ڪالم / مضمون

مايوسين جي ميڙن کان اميدن جي ميلن تائين

مير نادر علي ابڙو جي هن ڪتاب ’’مايوسين جي ميڙن کان اُميدن جي ميلن تائين‘‘ ۾ ڪُل 30 مضمون موجود آهن، جيڪي آهن ته سنڌي سماج جي باري ۾ پر لکڻ جو انداز تخليقي آهي، سو ائين چئي سگھجي ٿو ته هي ڪتاب سماج ۽ تخليق جو ميلاپ آهي ته جيئن ادب پڙهندڙ جي به هن ڪتاب تائين رسائي هجي ته ٻئي پاسي سماج جا پرت به کُلندا وڃن. هي هڪ تجرباتي ڪتاب آهي. هن ڪتاب جي هڪ اها به خوبي آهي ته هيءُ ڪتاب ليکڪ پنهنجي محبوب والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو يادگار ڪاميٽي طرفان شايع ڪيو ويو آهي، جيڪو عمل سندس والد جي ياد به ڏياري ٿو.
Title Cover of book مايوسين جي ميڙن کان   اميدن جي ميلن تائين

سنڌ ۾ جھيڙن جو وڏو ڪارڻ

سنڌ ۾ هڪ پراڻي چوڻي مشهور آهي ته دنيا ۾ جھيڙو زن، زر ۽ زمين تائين ئي ٿيندو آهي. وڏڙن اها ڳالهه ڪهڙي سبب چئي، اها ته مونکي خبر ڪو نه آهي البته مان جڏهن 1993ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ وڪالت شروع ڪئي ته مان ڪرمنل سائيڊ تي عبدالرزاق سومري ۽ بعد ۾ ڪامريڊ سوپي گيانچنداڻي جو جونيئر رهيس، جيڪي اتر سنڌ ۾ ڪرمنل سائيڊ جا ناليوارا وڪيل آهن. انهن ڏينهن ۾ ئي جمال ابڙو به لاڙڪاڻي گهمڻ آيو. غالبن بدر ابڙي جي شادي هئي، انهيءَ ۾ موجود هياسين ته جمال ابڙي مون کان پڇيو ته ’’نادر! ڪهڙي سائيڊ وڪالت پيو ڪرين؟’’ مان چيو ته ’’ڪرمنل سائيڊ تي‘‘ يڪدم چيائين ته ’’اگر منهنجي صلاح وٺين ته سول سائيڊ تي وڪالت ڪر ڇو جو زمين (ملڪيتن)جا ڪيس تمام گهڻا آهن.‘‘ جمال ابڙي اهي لفظ ڇو چيا اهو ننڍي هجڻ جي حيثيت ۾ بحث ڪندي ڪونه پڇيا پر ان جي ڳالهه به زمين سان لاڳو هئي، پر جڏهن مان وڪالت ڇڏي اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ سرڪل آفيسر ٿيس ۽ پوءِ ئي مون کي وڏڙن واري چيل مٿين چوڻي ۽ جمال ابڙي واري ڳالهه سمجهه ۾ چڱي طرح ويهڻ لڳي، ماڻهو پنهنجي موروثي ابن ڏاڏن جي زمين سالن کان ڀلي پيو پنهنجي هٿن سان کيڙي ۽ آباد ڪري پر خبر تڏهن پوندس جڏهن ڪنهن طرح روينيو رڪارڊ ۾ ڪنهن ٻئي صاحب جي نالي چڙهي ويندي ۽ نئون هٿ ٺوڪيو مالڪ پيو پوليس چاڙهيندو يا پيو وڏيرن، سردارن، ميرن ۽ ڀوتارن وٽ پيو مسڪين کي ڇڪيندو ته سائين زمين به وڪرو ڪري ڏني اٿائين پر قبضو به ڪونه پيو ڏئي. اصلي مالڪ مسڪين پيو قرآن مٿي تي کڻندو پر ٿيندس ڪجهه به ڪونه ڇو جو روينيو رڪارڊ تي جو وڪرو ڏيکاريل هوندي، تپيدارن صاحبن سان گڏ هنن جا جوڙيوال مختيارڪار صاحب به تپيدارن مٿان ائين پيا ڪک رکندا ڄڻ هڪڙي پيءُ جو اولاد هجن. عورتن سان ظلم، زيادتي ۽ ناحق جيڪو سنڌ جا تپيدار ڪن ٿا سو ته خدا جي ڪتابن ۾ لکيل آهي سنڌ جي عورت ويچاري گهر ۾ هوندي قيد برقعن ۽ پڙدن ۾ انهي جو ته هونئن حصو ڦٻائڻ اهڙو ته سولو ٿي پيو آهي. ڪوڙين شاهديون طور ٻن ماڻهن جا بيان ڏياري سندن ملڪيت جو حصو ائين ويندو هليو ڄڻ هن دنيا ۾ ڄائيون ئي ڪانه هيون. مطلب ته عورت جو حصو ڄڻ مال غنيمت هجي، ويٺو لٽ ۽ ڦر، اهڙي طرح ئي سرڪاري زمين به عام ماڻهو کي تپيدارن جي آشيرواد سان ڦٻائڻ ڏاڍي سولي ٿي پئي آهي پر حيرت ان وقت ٿيندي اٿم، جڏهن تپيدار ۽ مختيار ڪار مسجدون، مندر ۽ قبرستان به وڪڻي ڇڏيندا آهن، نه ڪا قهل نه ڪو رحم ته اسان به سڀاڻي مرنداسين ڪو اسان جي قبر مٿان به هر ۽ ٽريڪٽر هلائي کيڙي نه ڪري!
