ڪالم / مضمون

مايوسين جي ميڙن کان اميدن جي ميلن تائين

مير نادر علي ابڙو جي هن ڪتاب ’’مايوسين جي ميڙن کان اُميدن جي ميلن تائين‘‘ ۾ ڪُل 30 مضمون موجود آهن، جيڪي آهن ته سنڌي سماج جي باري ۾ پر لکڻ جو انداز تخليقي آهي، سو ائين چئي سگھجي ٿو ته هي ڪتاب سماج ۽ تخليق جو ميلاپ آهي ته جيئن ادب پڙهندڙ جي به هن ڪتاب تائين رسائي هجي ته ٻئي پاسي سماج جا پرت به کُلندا وڃن. هي هڪ تجرباتي ڪتاب آهي. هن ڪتاب جي هڪ اها به خوبي آهي ته هيءُ ڪتاب ليکڪ پنهنجي محبوب والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو يادگار ڪاميٽي طرفان شايع ڪيو ويو آهي، جيڪو عمل سندس والد جي ياد به ڏياري ٿو.
Title Cover of book مايوسين جي ميڙن کان   اميدن جي ميلن تائين

ڪجهه سٽون مير نادر علي ابڙي لاءِ : ادل سومرو

مير نادر علي ابڙي جي اها خوش قسمتي آهي جو هن کي ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي شفقت ۽ تربيت هڪ والد جي روپ ۾ ملي. ان ۾ ڪوبه وڌاءَ نه ٿيندو ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جو هڪ سچو سپوت هو. مير نادر علي ابڙي ۾ هڪ فرمانبردار پٽ جي حيثيت ۾ پنهنجي والد جي مهربانين کي به وساريو نه آهي ۽ سندس ياد کي سدائين تازو رکيو آهي. والد صاحب جي علمي، ادبي حلقي ۽ شخصيت سان وابسته مير نادر علي ابڙي کي لکڻ جو اُتساهه ڏياريو آهي. لکڻ پڙهڻ سان گڏ هو عالمي،ادبي ۽ سماجي سرگرمين ۾ حصو وٺندو رهي ٿو. پنهنجي وس آهر بي پهچ ماڻهن جي سهائتا لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪندو رهي ٿو. انڪري سچار ٿي پنهنجي قلم وسيلي، سماجي مسئلن تي آواز اٿاريندو رهي ٿو. ائين کڻي چئجي ته سندس اندر جي تڙپ ۽ بيچيني ماٺي نه ٿي آهي. سندس ڪالم مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن ۽ ٿيندا رهن ٿا. هو وقت جي حالات مطابق، اڀرندڙ عالمي، ادبي ۽ سماجي مسئلن تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندو رهي ٿو. جن ۾ اجتماعيت جو رنگ وڌيڪ نمايان هوندو آهي.
سندس اهڙن ڪالمن تي مشتمل ڪتاب اوهان جي هٿن ۾ آهي. جنهن ۾ مير صاحب جا ذاتي مشاهدا به شامل آهن ۽ جن شهرن ۾ سندس پوسٽنگ ٿي آهي، هُن اتان جي دوستن کي به نه وساريو آهي. جيئن ’’ٿر جون يادون ۽ وسڪارو‘‘ ڪالم ۾ هن ٿر جون ساروڻيون لکيون آهن. اهڙي ريت، ٺري ميرواهه، شهدادڪوٽ ۽ عمرڪوٽ کي به هن وساريو ناهي. عمرڪوٽ جي ميلي جو ذڪر ڪندي هن اتان جي يادگيرين کي سهيڙيو آهي. ان ڪري اهڙا ڪالم تاريخ جو حصو بڻجي ويا آهن ۽ هو سنڌ جي تبديل ٿيندڙ روايتن تي پڻ پريشان آهي ۽ ’’سنڌ جون روايتون ڪيڏانهن ويون؟‘‘ جي عنوان هيٺ ڪالم ۾ ٽٽندڙ بهتر روايتن جي الميي تي پريشان آهي. هو ’’سنڌ ۾ جھيڙن‘‘، ’’تعليم جي زوال‘‘ ۽ غريب طبقي جي معاشي حالتن تي پڻ پريشان رهي ٿو ۽ اهڙو اظهار پنهنجن ڪالمن ۾ ڪري ٿو. اهڙين مايوسين وارين حالتن جو ذڪر ڪندي به هو پر اُميد آهي ته اهي حالتون ضرور تبديل ٿينديون.
هو پنهنجي ڳالهه نهايت سادي انداز ۾، عام ٻوليءَ ۾ ڪري ٿو. جنهن ڪري هر طبقي جو پاڙهو هن جي احساسن کي آسانيءَ سان سمجھي سگھي ٿو ۽ اهائي مير نادر علي ابڙي جي انفراديت آهي.

سکر
31 مئي 2018ع