ننڊ ڇو ناهي ايندي؟
ننڊ جا ٻه قسم آهن. هڪ ڪچي ننڊ ٻي پڪي ننڊ ڪڏهن ڪڏهن اسان جي ننڊ پوري ٿيڻ کان اڳ ۾ئي اک کليو پوي انهي کي ڪچي ننڊ چئبو آهي . در حقيقت ان جو سبب ڪا پريشاني يا وري ڪا هاضمي جي خرابي هوندي آهي ۽ پڪي ننڊ اها آهي جنهن ۾ اسان جي جسم تي موت جي حالت طاري ٿي ويندي آهي يا کڻي ائين چئجي ته اسان جا حواس پڻ پنهنجو ڪم ڇڏي آرام ڪرڻ لڳندا آهن. جوانن جي نسبت ٻڍن ۽ ٻڍن جي نسبت ٻارن کي سمهڻ جي ضرورت وڌيڪ محسوس ٿئي ٿي.
ننڊ جو ڏينهن ۾ ڪيترو وقت هجڻ گهرجي انهي لاءِ هر ماڻهوءَ جو صحت ۽ جسماني لحاظ کان پنهنجو وقت مقرر هوندو آهي. البت ميڊيڪل ۽ حڪمت جي لحاظ کان پنهنجو پنهنجو وقت مقرر هوندو آهي. ميڊيڪل جي لحاظ کان تقريبن هر انسان کي گھٽ ۾ گھٽ 24 ڪلاڪن مان 8 ڪلاڪ ننڊ لاءِ ضرور ڏيڻ گھرجن . البت هر عمر جي ماڻهن جو جدا جدا ننڊ ڪرڻ جو ٽائيم نوٽ ڪيو ويو آهي. پڙهندڙ آڏو سمجھڻ لاءِ هيٺ هڪ فاڪر ڏجي ٿو .
ستن سالن کان نون سالن تائين 12 ڪلاڪ روزانو .
ڏهن سالن کان ٻارنهن تائين 11 ڪلاڪ روزانو.
تيرنهن سالن کان سترهن سالن تائين 10 ڪلاڪ روزانو .
ارڙنهن سالن کان اوڻيهه سالن تائين 9 ڪلاڪ روزانو
۽ ويهه سالن کان سٺ سالن تائين 8ڪلاڪ روزانو .
اڄ ڪلهه جي هن سائنسي ۽ ٽيڪنالاجيءَ واري دؤر ۾ اسان جيڏي ترقي ڪئي آهي اوڏو ئي اسان نفسياتي طرح پٺتي پئجي ويا آهيون. نفسياتي مسئلن مان هڪ وڏو ۽ اهم مسئلو ننڊ جو به آهي. اڄڪلهه اوهان کي آرام متعلق هر ٻيون ٽيون ماڻهو شڪايت ڪندو نظر ايندو. ڪي ماڻهوته هيئن به چوندا آهن اسان جي ته سڄي رات اک ئي ڪونه لڳي ، ٿي سگھي ٿو ته هو ڪجهه ٽائيم پنهنجي ضرورت مطابق ننڊ ڪئي هجي پر هو ذهني طرح اها ڳالهه قبول نه ڪندا آهن.
منهنجو هڪ دوست اتفاق سان مون سان هڪ رات ڪمري ۾ گڏ ستو توهان کي تعجب ٿيندو جڏهن هو صبح جو اٿيو ته چيائين مونکي سڄي رات ننڊ ئي ڪونه آئي آهي. حقيقت اها هئي ته آئون سڄي رات هن جي کونگهرن سبب ڏاڍو پريشان رهيس. دراصل بي آرامي بيماري نه هوندي آهي البت بي آراميءَ جو احساس بيماري ٿي ويندي آهي. ماڻهو انهي کي وڏي بيماري سمجهي فڪر ۽ پريشانين ۾ مبتلا ٿي ويندا آهن ۽ ڪجهه پنهنجو کيسو گرم ڪندڙ حڪيم وغيره انهن جي ذهنن ۾ ڳالهه ويهاري ڇڏيندا آهن ته هو انهي وگهي آهستي آهستي پنهنجو دماغ ڪمزور ڪري چريا ٿي ويندا.
