پيش لفظ : نصير مرزا
ڳالهيون ته الائجي ڪهڙيون اٿن،
ڪو ’ها‘ پيو ڪري، ڪو ’نه‘ پيو ڪري.
هاڻي اهڙن رنگ رنگ جي اڪيچار ڪالم نويسن ۽ تجزيه نگارن وچ ۾ هي جيڪي اسين ٻه ويچارا ڪالم نگار، يعني هڪڙو هي آئون ناچيز، ۽ ٻيو هن ڪتاب جو مصنف، مير نادر علي ابڙو! اُهي ته صفا اشراف... ۽ ساده ڪالمنگار، پر هن نادر سان منهنجون ڪل ڪيتريون ملاقاتون، جي ها! ٿوريون روبرو ۽ گهڻيون بس سيل فون تي. هاڻي ڇا ٻڌايان، ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن ۽ ليکڪ ابن ليکڪ، هي مير نادر، روبرو ڏسڻ ۾ ڪيئن لڳندو آهي مون کي؟ وڻندڙ شخصيت... سهڻو جوان، صاف سٿرو، بدن تي لباس اڇو اجرو، مٿي تي وار، جيڪي هر وقت سليقي سان سنواريل. اجهو اهڙي هن نادر جي ٻي نادر خوبي هي به ته مزاجن مکڻ ماڻهو ۽ جڏهن جڏهن ڪٿي ملندو، قربت ۽ ويجهڙائپ جو هڪ وڌيڪ ڏيئو ٻاري دل ۾ رکي ويندو، ۽ اينٽي ڪرپشن جي بالا آفيسر ناتي هو ڪجهه وٺڻ ڏانهن مائل الائي نه... البت مون سان ڇا، جنهن جنهن سان به هو ملندو، ويندي ويندي ان کي پنهنجي ٻانهن جو هار ضرور پارائي وڃڻ جو قائل.
ياد آيم غلام رباني آگرو صاحب، چوندا هئا... ڪو جي مون کان پڇي.. . تو مرزا قليچ بيگ ڏٺو؟ ته ٺهه پهه وراڻيندس: قليچ بي شڪ مون نه ڏٺو، پر چئي سگهان ٿو، مون محمد ابراهيم جويو ڏٺو. هاڻي ڇا حرج، جي چوان ته مون ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صاحب، بي شڪ نه! پر سندن لائق فائق فرزند نادر ابڙو کي ضرور به ڏٺو، ۽ گڏوگڏ ادي شاهده ۽ ادي زاهده کي به ڏٺو. ۽ سچ ٿو لکان، هي سڀ، ڇا ته خوشبودار ملنسار ۽ پيارا قلمڪار، ۽ اهڙا جو، ساڻن ملي دل مان آواز نڪرندو آهي:
اين خانه همه آفتاب است
آئون ڀانئيان ٿو ته، سائين تاج محمد ابڙي صاحب جي نظرداريءَ هيٺ پلجندڙ هي سارو پريوار نادر، شاهده ۽ ادي زاهده ئي نه، سارو ئي ڪٽنب، ادب دوست... اديب شاعر، صاحب مطالع ۽ بي حد با ذوق. هونئن آخر هجي به ڇو نه، جو سڄاڻ والد، پنهنجي ساري اولاد کي سالگراهن تي، گفٽ ۾ ٻيو ڪجهه نه، صرف عظيم ليکڪن جا ڪتاب ئي تحفي طور پئي ڏنا. ٻي پاسي اولاد جي سعادتمندي ڏسو، ڪيڏا نه فرمانبردار ثابت ٿيا، جو والد صاحب جي ٻاريل مشعل کي ان کان پوءِ به روشن رکندا آيا.
نادر جي ڪالمن، مضمونن جو هي ڪتاب جنهن جو نالو ’’مايوسيءَ کان اميد تائين‘‘ان ۾ هن جا ڪل 30 کن ليک مون کي نظر آيا. هن جي پنهنجي ههڙين ذاتي تحريرن کان اڳ هن کي هي شرف به حاصل، ته هن پنهنجي نامياري والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي شخصيت ۽ خدمتن بابت ڪنهن وقت هڪ ڪتاب پڻ سهيڙيو هو: ’’سنڌ جو املهه هيرو‘‘. سندس اهڙي سهيڙ تي، سائين محمد ابراهيم جويي صاحب ۽ گڏوگڏ ڪامريڊ ڄام ساقيءَ پڻ، کيس بي حد داد ڏنو هو.
