الٽو ڏاڍي بي عزتي به ڪئي اٿائين ۽ چيو اٿائين ته پئسا ڏي ته ملاقات ڪرايائين.‘‘ همراهه هيو غيرت وارو سو پنهنجي بي عزتي برداشت ڪري نه سگهيو ۽ روئيندي اچي اسان وٽ ايف آءِ آر ڪٽرائي. مون به مئجسٽريٽ پاڻ سان وٺي وڃي ٿاڻي تي ڇاپو هنيو مگر جمعدار کي گرفتار ڪرڻ شرط ئي ايس ايڇ او شهدادڪوٽ عبدالجبار بجاراڻي اهو ئي ڪيو جيڪو روايتي پوليس ڪندي آهي پر جيئن ته ان وقت لاڙڪاڻي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن خالد صلاح الدين سومرو هيو، جيڪو نوجوان ايماندار ۽ هوشيار آفيسر طور سنڌ ۾ مشهور آهي، جنهن پوليس سان چٽاڀيٽي ڪندي منهنجي هر طرح جي ڀرپور مدد ڪئي، جوابدارن کي گرفتار ڪرايائين ۽ 14 ڏينهن کن جوابدار سينٽرل جيل ۾ رهيو ۽ ڪيس اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ۾ چالان ٿيو. اهڙي نموني جوابدار ڪيفر ڪردار تائين پهتو ۽ وري ڪڏهن به سنڌ پوليس اسان جي کاتي اينٽي ڪرپشن سان اکيون اکين ۾ ملائي سامهون ڪونه ٿئي.
اهڙي ئي نموني مان هتي اهو چوندس ته عدليه اگر اڄ کان اهو طئه ڪري ڇڏي ته جڏهن به ڪورٽن طرفان ٿاڻن تي ڇاپو هنيو ويو ۽ بي ڏوهي ٿاڻي مان بغير ايف آءِ آر يا روز نامچي جي انٽري جي مليو ته ڪورٽ ان ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي هميشه جيان وارننگ (معافي) ڏئي ڇڏڻ جي بجاءِ سخت کان سخت سزائون ڏي ته هوند پوليس جون اکيون کلي وڃن ۽ اڳتي وري اهڙو برتاءُ جيڪو هاڻي عدليه سان پوليس جي طرفان ڪيو ويو آهي سو وري شايد هتي ڪڏهن به ڪو نه ور جائبو .
عدليه جا غريب مسڪين ۽ بي پهچ ماڻهن جو آخري در آهي. سکر جي واقعي کان پوءِ بي پهچ ماڻهو اهو ٿيندي ڏسن ته سندن حامي ۽ مددگار جج بجاءِ اسان مسڪين غريب بي ڏوهين کي ڇڏائڻ جي ٿاڻي تي پوليس هٿان ججن کي بدسلوڪي جو برتاءُ سهڻو پوي ۽ کين ٿاڻي تي زبردستي ويهارڻ جي ڪوشش پوليس طرفان ڪئي وڃي پوءِ اهو غريبن کي آخري در به پوليس آڏو بيوس نظر اچي ته پوءِ غريب طبقي لاءِ پري تائين اوندهه ئي اوندهه نظر ايندي. جيڪا اسان جي معاشري لاءِ سخت هاڃيڪار ثابت ٿيندي. تنهن ڪري سکر واري واقعي ۾ ملوث پوليس کي سخت کان سخت سزا ڏئي سنڌ جي مسڪين بي پهچ ۽ پيرين اگهاڙن ماڻهن جي بي چيني دور ڪئي وڃي ۽ پوليس کي اهڙين ڪڌين حرڪتن تي مڪمل لغام ڏنو وڃي.

تعمير سنڌ، سنڌو، هلال پاڪستان، مهراڻ، عوامي آواز