ٻارڙن جا حق ۽ حقيقي جدوجهد کان وانجهيل سماج
ٻارڙن جي حقن جي جيستائين ڳالهه آهي تنهن کي هر ڪو سمجهي ۽ محسوس ڪري ٿو ته هن وقت خاص طور تي سنڌ ۾ ٻارڙن تي جيڪي ڏاڍ ڏمر ڪريل آهن تنهن جي ماجرا ڪهڙن لفظن ۾ بيان ڪجي مون کي اڄ به اهي ڏينهن ياد آهن جڏهن آئون سن 2006ع ۾ سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن ٿرپارڪر ائٽ مٺي هئس ته هتي ٿر جي علائقي ۾ جيڪا مون ٻارڙن جي حالت ڏٺي ۽ ٻارڙن جي حقن جي جيڪا خلاف ورزي نيڻن سان پسي تنهن جي ڀلا ڪهڙي ڪهاڻي ويهي ڪجي.
هتي جا مقامي ماڻهو چون ٿا ته 30 هزارن کان مٿي ٻارڙا ٿر جي مختلف ڳوٺن ۾ غاليچا ٺاهڻ جي کڏين ۾ ڪم ڪن ٿا، جنهن جون عمرون 5 سالن کان 15 سالن جي اندر مس آهن. جن مان ڪافي ٻار ننڍپڻ واري عمر دوران مختلف بيمارين جي جتي ور ٿا چڙهن ته اتي کڏين ۾ تيز اوزارن جي استعمال سبب ٻارڙن جا هٿ پير خراب ٿين ٿا، پر اتي ٽي بي، هيپاٽائيٽس جون بيماريون عام آهن. ڪهاڻي رڳو اتي نٿي پوري پوي پر انهن ٻارن کي اتان جا سيٺيان انهن کڏين ۾ جيل وانگي قيد ڪيو ويٺا آهن، اجرت نه هئڻ برابر ٿي ملي. جي انهي جي پويان جا سبب ڳولهبا ته اهي صاف نظر ايندا ته ٿرپارڪر ضلعي ۾ بک، بيروزگاري ۽ ڏڪار وارين حالتن مان تنگ اچي اتي جا والدين پنهنجي ٻارڙن کي مختلف سيٺن وٽ گروي طور ڏئي ڇڏن ٿا ۽ بعد انهن ٻارڙن جو جيون انهي کڏين نما جيل ۾ پورو ٿيو ٿو وڃي، هو وقت کان پهرين ڳري هڏائون پنچرو ٿا بنجي وڃن.
اها ڪهاڻي هتي دنگ نٿي ڪري پر هن جو درد اڃان به تمام مٿانهون آهي، عيد، ڏياري ۽ هولي جي موقعن تي سيٺيا انهن ٻارن کي موڪل نٿا ڏين. تنهن جو تازو مثال ڏياري تي کڏين ۾ ڪم ڪندڙ ٻارڙن کي موڪل نه ڏيڻ خلاف عمرڪوٽ پريس ڪلب آڏو ميگهواڙ قوم جي اڳواڻن جي ڪيل بک هڙتال ۽ مظاهرو آهي. هيل تائين حقيقي معنيٰ ۾ انهن ٻارڙن جي درد کي ناهي ڪنهن پرکيو پر انهن جي محرومين کي هتي موجود اين جي اوز جا دوست ضروري ڪاروباري طور تي استعمال ڪندا ٿا رهن. جنهن سبب انهن جا سور گهٽجڻ بجاءِ وڌيا آهن ۽ اهي وڌيڪ ڀوڳنائن وارو جيون گذاري رهيا آهن ۽ هاڻ اهو جيون انهن لاءِ ڪا به اهميت نٿو رکي، انهن کڏين ۾ قيد پيل ٿر جي مختلف علائقن ۾ ڪم ڪندڙ ٻارڙن ۾ اڪثر هندو ڪميونٽي ۽ ميگهواڙ برادري سان تعلق رکي ٿي، جيڪي هر روز پنهنجي جيون جا سندر پل آپگهات جي ور چاڙهي هڪ نئين صبح جي آرزو جا گيت سموري زماني جي رنگينين کان اڻڄاڻ بڻجي ڳائن ٿا.