نادر جي هن ڪتاب جي پهرئين ئي مضمون تي نظر پئم ته، ڀٽائي صاحب جي هيءَ سٽ ذهن ۾ پڙاڏجڻ لڳي هئم:
بالله ري پرين، سڀ اُونداهي ڀانيان.
اجهو ناصر ڪاظمي جو به ته هڪڙو، اهڙو ئي ڪو شعر آهي:
مين ني جب لکنا سيکا ٿا،
پهلي تيرا نام لکا ٿا.
نادر هن ڪتاب جي ابتدا به، اهڙي ئي انداز ۽ احساس سان ڪئي آهي. ظاهر آهي جنهن خلقڻهار، بهترين مخلوق جي صورت ۾ اسان کي پيدا ڪيو آهي، ان جي واکاڻ اسان تي به ته لازمي آهي. ان مضمون ۾، نادر جا هي ڇا ته سهڻا خيال:
سؤ صلواتون، درود پڙهڻ وارو شخص، ٽن قسمن جي درياهه ۾ ٽُٻي هڻي ٿو. نور توحيد، نور نبوت، نور ولايت جي درياهه ۾ ۽ گڏوگڏ ’’سبحان الله‘‘ چوڻ پڻ جهڙو ڪر.. برڪت ئي برڪت جو باعث...
۽ جنهن شخص، پاڻ سڳورن تي گهڻو درود شريف پڙهيو، ان ڄڻ، حضور پاڪ جن جي محبت خريد ڪري ورتي.
نادر... شفاف هٿن، خلوص دل ۽ محبت سان خدمتون سرانجام ڏيندڙ والد جو تربيت يافته پٽ آهي، جيڪو هن وقت اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر جي عهدي تي فائز ... ۽ ان سان گڏوگڏ، پاڻ به والد صاحب وانگر هڪ بااصول، نيڪ نيت ۽ آئيڊيل دبنگ آفيسر.... سو پنهنجي هڪڙي ڪالم ۾، ان کاتي بابت ڄاڻ ڏيندي لکي پيو:
سنڌ حڪومت جو هي واحد کاتو آهي، جتي آفيسر نيڪ نيتي سان ڪم ڪري، ته بي پهچ ماڻهن جون دعائون، کيس الائي ڪٿي پهچائي سگهن ٿيون.
بقول بابا تاج صاحب! انگريز سرڪار هي اينٽي ڪرپشن کاتو نه ٺاهي ها، ته سنڌ جا ڪامورا، سڀ کاتا ئي کائي هڙپ ڪري وڃن ها.
شڪر مالڪ جو، مون وٽ روز الائي ڪيتريون عورتون ۽ مرد، روئيندا ايندا آهن ۽ انصاف ملڻ تي کِلندا، خوش ٿيندا، روانا ٿي ويندا آهن.
گڏوگڏ نادر ڪن خوشگوار موضوعن تي به ته ڪالم لکڻ، نه وساريا آهن. مثال طور ’’عيد تهوار‘‘، ’’ثقافتي ڏهاڙا‘‘ ، ’’محبتن جو عالمي ڏينهن‘‘... جنهن ۾ هي ڪيڏو نه سهڻو سنيهو هن رقم ڪيو آهي:
اچو ته هن عالمي ڏينهن تي، هر هڪ کي محبت جا گلاب آڇون. مُرڪن جي بازار آباد ڪريون.
ائين اپريل فول!! ڪيڏو نه مزيدار موضوع جڏهن دوست احباب هڪ ٻئي کي بي وقوف بنائي خوش ٿيندا آهن.
ياد ڪريو، مدر ٽريسا ڇا چوندي هئي؟ ماڻهن کي اٽي جي گهٽتائي نه، محبت جي اڻاٺ ماري ڇڏيندي آهي. پر هاءِ بدنصيبي، پاڻ وٽ سنڌ ۾ سڀ ڪجهه هوندي سوندي به، هڪ پاسي ڪڻڪ ۽ اٽي جي هٿرادو اڻاٺ ڏيکاري ويندي آهي ته ٻئي پاسي محبت جي. مٿان هي ذات پات جا ويڇا... ڪڙم قبيلن جا قبائلي جهيڙا، تفرقا ... اسان جو نادر انهن بابت لکي ٿو:
بقول ڪامريڊ تاج محمد... سنڌ جون زمينون ايڏيون ته زرخيز، جو ڪو به بکيو نٿو سمهي سگهي. پر هاءِ، پرمار ۽ جاگيردار، جن جا پنهنجا ڀڀ ۽ ڀانڊا ته ڀريل، پر ڌرتي کيڙي ان اپائيندڙ پورهيتن جا ٻچا بکيا... ۽ لنگهڻ تي...
عوام اٽي جي لپ لاءِ روڊن تي، ۽ ٻي پاسي واپاري، عيش ۽ آرام ۾...
هوڏانهن ٿر، جتي گرينائيٽ، بليڪ گولڊ، پوءِ به اتي ڏڪر جو ڏڪر... ڪرم جو ڪڪر جي وٺو ته پوءِ اِهو ئي ٿر ۽ بر.. .سائو ۽ سرسبز. جنهن جي سير سياحت لاءِ سرندي وارا ويندا آهن، ۽ اڪن، روهيڙن ۽ ڪونڀٽن سان سيلفيون ڪڍي موٽي ويندا آهن، جتي پويان ٻار بک وگهي مرن يا مور، انهن بابت ڪير ٿو سوچي!
اجهو ڪي ورهيه، مير نادر جڏهن ٿر مٺي ۾ اينٽي ڪرپشن ۾ سرڪل آفيسر ٿي رهيو. انهن ڏينهن کي ياد ڪندي، هن اسان کي ٻڌايو آهي ته:
ٿر جي شهر ننگرپارڪر ۾ مسڪين جهان خان کوسو ادبي لائبريريءَ جو بنياد رکيوسين (اميد ته اُها اڄ به اتي قائم ۽ دائم هوندي) پوءِ ٿر جي شهر چيلهار ۾، رائچند راٺوڙ جي ورسي به ملهائي سين.
مورن ۽ ٿري ٻارن تان ياد آيو، ته هن ڪتاب ۾، نادر ٻارن جي عالمي ڏينهن تي به ته هڪڙو اهم ڪالم لکيو آهي. جنهن ۾ هن هيءَ ڪيڏي نه سهڻي ڳالهه لکي آهي:
ٻارڙن جي اڳيان ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ نشي آور شين جي استعمال کان پاسو ڪيو وڃي.
نادر جي ڪالمن جا، ٻيا به ڪيئي موضوع آهن ۽ خاصا رنگارنگ. مثال طور: ننڊ ڇو ناهي ايندي... اين جي اوز ڪلچر... سنڌ جا تپيدار ۽ مختيارڪار... پوليس جون من مستيون... پورهيتن جو عالمي ڏينهن... ثقافتي ڏهاڙا... ۽ اجهو اهڙن مختلف موضوعن جي وچ ۾ هي خوشبودار ڪالم پڻ، جنهن جو عنوان ’’ميرپورخاص ۾ انبن جو ميلو‘‘، هاڻي ڪير نٿو ڄاڻي ته، سنڌ جو هي سدا بهار، ميرپورخاص شهر بڙن ۽ پپرن جي وڻن سان ٺنڊا ٺار... جيڪو سڏبو ئي آهي ’’اين. جي. اوز ۽ مينگوز جو شهر‘‘ جتي سال به سال هي ڇا ته مينگو فيسٽيول وارو مؤج ميلو... بقول نادر:
هتي انبن جي خوشبو، ٻارڙن ۽ عورتن جا ٽهڪ، رانديگرن جا ٽولا، ملهه پهلوانن جون زور آوريون، معنيٰ جنهن جنهن هن مينگو فيسٽيول جا منظر ڏٺا، اهو خوش نصيب ۽ جن نه ڏٺا اهي....
