ڪالم / مضمون

مايوسين جي ميڙن کان اميدن جي ميلن تائين

مير نادر علي ابڙو جي هن ڪتاب ’’مايوسين جي ميڙن کان اُميدن جي ميلن تائين‘‘ ۾ ڪُل 30 مضمون موجود آهن، جيڪي آهن ته سنڌي سماج جي باري ۾ پر لکڻ جو انداز تخليقي آهي، سو ائين چئي سگھجي ٿو ته هي ڪتاب سماج ۽ تخليق جو ميلاپ آهي ته جيئن ادب پڙهندڙ جي به هن ڪتاب تائين رسائي هجي ته ٻئي پاسي سماج جا پرت به کُلندا وڃن. هي هڪ تجرباتي ڪتاب آهي. هن ڪتاب جي هڪ اها به خوبي آهي ته هيءُ ڪتاب ليکڪ پنهنجي محبوب والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو يادگار ڪاميٽي طرفان شايع ڪيو ويو آهي، جيڪو عمل سندس والد جي ياد به ڏياري ٿو.
Title Cover of book مايوسين جي ميڙن کان   اميدن جي ميلن تائين

ٿر جون يادون ۽ وسڪارو

ٿر جي حوالي سان ڪهڙيون ڳالهيون ڪري ڪهڙيون ڪجن، هر لحاظ کان ٿر، ٿر آهي، جتي سڪ، سونهن، صحبت ۽ اصل ڪلچر پسجڻ لاءِ ملي ٿو، جتي ڪير ڪنهن کان رُسي ئي نٿو. ٿر جي ذڪر شاعرن جي سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه به پنهنجي شاعري ۾ انتهائي خوبصورت نموني سان ڪيو آهي ته اتي استاد بخاري کان ويندي شيخ اياز تائين ڪوبه اهڙو شاعر نه آهي، جنهن پنهنجي شاعري ۾ ٿر جو ذڪر نه ڪيو هجي. انهي ٿر جا خوبصورت نظارا جتي هر ڪنهن کي سونهن ٿا بخشين ته اتي وڏين وارياسين ڀٽن جي اوٽ ۾ جيون بسر ڪندڙ ٿرين جا مسئلا ۽ جيون اوترو ئي دکي بڻيل نظر ٿو اچي، انهن جا مسئلا جيڪي اڄوڪي جديد دؤر ۾ به حل ٿيڻ جوڳا آهن پر تنهن باوجود حل نه ٿي سگهيا آهن ۽ پنهنجي جاءِ تي ئي قائم دائم آهن. انهي ٿر کي پهريون ڀيرو گهمڻ جو موقعو ان زماني ۾ مليو، جڏهن بابا مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ٿرپارڪر ائٽ ميرپورخاص جو سيشن جج مقرر ٿيو. ان زماني ۾ مٺي، عمرڪوٽ، سانگهڙ ضلعا نه هئا پر انهن جو هيڊڪوارٽر ميرپورخاص هو ۽ لکيو ويندو هو ته ٿرپارڪر ائٽ ميرپورخاص ان دؤر ۾ بابا مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سان ٿر گهمڻ جو موقعو مليو ۽ سندن واتان ٿرين جا مسئلا ٻڌڻ لاءِ مليا پر هاڻ گهڻو ڪجهه تبديل ٿي چڪو آهي، اڳوڻو ٿرپارڪر ضلعو هاڻ چار ضلعن ۾ ورهائجي چڪو آهي. وري جڏهن آئون ٿرپارڪر ضلعي مٺي ۾ اينٽي ڪرپشن سرڪل آفيسر مقرر ٿيس ته اڳئين جي ڀيٽ ۾ ٿرپارڪر ضلعو مڪمل طور تي تبديل ٿيل نظر آيو، اڳيون ٿر نه رهيو هو پر هاڻ سهولت موجود آهي. وڏا ويڪرا روڊ رستا پيئڻ لاءِ صاف مٺو پاڻي، بجلي، هر نظام هن وقت ٿر ۾ رائج ٿيل نظر ٿو اچي ته ٻئي پاسي ٿر جي نالي تي گهڻو ڪجهه ڪمايو پيو وڃي. لاتعداد اين جي اوز هڪ ئي راڳ ٿرين جي محرومين جو ڳائي ٻاهرين ملڪن کان ڊالر ميڙي رهيون آهن. جي اهي صحيح نموني سان ڪم ڪن ها، ته اڄ ٿر جا گهڻا مسئلا حل ٿي چڪا هجن ٿا پر انهن جو ٿرين لاءِ درد رڳو سيمينارن، ليڪچر پروگرامن ۽ اخباري خبرن تائين ڏسجڻ ۾ اچي ٿو پر حقيقت جون گهرجون اڃا به ٻيون آهن. مون جيڪي ڪجهه پنهنجي نيڻن سان پسيو