علم وَ ادب جو هي برجستو نوجوان : الطاف شيخ
مير نادر علي ابڙو کي مون جڏهن ڏٺو ته اهي خيال منهنجي ذهن ۾ سمايل رهندا آهن ته مٿس سندس والد جي ڪردار جو وڏو اثر آهي. اهو به پروڙيم ته مير نادر علي ابڙو پنهنجي والد سان بي پناهه محبت ڪندڙ پٽ آهي.
مير نادر جو تعلق آهي ته پوليس کاتي سان پر مون جڏهن به کيس ڪٿي ڏٺو ته مٿس پوليس جي ڇاپ مونکي ڪڏهن به نظر ڪونه آئي. سندس اخلاق کل مک طبيعت ڏسي اهو نه ٿو چئي سگھجي ته سندس تعلق پوليس کاتي سان آهي، گھڻي قدر آءٌ جيترو پوليس عملي کي سُڃاڻان ٿو ته هو ڪتابي دنيا کان پري هڪ پريڪٽيڪل لائف جا ماڻهو هوندا آهن، ڪنهن پوليس آفيسر جو لکڻ پڙهڻ سان چاهه مون گھٽ ئي ڏٺو آهي.
آءٌ جڏهن ميرين انجنيئر جي حيثيت ۾ سامونڊي لهرن جون ويرون، وهڪرا ۽ ڇولين جي ڇم ڇم ڏسندو آهيان، يا ساحل تي نگاهون رکندو آهيان ته منهنجي اکين آڏو سنڌ گھمڻ لڳندي آهي، ڇوليون ڪنهن به ملڪ جون هجن پر مون اڳيان سنڌو درياهه جون ويرون ۽ ڇوليون رقصان هونديون آهن پوءِ ملڪن جا ماڳ ڏسي تشبيهون استعاراتي احوال ڪري سنڌ سان اچي ملندو آهي. آءٌ پنهنجي سفر ۾ جيئن قلم ۽ ڪتاب کي نه ٿو ڇڏي سگھان، ساڳئي ئي ڪرت مير نادر به ڪري ٿو، ڀلي تعلق پوليس سان رکي پر هٿ قلم ڪتاب ۾ اٿس.
مير نادر جا مون ڪيترائي ڪالم پڙهيا آهن، سندس لکڻ جو انداز نهايت سلوڻو ۽ دلچسپ آهي پر مون کي نادر جي اها ڳالهه وڌيڪ چڱي لڳندي آهي ته هُن پنهنجي والد کي سنڌ سان گڏي رکيو آهي، ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جون خدمتون سنڌ واسي وساري ڪونه ٿا سگھن پر وقت سان گڏ ڪيتريون شخصيتون ڌُنڌ ۾ اچي وينديون آهن، شاباس آهي مير نادر علي ابڙو کي جنهن پنهنجي والد جي ورسين ۽ سالگراهن کي ملهائي پنهنجي ذميدارين جو ثبوت ڏنو آهي. آءٌ نادر علي ابڙي جي ان عمل جي تعريف پنهنجي ٻين دوستن سان پڻ وڏي واڪي ڪندو آهيان، يقين پڇو ته آءٌ نادر علي ابڙو جي ان ذميداريءَ کي پسند ڪريان ٿو.
