اينٽي ڪرپشن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان
اينٽي ڪرپشن جو نالو مون تڏهن ٻڌو، جڏهن 1977ع ۾ منهنجو والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو اسپيشل جج اينٽي ڪرپشن سکر ڊويزن ٿيو. اڪثر مرحوم بابا سائين ڪچهري ۾ دوستن کي چوندو هو ته انگريز سرڪار هي اينٽي ڪرپشن کاتو نه ٺاهي ها ته هوند اسان جي سنڌ جا ڪامورا کاتا ئي هڙپ ڪري وڃن ها! مون کي ته هاڻي اينٽي ڪرپشن جو جج ٿيڻ تي خبر پئي آهي ته آفيسر ته لکن جا لک مال غنميت سمجهي ايئن هضم ڪيو وڃن ڄڻ ته ڪا سندن ابن ڏاڏن جي ميراث هجي!
بابا سائين ته پنهنجو وارو وڄائي ويو پر انهي وقت مان ٻار هيس ۽ مون کي اها سندن ڪيل ڳالهه چڱي طرح سمجهه ۾ ڪونه پئي آئي. پر خدا جي قدرت 1993ع ڌاري مان ايل ايل بي ڪري لاڙڪاڻي ۾ وڪالت شروع ڪئي. 1994ع ڌاري ايل ايل بي جي بنياد تي اخبارن ۾ اشتهار آيو اينٽي ڪرپشن انسپيڪٽرن جي ڀرتي لاءِ. مون به پنهنجي استاد ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جي چوڻ تي درخواست موڪلي ڏني ۽ پوءِ سڀني مرحلن مان نڪرندو ميرٽ تي پاس ٿيس. ٽريننگ وغيره ڪري 1998ع ۾ بحيثيت سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن شهدادڪوٽ ٿيس. جيئن ته شهدادڪوٽ منهنجو پنهنجو اباڻو ڳوٺ هو، تنهن ڪري غريب مسڪين ماڻهن جي مون وٽ تمام گهڻي اهميت هئي. تڏهن ئي مون کي بابا سائين مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جا چيل مٿيان جملا ذهن تي تري آيا. ۽ انهن جملن کي سمجهڻ لڳس.
منهنجي خيال ۾ سنڌ حڪومت جو هي واحد کاتو آهي، جنهن ۾ جيڪڏهن اينٽي ڪرپشن سرڪل آفيسر نيڪ نيتي سان ڪم ڪري ته غريب مسڪين ۽ بي پهچ ماڻهن جون دعائون کيس الائي ڪٿي پهچائي ڇڏين. مان اينٽي ڪرپشن سنڌ جي تاريخ جو ننڍي ۾ ننڍو سرڪل آفيسر هيس. محنت، شوق ۽ ايمانداريءَ سان ڪم کي چنبڙي ويس. ڪافي غريبن جا ڪم ته رڳو فون تي ئي چوڻ سان ٿيو وڃن. ڪنهن کي خط ته ڪنهن کي ڪارڊ، ڪنهن سان گڏجي آفيسرن ڏي وڃي کين انصاف وٺرائي ڏيڻ اهو سڀ مون پنهنجي دؤر ۾ ڪيو ۽ ڪري رهيو آهيان. شهدادڪوٽ کان پوءِ بدلي ٿي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سرڪل آفيسر، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ۽ هاڻي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڄامشورو زون آهيان.
لکڻ جو مقصد فقط ۽ فقط هي آهي ته اسان جي سنڌ جو عوام ڏاڍو اٻوجهه ۽ تعليم گهٽ رکندڙ آهي. انهن کي اها خبر ئي ڪونه آهي ته جيڪڏهن سندن سان ڪو آفيسر ظلم ۽ زيادتي ڪري ته ڪيڏانهن وڃن؟ پوءِ اهي اٻوجهه يا ته وڃي وڏيرن، ڀوتارن، سردارن، پيرن ۽ ميرن جا پير وڃي وٺندا آهن يا وري ڪنهن وڪيل معرفت وڃي ڪنهن آفيسر يا ڪورٽ وغيره تائين پهچڻ جي ڪوشش وغيره ڪندا آهن ۽ پوءِ اهي مسڪين پيرين اگهاڙا سالن تائين پيا پريشان ٿيندا آهن. پر جيڪڏهن اهي بجاءِ ڀوتارن ۽ وڏيرن جي اوطاقن تي وڃڻ کان اسان وٽ پهچن ۽ فقط هڪ سادي پني (ڪاغذ) تي ڪنهن سرڪاري آفيسر يا ملازم جي طرفان سندن سان ٿيل زيادتي جي حوالي سان لکي ڏين ته انهن جو ڪم هوند بغير ڪنهن منٿ ايلاز جي ٿي پوي. انهيءَ لاءِ فقط هڪ درخواست تي اسان انڪوائري ڪري ڪي پڪا پختا ثبوت هٿ ڪري هڪدم ايف آءِ آر ڪٽڻ جي لاءِ لکندا آهيون. ايف آءِ آر ڪٽڻ جي اجازت پهرين گريڊ کان 8 گريڊ تائين ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر، 9 گريڊ کان 16 گريڊ تائين ڊويزنل ڪمشنر ۽ 17 گريڊ کان مٿئين لاءِ جناب چيف سيڪريٽري سنڌ اجازت ڏيندو آهي.