آئون پهرين به لکي چڪو آهيان ته هر ماڻهوءَ جو انهيءَ جي عادتن طبيعت ۽ جسماني صحت وغيره جي ڪري ننڊ ڪرڻ جو وقت ۽ اوقات وغيره هڪٻئي کان مختلف هوندا آهن، خوشي ۽ ننڊ جو تعلق هڪ رنگين سهڻي پوپٽ جيان آهي، جيڪڏهن هن کي پڪڙڻ لاءِ هن جي پويان ڀڄنداسين ته هو اڃا به وڌيڪ اسان کان پري ڀڄندو . پر جي ويهي پنهنجو ڌيان ٻي طرف ڪنداسين ته اسان جي بلڪل ويجھو اچي آهستي آهستي اسان جي مٿان ويهندو. اڄ ڪلهه هن نفانسي جي دؤر ۾ جڏهن ماڻهو نفسياتي طرح پريشانين کان ٿڪجي ٽٽي آرام لاءِ جڏهن بستري تي ڪري ٿو ته هو ننڊ چاهي ٿو پر جڏهن اها هن کي نٿي اچي ته هو آرام ڏيڻ جون قسمين قسمين دوائون استعمال ڪري ٿو. جيڪي وقتي بلڪل فائدو ڏئي سگھن ٿيون پر اڳتي هلي هو نشي جو عادي ٿيو پوي ۽ هن جي زندگي انهن نشي آوره دوائن کانسواءِ ننڊ بنهه اچڻ ڇڏيو ڏي. دراصل ماڻهو کي ننڊ نه اچڻ جا سبب ڳولهڻ گھرجن ته آخر ڪهڙن سبب ڪري ننڊ نٿي اچي باقي دوائن ذريعي نشو ڏيئي ننڊ ڪرڻ دراصل بي آرامي جو حل آهي ئي ڪونه، ڪنهن ڏاهي جو قول آهي ته انسان جو کٽ سان تمام وڏو رشتو آهي . اها کٽ ئي ته آهي جتي ماڻهو ڄمي ٿو اها کٽ ئي آهي جتي زندگي جو ڳچ حصو سمهي ٿو ۽ آخر ۾ به اها ئي کٽ آهي جنهن تي هو مري ٿو. جنهن شيءِ سان انسان جو ايڏو رشتو هجي انهي جو خيال رکڻ به اسان لاءِ سٺي ننڊ جو سبب ٿئي ٿو منهنجو مطلب ته کٽ هميشه ڇڪيل هجڻ گهرجي ويهاڻو ضرور استعمال ڪرڻ گهرجي ڪڏهن ڪڏهن دماغي ڪم گهڻي ڪرڻ يا ڪنهن ڪم سانگي گهڻي دير تائين جاڳڻ ڪري دماغ ۾ خشڪي پيدا ٿي پوندي آهي، اهڙي صورت ۾ صاف تازي هوا ۾ اکيون بند ڪري دنيا جي فڪرن يا خيالن کي دل مان ڪڍي چپ چاپ سمهي رهجي، ائين ڪرڻ سان به ننڊ اچڻ لڳي ٿي، رات جي وقت وڻن وغيره مان ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ گئس نڪري ٿي جا انسان لاءِ نقصانڪار آهي اهڙن هنڌن تي قطعي رات جو نه سمهجي پر ننڊ اهڙي جاءِ تي ڪجي جتي ٿڌي هوا تيزي سان نه ايندي هجي ۽ نه ئي گرمي ايتري قدر هجي جو بيچيني محسوس ٿئي. اڪثر ماڻهو منهن لڪائي سمهندا آهن جيڪو پڻ چـڱو نه آهي رات جو سمهڻ مهل ڪپڙا هلڪا ڦلڪا هجڻ گهرجن جئين خون جي گردش ۾ رڪاوٽ نه ٿيئي ۽ جسم جي واڌ ۾ به روڪ نه ٿيئي.
هتي آءُ خاص منهنجن گهريلو ڀينرن امڙين ۽ خصوصن وڏي ڄمار وارن کي اهو عرض ڪندس ته اهو کٽ يا پلنگ بجاءِ فرش تي يا ڪنهن ڪاٺ جي صندل وغيره تي سمهن ته اهو انهن لاءِ چيلهه جي سور وغيره ۾تمام گهڻو مفيد ثابت ٿيندو. اهو آڳاٽي زماني کان وٺي آزموده رهندو پيو اچي. اسان جي مذهب ۽ حڪمت ۾ اهو چيو ويو آهي ته منجهند جي ماني کائي آرام ڪرڻ ۽ رات جي ماني کائي چهل قدمي ڪرڻ صحت لاءِ ڏاڍو فائدي مند آهي. منجهند جي ماني کائي وڌيڪ نه سمهجي ڪجهه منٽ ئي سهي آرام ضرور ڪجي، جئين ڏينهن جي ٿيل ٿڪاوٽ وغيره دور ٿي وڃي ان جي ڪرڻ سان به رات جو ننڊ سٺي اچي ٿي جو منجهند جو ننڊ ڪري ٿڪاوٽ ڪونه ٿي رهي ۽ رات جو گهري ننڊ اچي وڃي.
هڪ دفعي آءٌ وري عرض ڪندس ته بي آرامي ڪا بيماري ڪونهي ان جو دوائن وغيره رستي ڪو علاج اڄ ڏينهن تائين ايجاد ٿيو ئي ڪونهي ۽ نه ئي ٿيندو . سٺي آرام جو اگر ڪو علاج آهي ته اهو آهي توهان تمام گهڻو کيڏو، ورزش ۽ پنڌ ڪيو. اهڙين مشغلن جي مدد سان توهان کي ڪنڊن جي بستري تي به گهري ننڊ اچي ويندي.
عوامي آواز، خبرون، سوڀ، عبرت، هلال پاڪستان، سچ، الوحيد، جاڳو،