انهن کي اها به خبر ناهي ته ايندڙ صبح انهن لاءِ ڪهڙو سنديسو آڻيندو، تنهن لاءِ اهي ٻارڙا عالمي ڏينهن کي ڪنهن اهميت ڀري نگاهه سان نٿا ڏسن. اهو ئي ڪارڻ آهي جو اسان وٽ عورتن کان ٻارڙن تائين جيڪي به عالمي ڏينهن ملهايا وڃن ٿا سي رڳو ريلين، ورڪشاپن ۽ ليڊرشپ چمڪائڻ ۽ ڏيکاءُ جي حد تائين نظر اچن ٿا. انهي جا حقيقي معنيٰ ۾ اڄ ڏينهن تائين ڪي به مثبت اثر اسان جي سماج تي بهتر نموني سان پوندي نظر نه آيا آهن، تنهن ڪري اڄوڪي سماج ۾ اسان وٽ اهي عالمي ڏينهن ڪا خاص معنيٰ نٿا رکن اهي سيمينار ورڪشاپ، وڏيون ريليون، ڊگهيون تقريرون عمل کان هٽيل ڳالهيون ٻارڙن جا درد ۽ مسئلا نه ٿيون گهٽائي سگهن. انهي لاءِ هڪ وڏي حقيقي جدوجهد جي ضرورت آهي، اها جدوجهد جنهن جو اسان ڪڏهن رخ ناهي ڪيو، پر تنهن باوجود ڪي ڳالهيون مسئلا انتهائي اهم ۽ توجهه لائق هوندا آهن تن کان رخ موڙن سماج لاءِ تمام گهڻو نقصانده ثابت ٿئي ٿو. هن وقت ٻارڙن جي حوالي سان اهڙو ڪوبه ڪم اسان وٽ ناهي ٿي سگهيو، جنهن کي ويهي ڳائجي.
سموري سنڌ ۾ ٻارڙن سان زنا، اغوا، جبري مشقت هر قسم جي زيادتي سرعام ڪئي پئي وڃي. سيمينٽ جي فيڪٽري کان ويندي ٿر جي کڏين تائين جتي ڪٿي ٻارن جا حق ماريا پيا وڃن. هن جي پويان به ڪي سبب آهن جيڪي والدين جون محروميون نظر پيون اچن. وڌندڙ غربت ۽ بيروزگاري جا اثرات به جتي وڏن تي پون ٿا ته اتي انهي جو اثر ٻارڙن تي به برابر جو پوي ٿو. ڪيترائي ٻارڙا غربت ۽ بيروزگاري سبب اسڪول نٿا وڃي سگهن. يو ايس اي ۽ حڪومت تعليم جي واڌاري ۾ ڪنهن حد تائين ضرور ڪاميابيون ماڻيون آهن. مفت تعليم واريون به ڪوششون تعليم جي واڌاري ۾ ڪنهن حد تائين ڪامياب ثابت ٿيون آهن پر اڃان به هن واڌ ۾ وڏي جدوجهد جي ضرورت آهي.
مون کي اڄ به بابا مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي اها ڳالهه ياد پوي ٿي جيڪا هن ٻارڙن جي حوالي سان چئي هئي ته ٻار گلن کان به وڌيڪ حساس هوندا آهن هر ڳالهه کي جلدي ذهن تي وٺي ٿا ويهن جن جا اثرات انهن تي خراب انداز ۾ پئجڻ سان ۽ ٻارڙن جي اڳيان ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ نشي آور شين جي استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي. انهي ۾ ئي اسان جي ۽ ٻارڙن جي بهتري آهي ۽ ٻارن جي بهتر نموني نشو نماءُ ڪري سگهجي ٿي. خير اهي سموريون ڳالهيون سمجهڻ ۽ سوچڻ ڪجهه ڪرڻ جون آهن. جن جي طرف اڄ ٻارڙن جو عالمي ڏينهن جي موقعي تي اسان کي خاص ۽ خصوصي طور تي توجهه ڏيڻ جي ضرورت آهي، ڇو جو ٻارڙا مستقبل جا معمار ۽ اسان جو آئيندو آهن، پنهنجي آئيندي کي سنوارڻ ۽ خوابن جي ساڀيا لاءِ ٻارڙن جي بهتر نموني سان نشونما لاءِ اسان سڀني کي اڄوڪي ٻارڙن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي هڪ ٿي وچن ڪرڻ کپي ۽ ٻارڙن جي حقن لاءِ گڏجي جدوجهد ڪرڻ جو اعلان ڪرڻ کپي جنهن کي زمانن تائين ماڻهو ڳائيندا رهن.
فيصلو، خبرو، سوڀ، مهراڻ، سنڌ، هلچل، سنڌو، عبرت، سُڪار
تعمير سنڌ، هلال پاڪستان