مير نادر علي ابڙو جي هن ڪتاب ’’مايوسين جي ميڙن کان اُميدن جي ميلن تائين‘‘ ۾ ڪُل 30 مضمون موجود آهن، جيڪي آهن ته سنڌي سماج جي باري ۾ پر لکڻ جو انداز تخليقي آهي، سو ائين چئي سگھجي ٿو ته هي ڪتاب سماج ۽ تخليق جو ميلاپ آهي ته جيئن ادب پڙهندڙ جي به هن ڪتاب تائين رسائي هجي ته ٻئي پاسي سماج جا پرت به کُلندا وڃن. هي هڪ تجرباتي ڪتاب آهي. هن ڪتاب جي هڪ اها به خوبي آهي ته هيءُ ڪتاب ليکڪ پنهنجي محبوب والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو يادگار ڪاميٽي طرفان شايع ڪيو ويو آهي، جيڪو عمل سندس والد جي ياد به ڏياري ٿو.
وفاقي حڪومت پاران سال 2007ع کي ثقافت ۽ سياحت جي حوالي سان ملهائڻ واري اعلان بعد اڄ 16 فيبروري کان 17 ۽ 18 فيبروري تائين عمرڪوٽ جي تاريخي ضلعي ۾ ٿر جي ثقافت کي متعارف ڪرائڻ لاءِ ميلي جو نفاذ ڪيو پيو وڃي، اهو ميلو وفاقي سرڪار پاران سنڌ جي اهڙي شهر ۾ لڳايو پيو وڃي جيڪو سموري سنڌ ۾ تاريخ جي حوالي سان وڏي اهميت رکي ٿو، هي شهر ڪنهن دؤر ۾ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ به رهي چڪو آهي. مومل جي ماڙي کان ويندي هزارين رنگ هن شهر ۾ پسجڻ لائق آهن جيڪي به ملڪي ۽ غير ملڪي سياح هن ۾ شرڪت ڪندا، يقيني طور تي انهن کي هن ميلي ۾ هزارين دل ۾ سانڍڻ جهڙا رنگ نظر ايندا جتي انهن کي ماروي جي حب الوطني جا آثار نظر ايندا ته اتي وري ٿري ڪلچر ريتون رسمون رواج جا رخ به پسجڻ لاءِ ملندا. هن شهر جي تاريخ تمام آڳاٽي رهي آهي، تنهن کي موجوده حڪومت قبوليندي، هي يادگار پل سهيڙيا آهن، سموري عمرڪوٽ کي خوبصورت بينرن سان سينگاريو ويو آهي جن تي ڀليڪار جهڙا لفظ چٽيل آهن، شهر ۾ حقيقي رونقون ۽ مرڪون جوڀن تي ڏسڻ جهڙيون آهن، اڄوڪي ڏينهن جنهن دل امراڻي کي به پسيو، اها بد نصيبي لکي ويندي اڄ عمرڪوٽ ۾ حقيقي خوشين موٽ کاڌي آهي، جنهن جو ثبوت عمرڪوٽ ڄائو جهونو تاريخدان ڊاڪٽر هرچند راءِ لاکاڻي جن آهن جيڪو ٿر ۽ عمرڪوٽ جي قلعي ۾ ثقافت ميلي جي حوالي سان پنهنجن جهونن هٿن سان هڪ خوبصورت اسٽائل لڳايو آهي، ان کان علاوه مختلف تعليمي ادارا، اين جي اوز ۽ سماج سڌار هن ميلي ۾ پنهنجا پنهنجا اسٽائل لڳائي رهيا آهن جن ۾ ٿر ۽ عمرڪوٽ جي ثقافت جا رنگ چٽيل آهن. انهي کان علاوه هن ثقافتي ميلي ۾ رات جو علائقائي فنڪار محفل کي رنگ بخشيندا، هي ميلو جتي ٿر ۾ تفريح جا ذريعا فراهم ڪندو ته اتي وري عمرڪوٽ ۽ ٿر جي ثقافت کي ٻاهرين ملڪن ۾ متعارف ڪرائڻ جو سبب بڻجندو ۽ ٻاهرين ملڪن جي سياحن جي ويتر دلچسپي هن علائقي سان وڌندي. هن ڪاڄ پويان وفاقي حڪومت جا هٿ آهن، جنهن هن ڳالهه کي محسوس ڪيو آهي ته عمر ڪوٽ ٿر ۽ بيراج جو گيٽ وي ۽ گڏيل مزاج تي ٻڌل تاريخي شهر آهي. مون کي ياد آهي ته جڏهن بابا مرحوم تاج محمد ابڙو ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج ٿرپارڪر ايٽ ميرپورخاص هو ته هن زماني ۾ بابا سائين سان گڏجي عمرڪوٽ جو تاريخي قلعو گهميو هو ۽ هن دؤر جا يادگار ڏٺا هئا پر هاڻ زمانو گذري چڪو آهي دنيا ڪٿي کان ڪٿي وڃي پڳي اسان ماڻهو به ترقي ڪري چڪا آهيون ۽ هي شهر گهڻو تبديل ٿي چڪو پر جڏهن وري آئون سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن طور بدلي ٿي عمرڪوٽ پهتس ته مون کي اها ئي سڪ سونهن ۽ پنهنجائپ نظر آئي ۽ حقيقي محبتون ۽ قرب پسجڻ لاءِ مليو، هيڏو سارو وقت گذري وڃڻ کان پوءِ آئون هتي جي ماروئڙن جي محبتن کي وساري ناهيان سگهيو. اڄ هن شهر ۾ ثقافتي ميلو لڳڻ سان هڪ نئون مزاج جڙي رهيو آهي. هن کان اڳ به هن قلعي ۾ هڪ يادگار ميلي جو انقاد ڊاڪٽر هرچند لاکاڻي ڪيو هو جنهن ۾ ڏيهي توڙي پرڏيهي سياحن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي هئي. اڄ وري اهو ميلو وفاقي حڪومت جي سرپرستي هيٺ لڳي پيو ۽ ميلي جي موقعي تي سياحن کي تفريح فراهم ڪرڻ لاءِ سمورا قدم کنيا ويا آهن، شهر کي خوبصورت بنائڻ لاءِ بينرن ۽ گيٽن سان سينگاريو ويو آهي. قلعي جي شاهي ديوارن تي لائيٽنگ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته قلعي جي ميوزيم ۾ موجود يادگار شيون ضرور ٻاهران کان ايندڙ سياحن لاءِ دلچسپي جو سبب بڻبيون. ٿر جي حساب سان هي تمام وڏو تاريخ ساز ميلو آهي، جنهن جا اثر سموري ٿر تي ڪيئي سالن تائين رهندا ۽ ٿر جي ثقافت ٻاهرين ملڪن ۾ پذيرائي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندي.