مير نادر علي ابڙو جي هن ڪتاب ’’مايوسين جي ميڙن کان اُميدن جي ميلن تائين‘‘ ۾ ڪُل 30 مضمون موجود آهن، جيڪي آهن ته سنڌي سماج جي باري ۾ پر لکڻ جو انداز تخليقي آهي، سو ائين چئي سگھجي ٿو ته هي ڪتاب سماج ۽ تخليق جو ميلاپ آهي ته جيئن ادب پڙهندڙ جي به هن ڪتاب تائين رسائي هجي ته ٻئي پاسي سماج جا پرت به کُلندا وڃن. هي هڪ تجرباتي ڪتاب آهي. هن ڪتاب جي هڪ اها به خوبي آهي ته هيءُ ڪتاب ليکڪ پنهنجي محبوب والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو يادگار ڪاميٽي طرفان شايع ڪيو ويو آهي، جيڪو عمل سندس والد جي ياد به ڏياري ٿو.
هونءُ ته سنڌ جي عوام جي نظر ۾ ڪرپشن جي حوالي سان پوليس، واپڊا، روينيو ۽ ڪسٽم وغيره مشهور رهيا آهن پوليس لاءِ مشهور آهي ته هي دنيا جو واحد کاتو آهي ته جنهن ۾ ماڻهو مارڻ تي ترقي ٿيو وڃي، وري جي روينيو کاتو ته ماشاءَالله مئل جيئرا، جيئرا مئل، مسجدون، مندر، قبرستان، روڊ رستا توڙي ڳوٺن جا ڳوٺ ٻه پئسا ڏئي ماڻهو پنهنجي نالي ڪرايو ڇڏي پر انهن کاتن کان وڌيڪ هڪ اهم ۽ ڌيان طلب کاتو تعليم آهي. جنهن کي سنڌ جو ننڍو توڙي وڏو شايد فضول سمجهندي نظر انداز ڪندو رهيو آهي، سنڌ جا اديب، دانشور، ليکڪ ۽ ڪالم نويس سنڌ جي تعليم جي ٻڏندڙ ٻيڙي تي اخبارن ۾ مضمون لکي لکي آخر ٿڪجي پيا پر سنڌ جو عوام تعليم جهڙي اهم ترين شعبي تي ڌيان نه ڏئي نه ڏنو. اڄ هي مضمون لکندي سچ، پچ ته ڏک منجهان دل ڀرجي آئي آهي ته سنڌ ته تعليم جي حوالي سان پوري دنيا ۾ مشهور هئي، ملڪ جي مختلف صوبن توڙي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ماڻهو وڏي شوق منجهان سنڌ پڙهڻ پئي آيا، آخر ڇو نه اچن سنڌ ته دنيا جو اهو خطو آهي جو جڏهن دنيا جي ٻين علائقن جا ماڻهو بغير ڪپڙن ۾ اگهاڙا غارن ۾ پئي رهيا ته ان وقت سنڌ (موئن جي دڙي) جا ماڻهو عاليشان جڳهين ۾ پئي رهيا، جڏهن ٻين خطن ۾ ڪو به اسڪولن ڪاليجن، وارو سلسلو ڪو نه هيو ته سنڌ (موئن جي دڙي) جا ماڻهو يونيورسٽي ۾ پئي پڙهيا پر هاڻي ته سنڌ جا ماڻهو ٻين صوبن ڏانهن پڙهڻ پيا وڃن آخر سنڌ جي تعليم سان هي ڇا ٿي ويو آهي. اگر سنڌ جي تعليم جو واقعي به ٻيڙو ٻڏل ڏسڻ چاهيو ٿا ته فقط امتحانن جي ڏينهن ۾ ڪنهن اسڪول يا ڪاليج ٻاهران تعليم جو حشر بيهي ڏسي سگهو ٿا اگر اندر سينٽر ۾ سئو شاگرد امتحان ڏين ته ڪاپي پهچائڻ لاءِ سندن مددگار مائٽ توڙي دوست ٻاهر اوهان کي ٻن سون کان مٿي نظر ايندا، باقاعده هڪ ميلي جو ڏيک هوندو، واقعي به ڪنهن ميلي کان گهٽ رش ڪا نه هوندي انهن شاگردن جا مددگار دوست ڀائر، پيئر، ماما، چاچا توڙي سندن استاد خود جيڪي سينيئر استادن کان سوالن جا جواب حل ڪرائيندا آهن ۽ پوءِ اهي استاد جيڪي معاشري جا ابا آهن، شاگردن جي بزرگن ۽ دوستن جي چوڻ تي سندن مدد ڪندا آهن حل ٿيل سوال پوليس يا وري ڪاليج ۾ اسڪول جي استادن يا پٽيوالن معرفت امتحان ڏيندڙن کي پهچيو وڃن ۽ سنڌ جا اٻوجهه نوجوان ڪچڙا ذهن رکندڙ شاگرد ناز فخر ۽ معتبري منجهان ڪاپي ڪري ڳاٽ اونچو ڪري نعرا هڻندا سينٽر کان ٻاهر وڏي فاتح جي حيثيت ۾ نڪرندا آهن. انهي عمل تي شاگرد خوش، استاد خوش، والدين خوش، پوليس توڙي تعليم کاتي جا آفيسر خوش ته ۽ خيراسلوبي سان شاگردن پرچو ڪري ڇڏيو پر ڪنهن سوچيو آهي ته اهي ئي شاگرد سڀاڻي اسان جي اکين ٻوٽڻ کان پوءِ ڊاڪٽر، انجنيئر، جج ۽ استاد وغيره ٿيندا. آئون سنڌ جي مختلف ضلعن جي اسڪولن ۾ پهرين درجي کان ڏهين درجي تائين ايڪويهن اسڪولن ۾ پڙهيس، ان جو سبب اهو هو ته منهنجي والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي پوسٽنگ جيڪو ڪڏهن ڪهڙي ضلعي جو ته ڪڏهن ڪهڙي ضلعي جو ڊسٽرڪٽ سيشن جج ٿيو پئي پر ڪڏهن ڪنهن به ضلعي ۾ مونکي اڄ ڪلهه جي دؤر جا ڪاري مٿي وارا نوجوان استاد اسڪولن ۾ نظر ڪونه آيا جيڪي سياست يا سفارش جي زور تي ڀرتي ٿي اچن. مگر مونکي ته اهي اڇي مٿي وارا جهونڙا فرشتا صفت استاد چڱي طرح ياد آهن جيڪي درسي تعليم کان سواءِ اخلاقي تعليم به ڏيندا هئا ته زندگيءَ جي لاهن چاڙهن سان ڪيئن منهن ڏجي. جڏهن مان بحيثيت سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن جي انهي پيغمبري پيشي سان واسطو رکندڙ استاد ڊي اي اوز يا ايس اي اوز تي ايف آءِ آر ڪٽي چالان ڪندو آهيان ته شرم ايندو آهي ته پيغمبري پيشي سان واسطو رکندڙ هي استاد آهن. جيڪي سنڌ سرڪار جا لکين رپيا پنهنجي شاگردن يعني اولاد جي نالي تي مال غنيمت سمجهي هضم ڪيو وڃن. بحيثيت مسلمان جي اسان جي آخري نبي حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم تي قرآن پاڪ نازل ٿيو ته شروعات سڀ کان پهرين اقرا يعني پڙهه اکر سان ٿي، جيڪو اسان جي مالڪ، خالق، خدا جو حڪم هيو. پاڻ سڳورن صه خود فرمايو ته ’’علم پرايو پينگهي کان قبر تائين‘‘ نه فقط ايترو پر وڌيڪ فرمايائون ته ’’تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اگر چين وڃڻو پئي ته به وڃو.‘‘ سنڌ جا نوجوان جڏهن روزگار لاءِ رليو ٿڪجو پون تڏهن ئي مجبوري ۾ وڃيو استاد ٿين، جنهن مان به صاف ظاهر آهي ته اهي مجبوري ۾ ڀرتي ٿيل استاد پغمبري پيشي استاد کي فقط ۽ فقط روزگار سمجهن ٿا نه ڪي نبين سڳورن جو پيشو، اهڙي حالت ۾ آخر سنڌ جي تعليم جو ڇا ٿيندو، منهنجي خيال ۾ سنڌ جا ٻيا ڀلي ڪهڙا به وڏي کان وڏا مسئلا واقعي به مسئلا هجن پر مان تعليم جو مسئلو سڀني مسئلن کان مٿانهون ٿو سمجهان منهنجي خيال ۾ جڏهن تعليم نه رهي ته دنيا جي تاريخ شاهد آهي ته اها قوم جلد دنيا جي نقشي تان ختم ٿيڻ ۾ دير ڪانه لڳائيندي، مان آخر ۾ سنڌ جي دانشورن، اديبن، وڪيلن سياستدانن، استادن، شاعرن، سگهڙن، شاگردن ۽ سندن والدين کي پر زور اپيل ڪندس ته خدارا اچو ته گڏجي تعليم جي ٻڏندڙ ٻيڙي کي تارڻ جي ڪوشش ڪريون. اگر هر ماڻهو اهو فرض سمجهي ڪوشش ڪندو ته تڪڙو نه سهي آهستي آهستي ڪجهه نه ڪجهه بهتري ضرور ايندي. نه ڪو وقت اهڙو به ايندو جو هاڻي ته اسان جا نوجوان ڪاپي سان ڪوڙي ڊگري وٺي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿيو وڃن ۽ سفارش يا ٻين ذريعن جي زور تي ڀلي روزگار به وٺيو وڃن پر مون کي اهو ڏينهن پري نظر نه ٿو اچي جڏهن سنڌ ۾ ڪاپي ڪرائڻ وارا سينيئر استاد به نه رهن ته پوءِ سنڌ جي نوجوانن جو ان وقت ڇا ٿيندو! اهو سڀئي سمجهون ته ضرور ٿا پر انهي جهاد ۾ اڳتي ڪير اچي، اها ڳالهه شايد اڳتي هلي ڪٿي سڄي قوم لاءِ شرمندگيءَ جو باعث نه بڻجي.