ڪالم / مضمون

مايوسين جي ميڙن کان اميدن جي ميلن تائين

مير نادر علي ابڙو جي هن ڪتاب ’’مايوسين جي ميڙن کان اُميدن جي ميلن تائين‘‘ ۾ ڪُل 30 مضمون موجود آهن، جيڪي آهن ته سنڌي سماج جي باري ۾ پر لکڻ جو انداز تخليقي آهي، سو ائين چئي سگھجي ٿو ته هي ڪتاب سماج ۽ تخليق جو ميلاپ آهي ته جيئن ادب پڙهندڙ جي به هن ڪتاب تائين رسائي هجي ته ٻئي پاسي سماج جا پرت به کُلندا وڃن. هي هڪ تجرباتي ڪتاب آهي. هن ڪتاب جي هڪ اها به خوبي آهي ته هيءُ ڪتاب ليکڪ پنهنجي محبوب والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو يادگار ڪاميٽي طرفان شايع ڪيو ويو آهي، جيڪو عمل سندس والد جي ياد به ڏياري ٿو.
Title Cover of book مايوسين جي ميڙن کان   اميدن جي ميلن تائين

رنگَ نوان ڪي راڻي جا : اياز گل

1990ع ــــ 91ع جو زمانو هيو. ڪاليج ڇڏي، مون اچي يونيورسٽي وسائي هئي. نون پرُاڻن ڪيترن ئي دوستن سان روز پيو ملڻ ٿيندو هيو ـــ هڪ ڏينهن هڪ نوجوان ملڻ آيو هيو ۽ پنهنجو تعارف نادر علي ابڙي جي نالي سان ڪرايو هئائين. مون لاءِ سندس تعارف جو پويون حصو وڌيڪَ اهميت وارو هيو. ”پُٽُ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو“ ـــ سندس سُڃاڻپ جو هي حوالو بي حد سگهارو هيو ـــ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي کي ڪيرُ نه سُڃاڻي ـــ ڏاهپَ، انسان دوستي ۽ ادب سان وابستگي، اسان جا وڏڙا اديبَ شاعرَ ذاتي توڙي ادبي محفلن ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جو ذّڪرُ گهڻي پنهنجائپ ۽ احترام سان ڪندا هئا ۽ اهو احترام اسان جي دليُن ۾ به منتقل ٿي ويو هيو.
نادر علي ابڙي، پڙهائي پُوري ڪري وڃي عملي زندگيءَ ۾ پيرُ پاتو، ڪڏهن ڪنهن عيدَ براد ۽ ڪڏهن ڪنهن خاص ڏِڻَ تي سندس نالي سان ڇپيل ڪارڊَ ملندا رهندا هئا، جن مان ئي سندس پوسٽنگ ۽ ترقيءَ جي خبر ملندي رهندي هئي ۽ ائين سِڪَ جو سڳو سُرندو رهيو، گهٽ ميل ملاقات باوجود به ساٿُ سلامت رَهيو ــ موبائيل آيا ته ايس. ايم. ايس جو نئون ناتو ڳنڍجي ويو ۽ ڪڏهن ڪڏهن فون تي به هڪٻئي جي خيريت پئي معلوم ٿيندي هئي. نادر علي ابڙو، جنهن جي سُڃاڻپ شروعاتي ڪيترن سالن تائين ”پُٽ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو“ ئي رهي هئي، تنهن هاڻي هوريان هوريان پنهنجي به ڌارَ سُڃاڻپ ٺاهڻ شروع ڪئي هُئي، پر وري به اُها سندس سماجي سُڃاڻپ هُئي.
نادر علي ابڙي منهنجي دل وڌيڪَ تڏهن خوش ڪئي، جڏهن هُن پنهنجي محترم والد جي هڪ ٻي سُڃاڻپ کي به پنهنجو ڪيو. اُها هئي ادب سان وابستگي ـــ هُنَ نه رڳو ادبي تنظيمن سان ناتو ڳنڍيو، پر لکڻ به شروع ڪري ڏنو. اخبارن ۽ رسالن ۾ سندس مختلف موضوعن تي ڪالم ڇپجڻ شروع ٿيا ۽ ائين اسانجو دوست نادر علي ابڙو اديبن جي قافلي ۾ شامل ٿي ويو، تان جو سندس پنهنجي والد محترم جي زندگيءَ جي حوالي سان ڪِتابُ به ڇپجي پڌرو ٿي ويو ”سنڌ جو املهه هيرو“ ـــ اهو مير نادر علي ابڙي جو پهريون ڪتاب هيو، پهريون قدم ۽ ادب سان پهريون عشقُ !
