ڪالم / مضمون

مايوسين جي ميڙن کان اميدن جي ميلن تائين

مير نادر علي ابڙو جي هن ڪتاب ’’مايوسين جي ميڙن کان اُميدن جي ميلن تائين‘‘ ۾ ڪُل 30 مضمون موجود آهن، جيڪي آهن ته سنڌي سماج جي باري ۾ پر لکڻ جو انداز تخليقي آهي، سو ائين چئي سگھجي ٿو ته هي ڪتاب سماج ۽ تخليق جو ميلاپ آهي ته جيئن ادب پڙهندڙ جي به هن ڪتاب تائين رسائي هجي ته ٻئي پاسي سماج جا پرت به کُلندا وڃن. هي هڪ تجرباتي ڪتاب آهي. هن ڪتاب جي هڪ اها به خوبي آهي ته هيءُ ڪتاب ليکڪ پنهنجي محبوب والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو يادگار ڪاميٽي طرفان شايع ڪيو ويو آهي، جيڪو عمل سندس والد جي ياد به ڏياري ٿو.
Title Cover of book مايوسين جي ميڙن کان   اميدن جي ميلن تائين

ٺري ميرواهه ماکيءَ جهڙو شهر

هر علائقي جي مٽيءَ جو پنهنجو مانُ ۽ شانُ آهي. هونئن ته سنڌ سموري سون آهي. سنڌ ماتا جي ڪهڙي ڪنڊ جي تعريف ڪجي پر هر انسان کي ڪونه ڪو شهر ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان ياد رهندو آهي. مون کي جڏهن سن 2003ع ۾ عمرڪوٽ کان ٺري ميرواهه ۾ بطور سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن ڪري رکيو ويو ته اڃان عمرڪوٽ ۾ ئي هيس ته پريشان ٿي ويس ته ٺري ميرواهه سنڌ جي پٺتي پيل علائقي ۾ ڪيئن رهي سگهندس پر سرڪاري ملازم به ويچارو ڏاڍو مظلوم ٿئي ٿو. فقط اڌ پني ٽڪر جو مهمان، پکيءَ جيان ڪا خبر ڪانه پوندي ته ڪهڙي لمحي اڏامي هڪ وڻ ڇڏي ٻئي وڻ تي ويهي. هونئن به ڏٺو وڃي ته انسان جي جتي روزي رب پاڪ لکي ڇڏي اتي بندو اوس پهچي ئي پهچي. جڏهن مان ٺري ميرواهه پهتس ته اتي ادبي لحاظ کان مون کي بنهه پري پري تائين اوندهه نظر آئي، آخر مجبور ٿي ٺري ميرواهه تعلقي ۾ مون ادبي سرگرمين جو هڪ ڀرپور سلسو شروع ڪيو جنهن ۾ اديبن، شاعرن، ليکڪن، سماج سڌارڪ شخصيتن جون ورسيون، تعزيتي ميڙاڪا، مشاعرا، سگهڙ ڪانفرنسون، ادبي رهاڻيون ويندي ڪتابن جا ميلا به لڳرايا.
ٿوري ئي وقت اندر مون کي هن علائقي مان ايڏي ته حيرت ۾ وجهندڙ سٺي موٽ ملي جو مان خود وائڙو ٿي ويس. ادبي جاڳرتا پيدا ڪرڻ جي موٽ ۾ منهنجي والد سنڌ جي نامور اديب، دانشور، جج، سياستدان، سماج سڌارڪ تعليمدان ۽ بيباڪ صحافي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي نالي سان هتان جي شهرين، سماجي، ادبي، صحافتي ۽ ٻين فلاحي تنظيمن پاڻ مرادو پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪامريڊ تاج محمد ابڙو يادگار لائبريري قائم ڪري ورتي جيڪا ٺري ميرواهه تعلقي جي پهرين واحد لائبريري آهي جتان هاڻي ٺري ميرواهه جا سوين نوجوان علمي، ادبي طرح سٺو لاڀ حاصل ڪري رهيا آهن. انهيءَ سڄي ڪم ۾ منهنجو ڪو به ڪمال ڪونه هو، مان ته صرف انهن کي ملائڻ جو بهانو بڻيس جو هو ادب جي ميدان ۾ اڳي کان اڳرا ٿي پيا ۽ ڳالهه ايتري حد تائين وڌي جو ٺري ميرواهه جا رهواسي ادبي پروگرام رچائڻ لاءِ مونکي دعوتون ڏيڻ لڳا.
ٺري ميرواهه جي ڌرتي شاعرن ۽ اوليائن جي ڌرتي رهي آهي. جيڪڏهن اسان فقط غلام حيدر گدڙيو فقير، فولاد فقير ۽ جمشيد فقير ڏسون ٿا ته حيرت ٿي وٺي.
وڏي نالي وارا اولياءَ ۽ شاعر آهن جن کي ٺري ميرواهه جي ڌرتي جنم ڏنو آهي اهي ٽئي شاعر ۽ اولياءَ سيد ، مخدوم، پير يا قريشي وغيره نه آهن بلڪ شر بلوچ آهن ۽ مونکي ته لڳندو آهي ته هتان جي شر قوم تي انهن اوليائن جو وڏو اثر ڇڏيل آهي، تنهن ڪري ئي شايد مون کي هر چوٿون شر قوم جو ماڻهو شاعر نظر آيو. ٺري ميرواهه ۾ رهندڙ قومن ۾ جوڳي، ٻانڀڻ، دستي، شر، مانڊڻ، لغاري، ڦل، سوڍڙا، اعواڻ، ڪٻر، خاصخيلي، لاشاري، چنا، بهڻ، بوزدار ۽ ٻيون کوڙ ساريون ذاتيون آهن مختلف ذاتين هوندي به هتي اهي سڀ هڪٻئي سان پيار، محبت سان گڏجي رهن ٿا ٺري ميرواهه جيئن ته اپر سنڌ جي ٿر جو علائقو آهي ۽ ٿر جي واريءَ جا ماڻهو قدرتي محبتي، سٻاجهڙا، مهمان نواز ۽ امن پسند ٿين ٿا.
مون اتي جي ماڻهن کي غربت هوندي به دل جا دريا محسوس ڪيو هتي سنڌ جي ٻين علائقن جيان سردار، چيف سردار، سردارن جا ڪمدار، ڪمدارن جا نوڪر ۽ نوڪرن جا چاڪر ۽ چاڪرن جا چوڪرا ڪونه آهن. تنهن ڪري ئي ٺري ميرواهه تعلقي اندر نه ٿين جرڳا، نه ٿين فيصلا، انهن ڳالهين نه هئڻ ڪري ئي هن تعلقي ۾ سنڌ جي مشهور ڪڌي رسم ڪارو ڪاري، خون، زنا، ڌاڙا، ڦرون، چوريون ۽ اغوا وغيره نالي ماتر نه هجڻ برابر آهن ۽ سنڌ جو هي تعلقو امن جي حوالي سان جنت جي ٽڪر جيان آهي. ٺري ميرواهه زراعت جي حوالي سان به ملڪان ملڪ مشهور آهي.
هتي ڦٽي، سرنهن، ڪڻڪ ۽ ٻيا کوڙ سارا فصل ٿين ٿا پر انهن سڀني فصلن کان وڌيڪ سنڌ ۾ ٺري ميرواهه ماکيءَ جي حوالي سان ڪجهه گهڻو ئي مشهور آهي. اتي ماکي تمام گهڻي پيدا ٿيڻ جي باوجود پئسن سان ڪونه وڪامجي جو اتان جو رهواسيءَ ماکي کي وڪڻڻ وڏو عيب سمجهن ٿا. تنهن ڪري تحفي طور ماکي ملي ته ملي نه ته پاڻ کي وڻن تي چڙهي لاهڻي پوي ٿي. ٺري ميرواهه شهر واسين جو تمام ئي وڏي کان وڏو مسئلو گندي پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ کڏ جو هيو، شهر جو گندو پاڻي جو نيڪال هڪ سرڪاري قدرتي کڏ ۾ پئي ٿو.