آهي، تنهن جي تذڪري ڪرڻ کي آئون اهم ٿو سمجهان. اڄوڪي هن جديد دؤر ۾ به ادارن جي حوالي سان ٿري ماڻهن وٽ معلومات نه هئڻ برابر آهي، جنهن سبب هو پنهنجا جائز ۽ حقيقي مسئلا به انهن ادارن ذريعي ناهن حل ڪرائي سگهيا. مختيارڪار کان ويندي هڪ عام ڪاموري کي درخواست ڏيڻ کان به لهرائيندا آهن، انهن ۾ هڪ ئي وقت جتي مظلوميت ڏسجڻ ۾ اچي ٿي ته اتي خوف ۽ هراس به پنهنجي جاءِ تي ڇانيل رهي ٿو ته اتي ٿر ۾ پٽيل ڪلچر جنهن جي رحم و ڪرم تي ٿري هلن ٿا ۽ اهي پٽيل وڏيرا پنهنجي خواهشن جي حاصلات لاءِ ڪجهه به ڪري سگهن ٿا. ڊس انفارميشن لڪڙ تار ايڏي ته سگهاري هوندي آهي جو اڄوڪي جديد دؤر منجهه چڱا خاصا ماڻهو انهي تي اعتبار ڪري ويهندا آهن، جنهن سبب ٿر ۾ پٽيل راڄ دؤر حاوي رهيو آهي، جنهن زماني مٺي جو سرڪل آفيسر هئس ته انهي دؤر ۾ ماڻهن کي ادارن جي حوالي سان ڄاڻ ۽ نڪو وري ڪم وٺڻ جو ڪو طريقو هو. جڏهن مون هتي جي لوڪل ماڻهن سان ڪچهريون ڪيون ته انهن اهو چيو ته هتي جي ماڻهن کي خبر نه آهي ته اينٽي ڪرپشن جي نالي سان به ڪو کاتو آهي. هن لاءِ مون اتي وڃڻ سان ئي اداري کي متعارف ڪرڻ لاءِ سموري ضلعي ۾ سائن بورڊ لڳرايا، ماڻهن کي بريف ڪيو، تڏهن وڃي ڳالهه ٺهي ۽ ماڻهن اداري جو رخ ڪيو. هن عرصي دؤران مون کي اهو اعزاز مليو ته ٿر جي ڏڪار سٽيلن جي امداد لاءِ آيل ڪڻڪ جيڪا ڇاڇرو تعلقي ۾ ڪجهه پٽيلن لڪائي ڇڏي هئي، جنهن تي مون ريڊ ڪري دريافت ڪئي ۽ حقيقتون عوام آڏو آنديون، انهي کانسواءِ ڇاڇرو جي تعلقي اسپتال، ڏيپلو، ننگرپارڪر ۾ به اينٽي ڪرپشن ۾ رهندي گهڻيون ڪارروايون ڪيون. ٿر ماڻهن کي انهن جو لٽيل مال واپس ڪرايو ۽ پنهنجي همت آهر لوڪل ماڻهن جي سهڪار سان سماجي جاڳرتا جو سلسلو جاري رکيو سين ته هن سان گڏ وري ادبي ماحول ٻيهر سرگرم ڪيوسين. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي ورسين ۽ سالگراهن جا پروگرام مٺي کان پوري ٿر تائين ٿيا ته اتي وري رائچند راٺوڙ، مائي ڀاڳي ۽ ٿر جي سدا بهار شخصيت جون ورسيون ۽ سالگراهه ملهائي ادبي ميلا مچاياسين. ٿر جي شهر ننگرپارڪر ۾ مسڪين جهان خان کوسي جي نالي پويان ڪارونجهر جي اوٽ ۾ وڏين ڪوششن کانپوءِ مسڪين جهان خان کوسو ادبي لائبريري جو بنياد رکيوسين، جنهن ۾ هتي جا نوجوان اڄ به فيضياب ٿي رهيا آهن. ٿر جي شهر چيلهار ۾ رائچند راٺوڙ جي ورسي ملهائي ته سندن پٽ نالي واري اديب نفيس احمد ناشاد فون ڪري ٿورا مڃيا ۽ چيو ته بابا کي ٿرين وساري ڇڏيو پر اوهان کي شاباس آهي جو ياد ٿا ڪريو. ٿر جي ادبي پروگرامن ۾ عبدالقادر جوڻيجو صدارتي ايوارڊ يافته، برک سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي رام سنگهه سوڍو، ڪامريڊ روچيرام کي مهمان ڪيو سين، جن کي ٿرين ٻڌو. هن وقت دؤران ارباب امير حسن پاران آڇيل محبتون ۽ مهيش ڪمار ملاڻي، غلام محمد لاٽ، گل محمد لاٽ پنهنجي والد وانگر منهنجي سار لڌي، تنهن وقت کي آئون فراموش نٿو ڪري سگهان. انهي دؤران منهنجي مٺي مان بدلي ٿي ته نه ڄاڻ ڪيترا