ڪالم / مضمون

مايوسين جي ميڙن کان اميدن جي ميلن تائين

مير نادر علي ابڙو جي هن ڪتاب ’’مايوسين جي ميڙن کان اُميدن جي ميلن تائين‘‘ ۾ ڪُل 30 مضمون موجود آهن، جيڪي آهن ته سنڌي سماج جي باري ۾ پر لکڻ جو انداز تخليقي آهي، سو ائين چئي سگھجي ٿو ته هي ڪتاب سماج ۽ تخليق جو ميلاپ آهي ته جيئن ادب پڙهندڙ جي به هن ڪتاب تائين رسائي هجي ته ٻئي پاسي سماج جا پرت به کُلندا وڃن. هي هڪ تجرباتي ڪتاب آهي. هن ڪتاب جي هڪ اها به خوبي آهي ته هيءُ ڪتاب ليکڪ پنهنجي محبوب والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو يادگار ڪاميٽي طرفان شايع ڪيو ويو آهي، جيڪو عمل سندس والد جي ياد به ڏياري ٿو.
Title Cover of book مايوسين جي ميڙن کان   اميدن جي ميلن تائين

عيد جي حقيقي خوشين کان محروم معاشرو

عيد جو سوچيندي اسان جو ذهن سڌو خوشين ڏانهن ڇڪجي ويندو آهي. پر عيد کي خوشين سان منصوب ڪرڻ لاءِ خوشيون ڪٿان آڻجن. قرباني واري عيد جيڪا اسان کي قرباني جو جذبو سيکاري ٿي، انهيءَ قرباني جو سڌو تعلق حضرت ابراهيمعه پاران سندس جگر جي ٽڪري حضرت اسماعيلعه کي الله جي راهه ۾ قربان ڪرڻ سان آهي. انهيءَ قرباني کي ساريندي هزارين مسلمان سندن راهه تي هلندي قرباني واري جذبي کي زندهه رکندي سندن جان خاطر مال جي قرباني ڏيندا آهن، پر اسان جو معاشرو سدائين قرباني جو ٻڪرو ٿيندو رهيو آهي، ڪڏهن ڀوتار، سرڪار ته ڪڏهن پريوار اهڙي طرح هر فرد ڪشمڪش واري ۽ اذيت واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهي، ماڻهو ماني ڳڀي لاءِ پريشان آهن، انهي دؤر ۾ خوشيون، عيدون، قربانيون ڪيئن ٿيون ياد پون. پاڻي جي کوٽ ته چڱن زميندارن کي به ڪاٺيون وڪڻي گذارو ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي، اتي ڀلا هارين ۽ بيروزگارن جو ڪهڙو حشر هوندو، ماڻهو ڏينهون ڏينهن احساس ڪمتريءَ جي ور چڙهندا وڃن، اڄوڪي دؤر ۾ سفيد پوشي برقرار رکڻ لاءِ به نه ڄاڻ ڪيترا جتن ڪرڻا ٿا پون نه ڄاڻ ڪيترا من اندر ئي اندر ۾ جُهرندا رهن ٿا، اهڙن سفيد پوشن جا گهرا زخم ايئن لڪيل آهن جيئن جُوتيءَ ۾ ٽٽل جوراب، جنهن کي ٿو ڇيڙجي ته ان جي درد ڪٿا ايڏي ته ايذائيندڙ هجي ٿي جو هانءُ ڇڄڻ لڳندو آهي، هتي خوشيون به ماتم ٿيون لڳن. ڪو وقت هوندو هو جو عيد، شادين ۽ خوشين جي موقعن تي ماڻهو هڪٻئي وٽ ويندا هئا ۽ خوشيون، درد شيئر ڪندا هئا، پر هن نفسا نفسي واري دؤر ۾ پيءُ پٽ جو دشمن ٿيو بيٺو آهي. اهڙي طرح پنهنجن جا گهاءُ به گهٽ ناهن، اڱڻ اڱڻ جو دشمن لڳو پيو آهي، گهر، خاندان، دوستيون سڀ کوکليون ٿينديون وڃن، اها به الله جي نعمت چئبي جو عيد ڏهاڙي ماڻهن وٽ سچيون خوشيون ميسر نه هوندي به ماڻهو مصنوعي خوشيون ۽ مرڪون منهن تي سجائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. اسان جي علائقي جو هڪ من موهڻو ڪردار منهنجو والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جنهن پنهنجي سموري زندگي انسان ذات لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي، جنهن جي خوشي انسانن جي خوشي ۾ هئي، هميشه چوندا هئا ته جيڪڏهن سرمائيدار ۽ پئسي واريون قوتون پنهنجي پئسي مان زڪوات ايمانداري سان غريبن تائين پهچائين ته به ڪجهه قدر مسڪينن مان احساس ڪمتري ختم ڪري سگهجي ٿي، هو به خوشين ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿي سگهن ٿا. جنهن سان هڪ ته اسلامي فرض ادا ٿي ويندو ته انساني همدردي به ٿي ويندي. اهڙي طرح ڪوماڻيل مُنجهيل مُنهن تي به مرڪون اچي وينديون ۽ ڪيترائي ٺريل چُلهه وري تپندا آهن، اهڙن هيسيل چهرن لاءِ هڪ آٿت جو ڪم ڪندي آهي، جيئن هڪ شاعر اهڙن ستايل ماڻهن کي آٿت ڏيندي چيو آهي ته:
زندگي مسئلا هزار پر،
مرڪ تنهنجي سڀن جو حل آهي.

پنهنجن ديس واسين، ڳوٺ واسين پاران درد تحفي ۾ ملڻ کان پوءِ ڪنهن جي دل مان اها دانهن ڪري چئي ڏيندي آهي ته:
دربدر شام و سحر، طعنا گلائون نفرتون،
ڇا چوان ڇا ڇامليو انعام تنهنجي شهر ۾.

هن سال توهان کي اهي پيارا به ڏاڍو ياد ايندا هوندا جيڪي گذريل عيد تي اوهان سان گڏ هئا پر انهن کان اوهين ناراض هئا پر عيد تي اهي اوهان کان ڏاڍو ڏور نڪري ويا آهن. ڀلا اهڙيون ڪاوڙون ڪهڙي ڪم جون، جن تي پڇتاءُ ٿئي، تنهن ڪري اڄ هن ڀلاري ڏهاڙي تي وچن ڪريو ته هاڻي سڀن رٺلن کي پرچائي قرباني وارو جذبو برقرار رکبو. هي عيد بازارون، عيد تي پيڪيج ڪهڙي ڪم جا، جڏهن ماڻهن وٽ نه خريدڻ جي سگهه آهي نه وڪامڻ جي سگهه! ڪڏهن عيد تي موڪليل عيد ڪارڊن جي ملڻ تي ته ڪڏهن انهن ڪنوارين ٻانهن تائين نه پهتل چوڙين جو سوچي به نير وهائي ويهندو آهيان، پر ان سڄي عمل جو ڪريڊٽ پوسٽ آفيس کي ڏجي يا ويڇا وجهندڙ هن معاشري جي مدي خارج رسمن کي!
لک سماجي شڪايتن باوجود به اسان دل جي گهراين سان مرڪي هر ڪنهن جي مرڪڻ جي اميد سان گڏ عيد جون واڌايون ارپيون ٿا.

هلال پاڪستان، سوڀ، سُڪار، تعمير سنڌ، خبرون، عبرت،
عوامي آواز، هلچل، سنڌو، مهراڻ