سنڌ جو روينيو کاتو ماشاءَ الله پنهنجو مٽ پاڻ آهي. مالڪ ڀلي پيو پنهنجي ابن ڏاڏن جي زمين کيڙي پر خبر تڏهن پوندس جڏهن زمين ڪنهن ٻئي جي نالي تي روينيو رڪارڊ ۾ چڙهي ويندي. ٺري ميرواهه جي انهيءَ گندي پاڻي جي سرڪاري کڏ سان به روينيو کاتي اهڙي ئي تعدي ڪري ڇڏي ۽ بااثر ڌرين انهي کڏ ۾ جڏهن مٽي وجهرائڻ شروع ڪئي ته مون ان جي مڪمل انڪوائري ڪري اينٽي ڪرپشن ڪورٽ سکر ۾ ڪيس خلاف ٺاهي موڪليو. مون کي پوءِ اهو احساس ٿيو ته خدا مونکي عمرڪوٽ کان ٺري ميرواهه انهيءَ ايڏي وڏي ڪارنامي ڪرڻ لاءِ چونڊي موڪليو هيو. ڇو جو اگر ڪا وڏي برسات اچي ها ته برسات جو پاڻي کڏ ۾ نيڪال نه ٿيڻ ڪري ٺري ميرواهه شهر سمورو ٻڏي وڃي ها ۽ هزارين ماڻهن جا لاش ڍوئڻا پون ها ايڏي وڏي ثواب جو ڪم خدا جي ذات مونکي ٺري ميرواهه موڪلي منهنجي هٿان ڪرايو.
با اثرن مون کي نهن چوٽيءَ جا زور لڳرائي بدلي ڪرائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ۽ ڪا به ڪسر ڪانه ڇڏي پرکين هر دم ناڪامي نصيب ٿي، الٽو منهنجي عوامي محبت ۾ اضافو ٿيو ۽ شهرين ڏاڍيون دعائون ڏنيون.
ٺري ميرواهه واسين جو وڏي ۾ وڏو خواب ٺري ميرواهه ضلعو ٿيڻ آهي جيڪو سندن اڃا پورو ٿي نه سگهيو آهي. خيرپورميرس اٺن تعلقن تي وڏي آبادي ۽ وڏي ايراضي تي مشتمل سنڌ صوبي جو وڏو ضلعو آهي تازو ئي سنڌ حڪومت سنڌ جي عوام کي فائدو ڏيڻ لاءِ اهم ۽ انقلابي قدم کڻندي ڪافي ضلعا ٺاهيا آهن. خيرپور رياست جي ميرن جا حڪومت سان ٿيل معاهدن هئڻ ڪري ٺري ميرواهه ضلعو ٿي نه سگهيو، پر ڪجهه ڏينهن کان اخبارن ۾ خبرون اچي رهيون آهن ته خيرپور ميرس مان به ضلعا ٿيڻ وارا آهن. سنڌ اندر ٿيندڙ ڪجهه نون ضلعن ٿيڻ واري مرحلي ۾شايد ٺري ميرواهه به ضلعو ٿي وڃي شال ٺري ميرواهه وارن جو اهو خواب خدا جلد پورو ڪري.
بهرحال اڄ مونکي ٺري ميرواهه ڇڏي چار مهينا گذري چڪا آهن پر اتان جي رهواسين طرفان جيڪا مون کي سڪ، پيار ۽ پنهنجائپ ملي آهي تنهن کي مان زندگي ڀر وساري ڪونه سگهندس ڪڏهن ڪڏهن اڪيلائي ۾ ٺري ميرواهه کي ۽ سندس ماکيءَ جهڙن مٺڙن رهواسين کي ياد ڪندي دل ۽ اکيون ڀرجي اينديون آهن.

تعمير سنڌ، سچ، عبرت، عوامي آواز، هلال پاڪستان، خبرون