فون ٿر جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيا. مٺي پريس ڪلب جا دوست مون کان موڪلائڻ واي تقريب ۾ روئي ويٺا هئا، هتي جي سينيئر صحافي پريم شيواڻي پيار مان چمي ڏيندي چيو هو ته هڪ بهترين دوست آفيسر کان ٿرپارڪر ضلعو محروم ٿي ويو آهي. ٿر جون انيڪ يادون کڻي آئون حيدرآباد کانپوءِ قمبر، لاڙڪاڻي پهتو آهيان، جتي به آئون ٿرين پاران ارپيل محبتون ۽ خلوص وساري ناهيان سگهيو. اتي جي ماڻهن کي آئون ليڪچر ڏيندي هر پل اهو ئي چوندو آهيان ته هي قبيلائي جهيڙا ۽ مارا ماري، ڪاروڪاري کي ڇڏيو ۽ پيار جو فن ٿرين کان سکو. اڄ وري گهڻي وقت کانپوءِ ٿر ۾ وسڪارو پيو آهي، هزارين ٿري ڪراچي ۽ سنڌ جي ڏورانهين علائقن مان موٽ ڪري وري ٿر طرف پيا ڪن، کيتر کيڙيا پيا وڃن، هر طرف ملڪ ڪشمير لڳو پيو آهي. ڪراچي کان ويندي سموري ملڪ مان هزارين ماڻهو ڪارونجهر گهمڻ لاءِ پيا اچن ۽ روپلي جي ديس جا ماڻهو خوشحالي جا گيت پيا جهونگارين. چيلهار جي راڻاسر کان ويندي مٺي شهر جي وچ ۾ موجود گڊي جي ماڻهن جا ميلا متل آهن. اهڙن لمحن ۾ ٿر تمام گهڻو ياد ٿو پوي پر آئون جسماني طور تي هن کان تمام پري ۽ ذهني ۽ نظرياتي طور تي تمام ويجهو آهيان. بابا مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي نالي تي جان گهوريندڙ ٿرين جي حوالي سان پاڻ اڪثر اها ڳالهه ڪندو هو ته سنڌ جو اصل ڪلچر ۽ روايتون ٿر ۾ موجود آهن. جيڪا ڳالهه تمام گهڻي حقيقت پسندي تي ٻڌل آهي. اڄ سنڌ جي ثقافت کاتي جي وزير تمام گهڻي لکيل پڙهيل ۽ ڏاهي سسئي پليجو آهي، تنهن کي منهنجي گذارش آهي ته خاص طور تي ننگرپارڪر ۾ جيڪي ٻاهريان کان گهمڻ لاءِ سياح اچن ٿا تن لاءِ جديد طرز تي ريسٽ هائوس، هوٽلون، ثقافتي مرڪز قائم ڪيا وڃن ته جيئن هو هتي رهڻ دؤران هن علاقن جي حقيقتن ۽ سهولتن کان فائدو حاصل ڪري سگهن، ان کانسواءِ موجوده حڪومت کي گهرجي ته ڪارونجهر جي قيمتي پٿر تي اتي ڪارخانا قائم ڪيا وڃن ته جيئن هتي جي ماڻهن کي اتي ئي روزگار ميسر ٿي سگهي ۽ پاڻي جي کوٽ کي روڪڻ لاءِ ڊيم ٺاهيا وڃن ته جيئن ڏڪار واري حالتن ۾ ٿري ماڻهن کي لڏپلاڻ ڪرڻ جي ضرورت نه پوي، جيڪڏهن اهڙي قسم جا قدم کنيا ٿا وڃن ته ٿر ۾ تمام وڏو انقلاب اچي سگهي ٿو. هن سان گڏ ٿر جي ڪوئلي تي موجوده حڪومت جي پاليسي انتهائي بهترين آهي، جنهن کي ڏسندي اها ڳالهه ڪري سگهجي ٿي ته جي اهڙا قدم کنيا وڃن ته سنڌ ۽ ٿر دنيا جي خوشحال علائقو بڻجي ويندا ۽ ٿر ۾ تيل جي ڳولها جاري آهي. مختلف ملڪن جون ڪمپنيون ان تي ڪم ڪري رهيون آهن، ڪٿي تيل ۽ ڪٿي ڪوئلي جا آثار مليا آهن. اميد اها آهي ته موجوده حڪومت ٿر جي حوالي سان تمام سنجيدگي سان قدم کڻندي ۽ هن کي ترقي وٺرائيندي ۽ هتي جي مارو ماڻهن کي انهن جون لٽيل خوشيون ٻيهر موٽائي ڏيندي، جنهن جي اوسيئڙي ۾ اڄ به هزارين ٿري موجوده حڪومت ڏانهن حسرت ڀرين نگاهن سان تڪي رهيا آهن.

سنڌو ڊائجسٽ، عبرت، مهراڻ، سنڌ، سُڪار، عوامي آواز، هلال پاڪستان، تعمير سنڌ، فيصلو، خبرون