’’ٺري ميرواهه ماکي جهڙو شهر...‘‘ بقول نادر، هن شهر جو اهو ڇا ته مٺو مٺو نالو، ٻڌڻ سان ئي هيانءُ ٺريو پئي. ڪنهن وقت نوڪريءَ سانگي نادر ان شهر ۾ رهيو، ته لکيائين:
ٿورو ئي وقت اندر، هن علائقي مان ايڏي ته سٺي ۽ حيرت ۾ وجهندڙ موٽ ملي، جو مان خود وائڙو ٿي ويس. هونئن هتي جي هر شيءِ وهوا... پر هاءِ مٺي ماکي!
ٺري ميرواهه کان سواءِ، شهداد ڪوٽ، شهر جيڪو هن جي والد گرامي تاج محمد ابڙي صاحب جو جنم شهر پڻ. نادر کي ان شهر ۾ به خدمت ڪرڻ جو موقعو مليو، اتي جي گرمي جو احوال ۽ مشاهدو، پاڻ هن ريت اسان کي ٻڌائي ٿو:
“شهدادڪوٽ ۾ سخت گرمي، بجليءَ جي اک ٻوٽ... جنهن دؤران، اڪثر ماڻهن کي مون بي هوش ڏٺو.”
ٻئي پاسي، شهدادڪوٽ جي قربدار ماڻهن جو ذڪر وري هُو هن ريت ٿو ڪري:
هتي چوڻي مشهور آهي، ته شهدادڪوٽ، ائين نه موٽ، جي موٽ ته سڪ وٺي موٽ.
ٻي سٺي ڳالهه، ته رڪشا هتي گهٽ ۽ هر طرف هزارين ٽانگا هلندا نظر ايندا.
’’مائن جي عالمي ڏينهن‘‘ واري ڪالم ۾، نادر هيءَ ڪيڏي نه املهه سٽ لکي آهي، ۽ بلڪل سچي سون جهڙي... جنهن کي به، خدمت عيوض ماءُ جي دعا لڳي وڃي، سو ست جنم رڱجي ٿو وڃي.
نادر... سنڌ جي روايت ثقافتي مرڪز ‘اوطاق’ بابت به شاندار ليک لکيو آهي، ٿورو ٿڪو اِهڙو ڪلچر، سنڌ ۾ اڄ به ڪٿي ڪٿي رائج ئي آهي، پر لاڙڪاڻي ۾ محمد ايوب کهڙي صاحب ۽ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي صاحب جي اوطاقن جو ذڪر ته خاص طرح سان لاڙڪاڻي وارن تذڪرن ۾ مون بار بار پڙهيو آهي. اهڙين اوطاقن ۽ اوطاقي انسانن جي صحبتن کي ياد ڪندي، نادر بجا طور تي هڪڙي ڪالم جو عنوان رکيو آهي:
ويا مورَ مري، هنج نه رهيو هيڪڙو
مير نادر... اردو ٻوليءَ جي مقبول شاعر احمد فراز جي وفات بابت به ته تعزيتي ڪالم هن ڪتاب ۾ لکيو آهي. فراز صاحب بابت هن جي ان ڪالم تي اجهو فراز جو هي شعر ذهن تي تري آيو اٿم:
شڪوهء ظلمتِ شب سي تو ڪهين بهتر ٿا،
اپني حصي ڪِي ڪوئِي شمع جلاتي جاتي.
ته بس... اسان جي همعصر قلمڪار، مير نادر علي ابڙي، هن ڪتاب جي صورت، سنڌي ادب جي اونداهي جاري ۾، پنهنجي حصي جي هيءَ هڪ، شمع ئي ته ٻاري رکي آهي. دعا آهي هن شمع جي لاٽ، سنڌ ۾ صبح جي سوجهري ٿيڻ تائين، سدا روشن رهندي. آمين. يا الرحمراحمين.
حيدرآباد
5.6.2018