اهو سڀ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي سٺي تربيت جو نتيجو آهي جو اڄ سندس اولاد سنڌ جي نامور شخصيتن ۾ شمار ٿئي ٿو. آءٌ اڪثر سندن نياڻي زاهده تاج ابڙو جا ڪالم به پڙهندو آهيان، مونکي سندس شاعري ۽ ٻيون لکڻيون به پسند آهن. آءٌ توهان کي ڪيترا سال اڳ جو هڪڙو واقعو ٻڌايان ته ڪراچيءَ مان آءٌ چڙهيس. جهاز ۾ هيس، ملائيشيا وڃي رهيو هيس پر آءٌ ان ڏينهن ڪجهه اداس هيس. ڪجهه ڳالهيون هيون، جيڪي ذهن کي مونجھاري منجهه آڻي رهيون هيون. مون عادت مطابق ڪجهه سنڌي اخبارون کڻي مطالعي لاءِ پاڻ وٽ، ايئر هوسٽ کان ورتيون. ان وقت هڪ ڪالم تي نظر پيم زاهده تاج ابڙو جو لکيل هڪ ڪالم هو جيڪو هُن پنهنجي والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي ورسيءَ جي موقعي تي لکيو هو. آءٌ ڪالم پڙهندو ويس، پر ان ڪالم ۾ زاهده تاج ابڙو پنهنجي والد جي يادگيرين کي اهڙي ته چڱيءَ ريت سهيڙيو هو جو سندس والد سان انسيت ڏسي آءٌ پنهنجي ذهن جي اُها مونجهه وساري ويٺس ۽ هشاش بشاش ٿي ويس. ان وقت به آءٌ اهو ئي محسوس ڪري رهيو هوس ته اها ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي تربيت ۽ شخصيت جو اثر آهي جو کين سندس اولاد سانڍيندو ٿو اچي.
جڏهن نادر علي ابڙو مون کي پنهنجي نئين ايندڙ ڪتاب لاءِ ٻڌايو ته مونکي بي انتها خوشي محسوس ٿي. مون سندس پهريون ڪتاب به پڙهيو آهي، سندس ڪالم وڻندڙ ٿين ٿا. هن وٽ لکڻ جي ڏات آهي جاکوڙي ليکڪ آهي. سنڌ جي مختلف شخصيات تي به گھڻو ڪم ڪيون اٿائين. نادر علي ابڙو جي ڏات ۽ ڏانءُ جي انيڪ خوبين مان هڪ خوبي اها پڻ آهي، هو نه صرف پنهنجي والد جي ورسي ياد رکي ٿو پر سنڌ جي ڪيترن انيڪ ٻين شخصيتن جي ورسي جي ڏينهن مطابق پڻ لکي ٿو. اها به وڏي ڳالهه آهي.
هن ڪتاب جا ڪالم پڻ منهنجي نظر مان گذريا آهن، مختلف موضوعن تي قلم کي حرڪت ڏني اٿائين. سندس هر ڪالم پڙهڻ جھڙو آهي. ڪالمن ۾ ڀرپور ڄاڻ پڻ اٿس. هو هڪ اهل علم ۽ ادبي گھراڻي جو فرد آهي ۽ هاڻ هو پنهنجي ڏاهپ ۽ علم سان مختلف شخصيتن کي مڃتا ارپي رهيو آهي.
آءٌ سمجھان ٿو ته سنڌي سماج ۾ مير نادر علي ابڙو جھڙي ادبي شخصيت جي گھرج آهي. سندس قلم جنهن چاهه سان اڳڀرو ٿي رهيو آهي، اهو سنڌي ادب ۾ سٺو واڌارو ٿيندو.
ميرنادر علي ابڙو جو ڪتاب ’’مايوسين جي ميڙن کان اميدن جي ميلن تائين‘‘ ۾ سندن زندگيءَ جون يادون تحرير ڪيل آهن. ڪتاب جو هر رنگ ادبي لحاظ کان منفرد نظر اچي ٿو، ليکڪ جتي مذهبي رنگ پروڙيا آهن ته اتي ٿر کان عمرڪوٽ تائين جي تاريخي ماڳن مڪانن جو تذڪرو به بهتر ۽ سولي سنڌي منجهه ڪيو آهي. سندن ڪتاب ادبي لهجي جي حساب سان بهترين ۽ لاجواب چئي سگهجي ٿو. ڪتاب ۾ موجود سمورا مضمون ڪالم مختلف وقتن تي اخبارن منجهه شايع ٿيل آهن جن کي سهيڙي ليکڪ هي ڪتاب تشڪيل ڏنو آهي جيڪو ضرور پڙهندڙ لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو ۽ ان سان ادبي دنيا ۾ هڪ وڌيڪ ڪتاب جو واڌارو ٿيڻ سان گڏ عام ماڻهو کي به وڏي ڄاڻ ملندي هن ڪتاب ۾ ميرنادر علي ابڙو پنهنجون پراڻيون يادون سهيڙي پڙهندڙن سان اوريون آهن جن منجهه کوڙ ساري معلومات شامل آهي.