ايف آءِ آر ڪٽڻ کان پوءِ جاچ شروع ٿي ويندي آهي. ۽ اهڙي طرح هڪ دفعو وري ٻيهر پڪا پُختا ثبوت هٿ ڪري پوءِ ئي ڪيس کي چالان ڪيو ويندو آهي. انهي سڄي ڪم ۾ وقت ضرور لڳندو آهي. پر فريادي (عرضدار) جو ڪم (ڪيس) مضبوط کان مضبوط ٿيندو ويندو آهي.
اڪثر عوام ۾ اهو تاثر هوندو آهي ته اينٽي ڪرپشن وارن کي اسان درخواست ڏني آهي ڪافي وقت ٿي ويو پر اڃا ڪجهه به ڪونه ڪيو اٿن. اها بلڪل حقيقت آهي، پر انهي دير ٿيڻ ۾ فريادي جو ڪيس به تمام گهڻو مضبوط ٺاهيو ويندو آهي. اسان وٽ عام پوليس وانگر لٺ واري ڳالهه آهي ئي ڪونه، اسان وٽ آهي قلم جي ۽ حق واري ڳالهه. مسڪين جڏهن سڀ دروازا آزمائي نا اميد ٿيندا آهن ته پوءِ ئي اسان وٽ اچي پهچندا آهن.
مون وٽ ته الائي ڪيتريون عورتون ۽ مرد روئيندا پٽيندا آفيس اچي پهتا آهن ۽ انصاف ملڻ تي کلندا ۽ خوش ٿيندا واپس ويندا آهن.
هونئن به اسان وٽ گهڻو آزار پوليس ۽ روينيو جو رهيو آهي ٻهراڙين منجهه غريبن کي پوليس لٽي ڦري ڍڳا ڍور وڪڻائي کين فقير ڪريو ڇڏين مگر اٻوجهه ماڻهو خوف کان اف به ڪونه چوندا، انهي ڊپ کان ته متان فيل مست پوليس وري به نه ٽارچر ڪري. مان هتي واضح ڪندو هلان ته اسان وٽ پوليس جي خلاف ڪافي ڪيس داخل ٿيل آهن، پر انهي ۾ عرضدارن کي ته پوليس آفيسر منٿون ميڙيون به ڪيون آهن ۽ ڪن موقعن تي ته پوليس آفيسر پاڪ ڪتاب به کڻي عرضدارن ڏانهن ويا آهن ته مهرباني ڪري اسان سان صلح ڪيو ورنه جي اسان مٿان ڪيس ثابت ٿيو ۽ چالان ٿيو ته اسان جون ترقيون ئي ڪونه ٿينديون. مون کي منهنجي ويجهي مائٽ ڪامريڊ ڄام ساقي جا لفظ ياد ايندا آهن ته ’’نادر! اينٽي ڪرپشن به عدليه جي ڀيڻ اٿئي.‘‘ جيئن ته مان خود به وڪيل رهيو آهيان. عرضدار کي ڪورٽ ۾ وڃڻ لاءِ به وڪيل گهرجي. غريب ماڻهوءَ کي پيٽ پالڻ لاءِ اٽو به نه هجي ته پوءِ اهو مسڪين وڪيل صاحب جي في ڪٿان آڻيندو! پر ان جي بر عڪس اگر جي هو اسان وٽ رڳو هڪ رپئي واري اڇي پني تي درخواست لکي ڏي ۽ پوءِ ڏسي ته سندن سان انصاف ٿئي ٿو يا نه. انهيءَ جو ثبوت آهي ته اينٽي ڪرپشن کاتي گذريل ڪافي سالن کان چيف منسٽرن، صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن کان ويندي ڪمشنرن ۽ وڏن آفيسرن کي چالان ڪري چڪي آهي ڳالهه آهي فقط اسان جي سنڌ جي اٻوجهه عوام کي سمجائڻ جي ته اينٽي ڪرپشن ڇا آهي؟ هي غريب عوام انگريزي لفظ اينٽي ڪرپشن کي سمجهن ئي ڪو نه ٿا. اگر کين چڱي طرح سمجهائجي ته سنڌ ۾ اينٽي ڪرپشن کاتي کان مٿي ڪو اهڙو ادارو آهي ئي ڪو نه، جيڪو بغير وڪيل جي في ۽ بغير سردارن، ڀوتارن، جاگيردارن ۽ وڏيرن جي پيرين پوڻ جي ڪم ٿيو وڃي. ٻين لفظن ۾ هيئن کڻي چئجي ته هي کاتو آهي ئي غريب، مسڪين ۽ بي پهچ ماڻهن جو، اگر اُهي هِن کاتي جو دروازو کڙڪائين ته.
شام، سوڀ، مهراڻ، ڪلياڻ، عبرت، ، عوامي آواز، ڄامشورو وائس، ساک، جوت، سنڌو، خبرون، آزاد رياست، جُرات، سنڌ، سُڪار، ڪاوش، هلچل، جنگ، دنيا، ايڪسپريس، تعمير سنڌ، هلال پاڪستان، امراڻو، مقدمو، فيصلو، ڪاوش، ماهنامه ڪرائم زون، هفتيوار سدا بهار، نوائي وقت، وڪٽوريه، سچ