اهڙو ئي هڪڙو ڪيس مون پنهنجن هٿ سان رجسٽر ڪيو جڏهن مان ڪجهه سال اڳ شهدادڪوٽ ۾ سرڪل آفيسر هيس. ٻارن جو قبرستان تعلقي ميروخان ۾ تپيدارن ۽ مختيار ڪار گڏجي وڪيو هيو، باقي جي کڻي تپيدارن صاحبن جا بنگلا ڏسبا ته ماڻهو پريشان ٿي ويندو ته 5 گريڊ ۾ تپيدار جو بنگلو آهي يا ڪنهن ڪمشنر جو آهي، تپيدار ته بنگلن ۾ ويهي کائي پيئي پيو عيش ڪندو پر جن ماڻهن جا زمين جا کاتا تبديل ڪيا وڃن ٿا، انهن جو ڇا ٿو ٿئي اهو اوهان سڀئي پڙهندڙ سنڌ جي اخبارن ۾ روز پڙهندا هوندا ته زمين ٽڪر تي فلاڻي ذات ۾ ڪالهه هيترا خون ٿيا، ڪجھه ئي ڏينهن ٿيا آهن جو مون کي هاڻي سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن ٺري ميرواهه ۾ رکيو ويو آهي، پر سنڌ جي ٻين علائقن جيان هتي جي تپيدارن ۽ مختيارڪار صاحبان جا ڪارناما به سنڌ جي ٻين علائقن کان ڪنهن طرح به گھٽ ڪو نه آهن. مسڪين روز مون وٽ روئيندا پٽيندا پيا ٿا اچن ته سائين اسان جي ابن ڏاڏن جي ملڪيت روينيو کاتي ٻين جي نالي ڪري ڇڏي آهي! ڏيڍ سال اڳ مان عمر ڪوٽ ۾ سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن هيس مون کي هڪ تپيدار جي ملڪيت جاچ ڪرڻ جي انڪوائري ملي. مون جاچ شروع ڪئي ته عمر ڪوٽ جو مختيارڪار همراهه منهنجي آفيس ۾ ٺڪاءُ ڪري اچي پهتو ته ادا وڌيڪ انڪوائري نه ڪر نه ته مان توکي بحيثيت مختيارڪار جي تپيدار جي ملڪيت جو تفصيل هرگز ڪو نه ڏيندس. واقعي به مختيارڪار صاحب تپيدار آڏو پاڻ مڃايو ۽ تپيدار جي ملڪيت جو تفصيل ڏيڻ کان بلڪل انڪار ڪيائين. جڏهن ته مون ڊي سي او ميرپورخاص کي سندس برتاءُ لاءِ لکيو ته مختيارڪار تپيدار تي ڪک رکي رهيو آهي پر منهنجي لکپڙهه بر ۽ ريگستان ۾ آذان ڏيڻ برابري ٿي ۽ آخرڪار اها انڪوائري مون کان کسي وئي ۽ ڪنهن ٻئي آفيسر کي ڏني وئي. هاڻي جڏهن تپيدارن صاحبان تي مختيارڪار جيڪي هنن جا بالا آفيسر آهن اهي ائي سندن گناهه ڍڪڻ ۾ سندن مدد ڪن ته پوءِ آخر مسڪينن ۽ پيرن اگھاڙن سنڌ جي اٻوجهه طبقي جو آخر ڇا ٿيندو. هتي منهنجي آخر ۾ اها ئي صلاح مشورو رهندو ته روينيو رڪارڊ کي سڄي سنڌ اندر ڪمپيوٽرائيزڊ ڪيو وڃي ۽ روينيو کاتي جي بالا آفيسرن کي گھرجي ته تپيدارن تي ڪڙي نظر رکن جي نه ته پوءِ بجاءِ سنڌ جو عوام ترقي ڪرڻ جي تباهي ۽ بربادي ڏانهن وڌندو رهندو، ڇو جو اسان جي قوم ڌرتيءَ کي ماتا (ماءُ) ڪري مڃيندا آيا آهيون پوءِ اهڙو ڪهڙو نوجوان هوندو، جنهن کان ابن ڏاڏن جي موروثي ملڪيت کسجي وڃي ۽ هو غيرت ۽ جوش ۾ اچي ڪو خطرناڪ قدم نه کڻي ۽ پوءِ واقعي به سنڌ ۾ زمينن جي ٽڪرن تي ڳڀرو جوانن جا لاش ڪرندا رهندا ۽ وڏڙن جي چواڻي ته جهيڙو هميشه زن، ۽ زمين تي ئي ٿيندو آهي سو واقعي هن جديد سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري دؤر ۾ به ٿيندو رهندو ۽ گهرن جا گهر تباهه ويران ۽ برباد ٿيندا رهندا.

ـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ
سچ، ڪوشش، سنڌ، مهراڻ، هلچل، تعمير سنڌ، عبرت، شام

نوٽ: انهي مضمون لکڻ کان پوءِ ئي سنڌ صوبي جي مختيارڪار آفيسن ۾ رڪارڊ ڪمپيوٽرائيزڊ ڪيو ويو. ۽ هر مختيارڪار آفيس ۾ هڪ ڪمپيوٽر آپريٽر روزگار سان لڳو. سوين بي روزگار نوجوانن کي ڪمپيوٽر آپريٽر جي نوڪري ملي. جن جون دعائون مون سان هميشه گڏ رهنديون.