ڪالم / مضمون

مايوسين جي ميڙن کان اميدن جي ميلن تائين

مير نادر علي ابڙو جي هن ڪتاب ’’مايوسين جي ميڙن کان اُميدن جي ميلن تائين‘‘ ۾ ڪُل 30 مضمون موجود آهن، جيڪي آهن ته سنڌي سماج جي باري ۾ پر لکڻ جو انداز تخليقي آهي، سو ائين چئي سگھجي ٿو ته هي ڪتاب سماج ۽ تخليق جو ميلاپ آهي ته جيئن ادب پڙهندڙ جي به هن ڪتاب تائين رسائي هجي ته ٻئي پاسي سماج جا پرت به کُلندا وڃن. هي هڪ تجرباتي ڪتاب آهي. هن ڪتاب جي هڪ اها به خوبي آهي ته هيءُ ڪتاب ليکڪ پنهنجي محبوب والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو يادگار ڪاميٽي طرفان شايع ڪيو ويو آهي، جيڪو عمل سندس والد جي ياد به ڏياري ٿو.
Title Cover of book مايوسين جي ميڙن کان   اميدن جي ميلن تائين

اپريل فول : چرچن، تحفن جو ڏينهن

اڄ اپريل فول آهي، انهيءَ ڏينهن تي ڪنهن سان ڪا به جُٺ ٿي سگهي ٿي، ڪوبه ڀوڳ ٿي سگهي ٿو! ان لاءِ هر طرح کان ذهني طور تي تيار رهيو، پر ڀوڳن جي به ڪا حد هجڻ گهرجي. انهيءَ ڏينهن تي ڪنهن کي ڪو صدمو پهچي، اهڙي قسم جو ڀوڳ هرگز نه ڪنهن سان ڪيو وڃي. خاص طور تي اپريل ڦول جي ڏينهن دل جي بيمارين ۾ ورتل ماڻهن سان ملهائڻ کان پاسو ڪيو وڃي جو جو اها مذاق کل، ڀوڳ ڪنهن جي جان به وٺي سگهي ٿي، ان کان اڳ به اهڙي قسم جا واقعا پيش اچي چڪا آهن. ان لاءِ اپريل ڦول جي ڏينهن تي انهن ڳالهين جو خاص طرح سان خيال رکيو وڃي ته ڪٿي ڪنهن جي دل دکي نه ٿئي. جيترو ٿي سگهي ڀوڳن جي آڙ ۾ ٽهڪ برسايا وڃن ۽ ماڻهن کي عارضي ٿوري دير لاءِ به اپرل ڦول جي آڙ ۾ کل موٽائي ڏني وڃي. ڇو جو اهي مايوس ۽ سماجي دز ۾ وڪوڙيل چهرا هر پل خوشيون تراشين ٿا جيڪي انهن جو بنيادي حق آهي. اسان ماڻهو انهن خوشين جي تلاش ۾ هميشه ٿاٻا کائيندا ٿا وتون، پر اهي خوشيون حقيقي رونقون جيڪو اپريل ڦول جي صورت ۾ ڪجهه پلن لاءِ اسان جي اڱڻ تي لهن ته به لک لائق. اسان وٽ انساني حقن جي عالمي ڏينهن تائين ڏهاڙا ملهايا ٿا وڃن، ريليون ڪڍيون وڃن ٿيون، تقريرون ٿين ٿيون پر انهن تقريرن پويان رهجي ويل عڪس ڪير به نٿو پسي، بس سڀ هڪ ڏينهن کي ياد ڪري پنهنجي اندر جي باهه اوتين ٿا ۽ تقريرون ڪري هليا ٿا وڃن. اهي تقريرون جن ۾ عمل صرف لفظن جي حد تائين هوندو آهي.
اهڙي طرح سان اڄ اپرل ڦول جو ڏينهن عالمي سطح تي کل، ڀوڳ، چرچن ۽ ڪنهن سسپينس ۾ رکڻ جو ڏينهن آهي. ان ڏينهن کي دوست هڪ ٻئي کي بيوقوف بڻائڻ جي اڳواٽ ئي جتن ڪندا آهن ته ڪٿي وري گفتن جي صورت ۾ مذاق ۽ ڀوڳ ڪيا ٿا وڃن ته ڪٿي محبتن جا دلاسا معشوقن ۽ عاشقن وچ ۾ مذاق جا پل پسجڻ لائق هوندا آهن، پر تنهن باوجود به اسان ماڻهو اهو ٿا چاهيون ته مذاق اهو هجي جيڪا ڪنهن دل جي راحت بڻجي سگهي. اهڙي هرگز نه هجي جيڪا ڪنهن لاءِ عذاب بڻجي رهجي وڃي، سڀ کان وڌيڪ پياري مذاق انهيءَ ڏينهن تي هن چهري سان ڪري سگهجي ٿي، جيڪو ڪنهن جي انتظاري ۾ ويٺل آهي ۽ هن کي ٻڌائجي ته توکي جنهن جو انتظار هو اهو اچي چڪو آهي سچ پڇو ته هن چهري جي بعد ۾ جيڪا رنگ تبديل ٿيندو ۽ خوشين جا جيڪي بادل رقص ڪندا انهيءَ ۾ انتها جي ڪشش، پيار جو اظهار ۽ ڪجهه لمحن لاءِ محبتن جا ڳوڙها نيڻن ۾ تري ايندا ۽ ان جي جيون مان ڪنهن حد تائين انتظاري لفظ ضرور هٽيل نظر ايندا، اڄوڪي ڏينهن تي ڪي موبائيل فونن وسيلي به وڏي پيماني سان ڪنهن سان ڪهڙي جٺ ڪندا تنهن لاءِ به هر ڪنهن کي تيار رهڻ کپي ڇو جو ڪنهن به ماڻهو کان اڄ جي ڏينهن تي مذاق ڪري سگهجي ٿي تنهن لاءِ ڪي همراهه اڳواٽ ئي رٿابندي ڪري ڇڏيندا آهن ۽ اڄوڪي ڏينهن تي ڪي سچا واقعا ۽ حادثا به ڪجهه پلن لاءِ ڀوڳ لڳندا آهن ۽ ماڻهو سچين خبرن تي به اعتبار ناهن ڪندا پوءِ جڏهن اپريل ڦول جو ڏينهن گذري وڃڻ بعد سچايون انهن جي اڳيان هونديون آهن ته اهي پڇتاءُ ڪندي سامهون واري ماڻهو کي اهو چوندا آهن ته اپريل ڦول ڪارڻ اسان ان کي نظر انداز ڪيو.
اها هڪ وڏي سچائي آهي ته هن ڏينهن تي گهڻا معنيٰ خيز بڻجي رهجي ويندا آهن، ڀوڳ اسان وٽ اڄوڪي جديد دؤر ۾ ڪابه معنيٰ نٿو رکي. پر تنهن باوجود به ڪي ماڻهو هروڀرو انهن ڀوڳن کي اشو بڻائي پاڻ لاءِ مسئلو کڙو ڪري ويهندا آهن ۽ اڃا به ڪي اهڙا به آهن جيڪي هن ڀوڳن جي جهان کان تمام پري بيٺل ٿا محسوس ڪن ته ڪي وري اڄوڪي ڏينهن ٻين کي خوشي ڏيڻ بجاءِ پنهنجي دشمني پرائيندي هن ساڻ اهڙي جٺ ڪري ويهندا آهن جو اها جٺ انهيءَ لاءِ راحت بڻجڻ بجاءِ عذاب بڻجي ويندي آهي. اها به هڪ وڏي تاريخي حقيقت آهي ته اسان جي ٻهراڙي جي عوام کي اڃا اها به خبر ناهي ته آخر اپريل ڦول چئبو ڇا کي آهي ۽ ڇا لاءِ ملهايو ويندو آهي؟ ان لاءِ ٻهراڙي جي عوام ۾ هن حوالي سان نه هئڻ برابر دلچسپي هوندي آهي جڏهن ته وارياسي ديس ٿر جي ماڻهن کي اها به سرت ڪونهي تنهن ڪري عالمي طرز تي ڏينهن به ملهايا ٿا وڃن سواءِ ڪن پڙهيل لکيل همراهن جي.
هونئن به اسان وٽ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ غربت ۽ بيروزگاري عوام مان عالمي ڏينهن ملهائڻ وارو شعور کسي ورتو آهي. ماڻهو هڪ ويلي جي ماني لاءِ ترسن ٿا ۽ بيروزگاري ڪاڻ هڪ ڪهڙي به حد پار ڪرڻ لاءِ بيتاب بڻيل آهن. تنهن ڪارڻ ڏينهون ڏينهن اسان وٽ ملهائجندڙ عالمي ڏينهن جي اهميت گهٽجندي پئي وڃي ۽ عوام ٻڏتر واري ماحول ۾ پريشان ۽ بي حال آهي، مون کي جيون جا اهي پل ياد ٿا پون جڏهن بابا مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سياسي، سماجي حوالن سان پروگرامن ۾ ليڪچر ڏيندو هو ته پاڻ کلي عام اها ڳالهه ڪندو هو ته ماڻهن مان احساس محرومي ڪڍڻ لاءِ هڪ وڏي جهاد جي ضرورت آهي ۽ ماڻهو نفسياتي مريض بڻجي رهيا آهن. انهيءَ لاءِ انهن جي اندر ۾ ويٺل انسان کي جاڳائي منجهن حقيقي خوشيون ورهايون وڃن، اڄ اهو ڏينهن ڪجهه پلن لاءِ به صحيح پر ڀوڳن جي جنم جو ڏينهن آهي، اهي ڀوڳ جن کي اسان اڄ وساري معاشي بي رحمي جو شڪار بڻجي ڪنهن ڪن ۾ دٻجي رهجي ويا آهيون تنهن کي ياد ڪرڻ پنهنجين سان سڀ غم وساري ڪجهه پل هجت جو ڏينهن آهي اچو ته اڄ سڀ گڏجي پنهنجن سان هٿ جت آزمائيندي کل ۽ ڀوڳ واري راند رچائي ڪي حقيقي ٽهڪ ،خوشيون ۽ مرڪون ورهايون.

سڪار، عبرت، خبرون، هلچل، سوڀ، فيصلو، سنڌ، هلال پاڪستان