ليکڪ پاران
ننڍپڻ کان ئي وٺي انھيءَ ذاتي لائبريري جو مون پتڪڙي معصوم ٻار کي بابا سائين لائبريرين بڻايو ھو. ان وقت مون کي رڳو رنگ به رنگي ڪتابن جا ٽائيٽل وڻندا ھئا. اندر ڪتابن ۾ ڇا آھي ڪا سرت ڪو نه پوندي ھئم. بهرحال ھي منھنجو ڪتاب مختلف موضوعن تي لکيل مضمونن جو مجموعو آھي ۽ ھر مضمون ٻئي مضمون کان بنهه مختلف آھي انھيءَ جو سبب شايد اھو به آھي ته مان مختلف شعبن ۾ رھيو آھيان. نائين درجي ۾ ھئس ته ٺٽي شھر ۾ بابا سائين الشھباز سروس اسٽيشن ٺاھرائي مون حوالي ڪئي ۽ مون اتي سيٺ طور ڪم سرانجام ڏنو. بابا سائين کي ايڏو وڏو ڪاروبار ننڍڙي ٻار جي سنڀالڻ تي ڏاڍي خوشي ٿي.
مئٽرڪ ۾ آيس ته بابا سائين ٻيو بار وڌو. يعني واپاري سان گڏ زمين به ٺٽي ۾ وٺي ڏنائين ته اھا به سنڀال. ٻاروتڻ ۾ ئي مزدورن ۽ ھارين کي سنڀاليم. وڏو تجربو رھيو. اڃا مئٽرڪ ۾ ئي ھيس ته بابا سائين ھميشھ لاءِ اکيون ٻوٽيون.
بادشاھي ٻار ھئس سونن چمچن سان کاڌم. نوڪر چاڪر، بنگلا، موٽر ڪاريون، ٺٺ ٺانگر، اڳيان پويان پوليس ۽ ترن پٽڪن سان نائڪ پر جڏھن والد جو لاش اڇي ڪفن ۾ ويڙھيل ڏٺم ته انھيءَ ڏينھن کانپوءِ اڄ ڏيھن تائين رنگين ڪپڙو ڪونه پاتم، فقط ۽ فقط اڇن ڪپڙن ۾ دوستن ڏٺو ھوندو.
1993 ۾ لاڙڪاڻي ۾ وڪالت شروع ڪيم ته پبلڪ ڊيلنگ شروع ٿي باقاعدا عوام جي وچ ۾ آيس ۽ لاڙڪاڻي بار جي صورت ۾ بي شمار پيارا ۽ تمام گھڻا وڪيل دوست مليا. 1996 تي اينٽي ڪرپشن جھڙي سنڌ جي اھم ترين ايجنسيءَ ۾ سرڪل آفيسر طور آيم ته لاڙڪاڻي کان نڪري سڄي سنڌ ۾ ڊيوٽي دوران ننڍا وڏا شھر ڏٺم ۽ جيڪي ڏٺم انھن تي اخبارن ۾ مضمون لکندو ويس. عوام طرفان تمام گھڻي حد کان وڌيڪ شاباسي ملي ۽ اھڙي ھمت افزائي ۽ پزيرائيءَ مونکي سنڌ ۾ تمام گھڻو مقبول ڪيو. جنھن شھر ۾ به پوسٽنگ ٿي، اتي جا رھواسي وڏي شوق چاھ سان ملڻ ايندا ھئا.
مون ھن ڪتاب ۾ نيڪ نيتيءَ سان لکيو آھي. بابا سائين چوندو ھو ته رٽائرمينٽ کان پوءِ ڪتاب لکندس، جيڪو ڪجهه نوڪري دوران ڏٺم اھو زير زبر شد مد سان عوام آڏو آڻيندس پر ھن سان زندگيءَ ساٿ نه ڏنو پر منھنجي به اھا وڏي خواھش آھي ته زندگيءَ ساٿ ڏنو ته بابا سائين وارو خواب مان رٽائر ٿيڻ کان پوءِ انشااللھ ضرور پورو ڪندس.