مير نادر علي ابڙي جي پهرين ڪتابَ تي، سنڌُ جي ٻن اهم شخصيتن سائين محمد ابراهيم جويي ۽ ڪامريڊ ڄام ساقيءَ پنهنجا تاثرات لکيا ۽ دل کولي سندس ڳُڻَ ڳاتا، کيس ساراهيو ۽ شابسون ڏنيون. ڪامريڊ ڄام ساقيءَ لکيو: ”مير نادر حقيقت ۾ نوجوان هوندي، پنهنجي بزرگن سان ڪيتري محبت ۽ لڳاءُ رکي ٿو، ان جو اندازو سندس هنن مضمونن مان لڳائي سگهجي ٿو. سندس لکڻ جو اسلوب برجستو، سونهن ۽ سوڀيا وارو آهي. مضمونن ۾ مختلف هستُين بابت سندس تحقيق ۽ کوجنا جي ڪيتري قدرو قيمت آهي، سا لڪيل ۽ ڍڪيل نه آهي. مان سندس محنت، محبت کي خراج عقيدت ۽ خراج تحسين پيش ڪيان ٿو ۽ مون کي خوشي ٿي ٿئي. ته اسان جا نوجوانَ پنهنجي تاريخَ ۽ بزرگن کي زندهه جاويد رکڻ چاهين ٿا“. مان سمجھان ٿو، سنڌُ جي هيڏي مانائتي شخصيت پاران، خوبصورت لفظن جي ڀيٽا مير نادر علي ابڙي لاءِ بلاشڪ ڪنهن اعزاز کان گهٽ ڪونهي.
مير نادر علي ابڙي جي ڪالمن ۽ مضمونن جو هي ڪتاب ”مايوسين جي ميڙن کان اُميدن جي ميلن تائين“ سندس مختلف سماجي ۽ ادبي موضوعن تي مشتمل آهي. اهي ڪالمَ ۽ مضمونَ سنڌيءَ ۾ نڪرندڙ لڳ ڀڳ سمورن اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن ۽ سندس شخصي جذبن، تجربن، مشاهدن ۽ تجزين تي آڌاريل آهن. هُو جتي سرڪاري ادارن عدليه، پوليس، تعليم کاتي جي چڱن ڪمن کي واکاڻي ٿو، اُتي انهن ادارن جي ڪن ناقص ڪارڪردگين تي ٽيڪا ٽپڻي پڻ ڪري ٿو ۽ هڪ حساس ۽ سچو ليکڪ ائين ڪندي ئي سُٺو ٿو سمجھيو وڃي، پنهنجي نوڪريءَ سانگي هُو جن جن ماڳن، مڪانن تي مقرر ٿيندو رهيو آهي، انهن ماڳن، اُتان جي ماڻهن ۽ روايتن کي به هُن ڪونه وساريو آهي ۽ سندن سونهن، ساڃاههَ ۽ سهڪارَ کي ساراهيو اٿائين. اخباري ڪالمن ۽ مضمونن جي دنيا يقيناً ٻئي تخليقي ادب کان مختلف ٿئي ٿي، پر پوءِ به اهو سڀ ڪجهه ادب جو حصو ضرور آهي..... مير نادر علي ابڙي جا ڪالم ۽ مضمون پڙهي لڳي ٿو ته، اهي هڪ ساڃهه وند ۽ درد مند دل رکندڙ ليکڪ جا لکيل آهن. سنڌُ جو رشوت ٽوڙ کاتو، جنهن جو هو آئوٽ ۽ اَهم انگ آهي، ان ۾ مير نادر عليءَ جهڙا آفيسر اسان کي گهٽ نظر ايندا، جيڪي پئسي تي پيارَ کي اهميت ڏين ٿا. سماجي ۽ ادبي تقريبن جا مُهندار ٿين ٿا، منڊليون مچائن ٿا ۽ داٻي ۽ دهمان کان هٽي ڪري به عوام وٽان مانُ ۽ مڃتا ماڻن ٿا. جيئن ڪتابَ ۾ شامل ڪالمن ۽ مضمونن ۾، موضوعن جي رنگارنگي آهي، ائين ئي سندس شخصيت به انڊلٺ رنگي آهي. سادي پيرايي ۾ لکيل سندس هي ليکَ پرهندڙن ۾ ضرور مڃتا ماڻيندا ۽ کيس هڪ ڌارَ سُڃاڻپ ڏيندا، جيڪا مير نادر علي ابڙي جي بنهه پنهنجي سُڃاڻپ هوندي.

سکر ـــ سنڌ
4 جون 2018ع