مير نادر علي ابڙو جو ادبي قد ڪاٺ ڏسجي ته پاڻ سنڌ جي ٻين اديبن جي نسبت مختلف نظر اچن ٿا. اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمنٽ جهڙي کاتي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر هجڻ باوجود عام ماڻهن وانگي جيون گهارين ٿا ۽ جتي به ڊيوٽي ڪئي آهي اتي رهڻ دوران اتان جي ثقافت ۽ ڪلچر کي متعارف ڪرائيندي اتي جي تاريخ جي حوالي سان لکيو آهي ادبي پروگرام پڻ ڪرائيندو ٿو رهي. هن پنهنجي سڃاڻپ الڳ سان ٺاهي آهي، پاڻ سنجيده قسم جا ماڻهو آهن جنهن جو نمونو اسان سندس ڪتاب ۾ شامل ڪالمن ۽ مضمونن مان لڳائي سگهون ٿا ته سندس جذبا ڪهڙي قسم جا آهن، ڪتاب ۾ جيڪي به ڪالم شامل ڪيا آهن انهن ۾ هر ڪالم جو الڳ مزاج ۽ ذائقو آهي، سمورا ڪالم هڪ ٻي کان مختلف نظر اچن ٿا.
ليکڪ جي ڪتاب ۾ اها به ڪوشش رهي آهي ته هر ڪالم ۾ ٻولي سادي ۽ جامع استعمال ڪجي جنهن سبب جيڪي به ڪالم ڪتاب منجهه شامل ڪيا آهن، سي پنهنجي اهميت جي حساب کان مٿڀرا نظر اچن ٿا. شايد ئي ڪو اهڙو اشو هجي جيڪو سندن نگاهه کان رهجي ويو هجي ۽ پاڻ هن تي قلم نه کنيو هجي، ايستائين جو پنهنجي ڊپارٽمينٽ اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ جي حوالي سان به ڀرپور ڪالم تحرير ڪيو آهي ۽ هن منجهه عوام کي اها صلاح ڏني آهي ته اهي ڪهڙي طرح هن کاتي مان فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا. سندس هر لکڻي ۾ ڪردار ڳالهائيندي ڪچهري ڪندي نظر اچن ٿا، جنهن مان اسان اهو اندازو لڳائي سگهون ٿا ته سندس شخصيت ۾ ادبي پورهيو ڪيتري حد تائين شامل آهي.
مير نادر علي ابڙو جي شروعاتي پالنا ئي ادبي گهراڻي ۾ ٿي آهي ۽ پاڻ سنڌ جي تمام وڏي نانءُ سماج سڌارڪ اديب جج سياستدان استاد سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي بنيادي ميمبر ۽ ارڏي صحافي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي گهر جنم ورتو ۽ سندن جا وڏا پٽ آهن جنهن ڪري سندن پالنا شروع کان ويندي ادبي ماحول ۾ ٿي ۽ پاڻ پنهنجي هڪ الڳ حيثيت ٺاهي. هن سان گڏ سوڀي گيانچنداڻي، مرحوم ابراهيم جويو ۽ ڄام ساقي جهڙن وڏن جي سرپرستيءَ جو هٿ مٿس رهيو، اهو ئي سبب آهي جو سندن منجهه ادبي خوبيون بي پناهه ڏسڻ ۾ اچن ٿيون ۽ سندن تحريرن کي پڙهندي اهو محسوس ٿئي ٿو ته سندن شخصيت ۾ هڪ وڏو اديب موجود آهي ۽ سندن قلم ۾ بي پناهه قوت پلجي ٿي. مون ڏٺو آهي ته مير نادر علي ابڙو انٽرنيٽ تي پڻ علمي ادبي ۽ سماجي سرگرمين جي حوالي سان بيحد سرگرم ۽ مقبول رهي ٿو . بحرحال هن برجستي اديب نوجوان مان آءٌ اها اميد رکان ٿو ته هُو آئينده به اعليٰ ڪتابن جا تحفه پڙهندڙن کي ارپيندو رهندو.