ھر انسان جو ھر شعبي ۾ ھڪ استاد ھوندو آھي، انھيءَ سلسلي ۾ مان تمام ئي وڏو خوش نصيب انسان آھيان جو مونکي ڪو ھڪ استاد نه پر سنڌ جا مشھور اديب شاعر ليکڪ سگھڙ، سماج سڌارڪ، تعليمدان، جج، وڪيل، صحافي، ليڊر سياستدان، وزير، سفير، عالم سڳورن پوليس آفيسرن ۽ واپارين تائين منھنجا استاد رھيا. مان ھتي انھن کي به ڪيئن ٿو وساري سگھان يعني لاڙڪاڻي جي املهه شخصيتن جن ۾ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، اياز قادري انيس انصاري، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر شاھنواز سوڍر، امان اللھ شيخ، ھدايت منگي، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ۽ ٻيا کوڙ سارا جن بابا سائين جي وفات تي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو يادگار ڪميٽي سنڌ جو بنياد وڌو. ته ٻئي پاسي وري سنڌ جي تاريخي شھر عمر ڪوٽ جي موتين داڻن شخصيتن کي به ڪيئن وساريان جن ۾ ڊاڪٽر ھرچندراءِ لکاني، سردار شاھ، علي اڪبر راھمون، ارباب نيڪ محمد، جمن دربدر، حليم باغي، غلام محمد ڪنڀر ۽ ٻين مھربانن جو، جن بزمِ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جو بنياد وجھي مونکي ادبي پليٽ فارم ٺاھي ڏنو، جنھن جي بدولت نه فقط ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جون ھرسال سنڌ بلوچستان ۽ پنجاب ۾ ورسيون ۽ سالگراھون ڌوم ڌام ۽ وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملھايون پيون وڃن ۽ انھيء سان گڏوگڏ انھي بزم تحت بي شمار شخصيتن جون سنڌ جي مختلف شھرن ۾ ورسيون ۽ سالگراھون پڻ ملھايون پيون وڃن.
واڍو وڻ جي ٿڙ کي ڪارائي سان ڪٽي رنڌا ھڻي ڪنڊون پاسا سڌا ڪري ڪليون ڪوڪا ھڻي ھٿوڙن سان ٺاھي ٺوڪي سھڻا سھڻا رنگ رنگي مارڪيٽ ۾ آڻيندو آھي، پوءِ انھن برپٽ مان ڪٽيل ٿڙ جي اھميت ٿيندي آھي مون تي به انھن محسنن جون اھڙيون ئي محنتون ٿيل آھن، جو اڄ بزم ۽ يادگار ڪميٽي تاج محمد ابڙو پاران 4 ڪتاب بابا سائين تي لکيل سنڌ جو املهه ھيرو, سھيڙيندڙ چاچا محمد ابراھيم جويو ۽ ٻه منھنجا ڪتاب سنڌ جا املهه ھيرا مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آھن ۽ ھي ستون ڪتاب به اوھان جي ھٿن ۾ آھي.
ھي مضمون سڀ جا سڀ اخبارن ۾ ڇپيل آھن ۽ اخبارن جي اھا پاليسي رھي آھي ته اڪثر ڪاٽ ڪوٽ ڪندا آھن. زيرو کان آخر تائين ھميشه ڪونه لکندا آھن. جيئن ته منھنجي اصل يعني تفصيلي لکيل مضمونن جي ڪاپين تان ھي ڪونه کنيا ويا آھن، اگر ڪا غلطي ھجي ته اھا منھنجي نه بلڪه اخبارن جي ٿي سگھي ٿي، ڇو جو اخبارن مان ئي جيئن جو تيئن کنيا ويا آھن. منھنجا مضمون جيئن ته تمام ئي گھڻين اخبارن ۾ لکيل ھئا پر اڪثر منھنجي لاپرواھي سبب اخبارن جي ڪٽنگ سانڍي نه سگھڻ سبب گم ٿي ويا. گھر ۾ جيڪي ڪجهه سانڍيل مليا، ھن ڪتاب ۾ شامل ڪيا اٿم.
اميد ته منھنجو ھيءُ سالن جو پورھيو ، اوهان پيارن پڙھندڙ وٽ قبول پوندو.
دعاگو:
مير نادر علي ابڙو