ڪالم / مضمون

مايوسين جي ميڙن کان اميدن جي ميلن تائين

مير نادر علي ابڙو جي هن ڪتاب ’’مايوسين جي ميڙن کان اُميدن جي ميلن تائين‘‘ ۾ ڪُل 30 مضمون موجود آهن، جيڪي آهن ته سنڌي سماج جي باري ۾ پر لکڻ جو انداز تخليقي آهي، سو ائين چئي سگھجي ٿو ته هي ڪتاب سماج ۽ تخليق جو ميلاپ آهي ته جيئن ادب پڙهندڙ جي به هن ڪتاب تائين رسائي هجي ته ٻئي پاسي سماج جا پرت به کُلندا وڃن. هي هڪ تجرباتي ڪتاب آهي. هن ڪتاب جي هڪ اها به خوبي آهي ته هيءُ ڪتاب ليکڪ پنهنجي محبوب والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو يادگار ڪاميٽي طرفان شايع ڪيو ويو آهي، جيڪو عمل سندس والد جي ياد به ڏياري ٿو.
Title Cover of book مايوسين جي ميڙن کان   اميدن جي ميلن تائين

مايوسين جي ميڙن کان اميدن جي ميلن تائين

’’ساري سنڌ پرين جي پاڇي‘‘ واري چواڻي هاڻ پنهنجي معنيٰ وڃائيندي نظر ٿي اچي. ماڻهپو، انسانيت اڄوڪي دؤر منجهه ميلي ۾ رُلي ويل ٻار وانگي بنجي چڪي آهي. هر پاسي مايوسين جا ميلا مايوس چهرا ۽ اداسيون لامارا هڻندي ٿا نظر اچن، اهي اداسيون مايوسيون جيڪي هن دؤر ۾ معاشرتي تنگي مان جنم پيون وٺن آپگهاتن جون ڪوششون، عورتن کي زنده دفن ڪرڻ کان ويندي ڪهڙين ڪهڙين ڳالهين جو ذڪر ڪجي ۽ ڪنهن جو غم ڪجي. هتي هر ڏينهن خون مارا ماري جي هنج ۾ پاسا ڦيريندي نظر ٿو اچي. مايوس ماڻهو زندگي جي هن راند ۾ ڪاميابين کان مايوس بڻجي انتهائي جو قدم کڻڻ تائين تيار آهن، هو حال جون نعمتون ۽ مستقبل جا سندر پل وساري ويٺا آهن. هر طرف احتجاجن جو هڪ وڏو دائرو ٿو نظر اچي جن ۾ لاتعداد دانهون ۽ ڪوڪون سمايل آهن، جيڪي اسان کان گهڻو ڪجهه گُهرن ۽ سمجهائڻ جون ڪوشش ڪري رهيون آهن پر ڇا آهي جو انهن جو درد ۽ احتجاج اڄوڪي هن مصروفيتن واري دؤر جي دز ۾ لٽجندا پيا وڃن. ڪير ڪنهن لاءِ سهارو ٿيڻ ته پري جي ڳالهه پر ڪورو آسرو ڏيڻ لاءِ به تيار نه آهي.
ميرن جي راڄڌاني واري شهر ميرپورخاص ۾ محمد ميڊيڪل جا شاگرد فيل ٿيڻ جو صدمو برداشت نه ڪندي آپگهات جي ڪوشش ٿا ڪن. سندن اهو فيصلو گهڻن ماڻهن جا حواس خطا ڪري گهڻو ڪجهه سمجهائڻ جي ڪوشش ٿو ڪري! انهن جي هن فيصلي ڪرڻ مهل هُو اهو وساري ويٺا هئا ته سندن جيون سان سندس والدين جا ڪيڏا خواب سلهاڙيل آهن. انهن اها واٽ ڇو اختيار ڪري مايوس ڇو بڻيا؟
احتجاجن جا ٻيا به طريقا هئا، پر بهرحال اهي سڀ سوال آهن جيڪي اسان کان جواب تلاشن ٿا پر مايوس ٿيڻ گناهه آهي، انهن کي هي گناهه نه ڪرڻ کپي. هر قدم احتجاجي طريقي پنهنجي والدين جي خوابن کي سامهون رکي پوءِ کڻڻ کپي، اهڙو ڪو به قدم نه کڻڻ کپي جنهن کان سندن جا خواب ماٺا بڻجي وڃن. اسان انهن شاگردن جي غم ۾ برابر جا شريڪ آهيون پر ڇاڇرو جي معصوم صدام مڱڻهار جو به غم نٿا وساري سگهون، جيڪو عمرڪوٽ ۾ عيسن شاهه جو ميلو گهمڻ لاءِ آيو هو ۽ عمرڪوٽ پوليس کي موبائل چوري جي ڪيس ۾ قيد ڪري تشدد جو نشانو بنايو هن معصوم جي بقول ته غربت سبب ان اهو سڀ ڪجهه ڪيو پر پوليس جو هتي رويو ڪنهن به طرح قابل برداشت نه هو. ننڍي عمر جي صدام جي گرفتاري کي جتي اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا نمايان سرخين منجهه جاءِ ڏني ته اتي ٻارڙن جي حقن جي حوالي سان ڪم ڪندڙ اين جي اوز جو ڪوبه نمائندو نه صدام کان جيل تي ملڻ ويو نه حق ۾ احتجاج ڪيائون ۽ نه ڪو وري پريس رليز جاري ڪرڻ جي تڪليف ڪئي وئي آهي.
اهي سڀ اهڙا سوال آهن، جيڪي جواب جا منتظر آهن پر ڪير آهي جيڪو انهن کي سمجهي ۽ انهن تائين پهچي. اسان ته سڀ ڪجهه ڄاڻيندي سمجهندي به نا سمجهه آهيون. هن نه سمجهي واري ڪاڄ واڌاري ۾ هڪ ٻئي کان نمبر کڻڻ لاءِ آتا بيقرار آهيون، پنهنجي اسان کي به خبر ته آهي. پر هڪ رڳو درد جو رشتو آهي جيڪو رهجي ٿو وڃي، اهو درد جنهن سان اسان سالن کان نڀاهه ڪندا ٿا رهون ۽ نئين حسرتن جي پويان ڊوڙيندي ڊڪندي سڀ ڪجهه وڃائڻ باوجود به هن اميد تي ٿا جيئون ته ايندڙ پل اسان جي جيون ۾ سک جا ڏينهڙا کڻي ايندو، پر نصيرآباد جي هن ٻن نياڻين جو ڪهڙو ڏوهه هيو، جن جا جسم گولين کان چور ڪرڻ بعد سندن جي لاشن مٿانهن ٽريڪٽر هلايو ويو جيڪو منظر ڪنهن ڪيئن برداشت ڪيو هوندو، تنهن کي ڪهڙن لفظن ۾ بيان ڪجي ها. غيرت جي آڙ ۾ قتل عورتن کي زندهه دفن ڪرڻ وارن مامرن جي درد کي موجوده حڪومت به محسوس ڪري ٿي، تڏهن حڪومت غيرت جي نالي تي قتل واري قانون ۾ ترميم جو فيصلو ڪندي سمورا اختيار پاڻ وٽ رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جيڪو فيصلو انتهائي ساراهه لائق آهي، اسان وٽ هن وقت سخت ضرورت آهي جيڪي ماڻهو عورتن جي اغوا ٻارڙن جي تشدد جهڙن واقعن منجهه ملوث آهن تن کي ڪنهن به طرح کان بخش ڪرڻ جو سوچيو به نه وڃي، نه ته ٻي صورت ۾ حالتون به اڃا به ڳنڀير بڻجي ٿيون سگهن، جنهن ۾ اسان به برابر مجرم سمجهيا وينداسين. ڇو جو سڀ ڪجهه ڏسڻ واسڻ باوجود خاموش ٿي ويهڻ به وڏو جرم آهي، جنهن جو حصو لفظي سطح تائين چڪتو ڪرڻ نه سولو آهي پر عملي ميدان ۾ اهو سڀ ممڪن نه آهي وري به خواب ڪنهن بيواهه وانگي ڪنهن رلي ويل رڻ جيان ثابت ٿيندا.
ان لاءِ موجوده حڪومت جيڪا مڪمل طور جمهوري آهي ۽ ملڪ ۾ جمهوريت جا راڳ ڳايا پيا وڃن ۽ خاص طور تي اهڙن قدمن خلاف تڪڙا اپاءُ ورتا پيا وڃن، تنهن لاءِ صدر آصف علي زرداري ۽ وڏو وزير قائم علي شاهه هنن ڳالهين کي سمجهندي ٺاهوڪا قدم کڻي رهيا آهن. ٿورڙي وقت ۾ انهن اهڙا فيصلا ڪري ورتا آهن، جيڪي ماضي جون حڪومتون رڳو خوابن ۽ ڳالهين جي حد تائين ڪنديون رهيون آهن پر عملي طرح اهي هميشه پٺتي رهيون آهن پر موجوده حڪومت پاران کنيل قدمن جي جيتري تعريف ڪجي اها ٿورڙي هوندي. سنڌ جي حوالي سان سيد قائم علي شاهه جيڪي ڳالهيون هيل تائين ڪيون آهن، تن کان پوءِ گهڻي وقت بعد سنڌ مان مايوسي جا بادل ڇڏجڻ شروع ٿي ويا. مايوس چهرن تي ٻيهر مرڪ موٽ کاڌي آهي پر هنن مرڪن کي قائم ۽ دائم رکڻ لاءِ جيڪي ڳالهيون ڪيون پيون وڃن قدم پيا کنيا وڃن، سي به ساراهه لائق آهن ۽ سنڌي ماڻهو تمام گهڻو خوش پهريون ڀيرو ڏسجڻ ۾ اچي ٿو ۽ ملڪ ۾ جمهوري دؤر اچڻ کان پوءِ انهن کي سندن جا درد سمجهڻ لاءِ انهن جو آواز پرکي خوشين جو سامان مهيا ڪرڻ وارا نمائندا ملي ويا آهن.
پهريون ڀيرو انهن جا نمائندا کليون ڪچهريون ڪري عوام جا مسئلا ٻڌي ٿڏي تي حل ڪرڻ لاءِ حڪم جاري ٿا ڪن، جيڪي مسئلا ماضي جي دز ۾ لٽجي ۽ لٽجي چڪا هئا ۽ عوام انصاف لاءِ پڪارون ڪندي ٿي رهي هاڻ انهن جي پورائي جو وقت اچي چڪو آهي هر طرف فضا ۾ آزاد جمهوريت جا راڳ ڳايا پيا وڃن. صدر آصف علي زرداري جي چونڊجڻ جي خوشي ۾ عوام ريلين جون قطارون ڪڍي رهي آهي ۽ ماڻهن جا ٻهڪندڙ چهرا وقت جي مايوسين بعد عوامي خوشيءَ جو هڪ وڏو سرچشمو آهي ۽ سنڌ ۾ وري اميدن ٻيهر موٽ کاڌي آهي.

خبرون، سوڀ، هلال پاڪستان، سنڌ، سنڌو، مهراڻ