ڪالم / مضمون

مايوسين جي ميڙن کان اميدن جي ميلن تائين

مير نادر علي ابڙو جي هن ڪتاب ’’مايوسين جي ميڙن کان اُميدن جي ميلن تائين‘‘ ۾ ڪُل 30 مضمون موجود آهن، جيڪي آهن ته سنڌي سماج جي باري ۾ پر لکڻ جو انداز تخليقي آهي، سو ائين چئي سگھجي ٿو ته هي ڪتاب سماج ۽ تخليق جو ميلاپ آهي ته جيئن ادب پڙهندڙ جي به هن ڪتاب تائين رسائي هجي ته ٻئي پاسي سماج جا پرت به کُلندا وڃن. هي هڪ تجرباتي ڪتاب آهي. هن ڪتاب جي هڪ اها به خوبي آهي ته هيءُ ڪتاب ليکڪ پنهنجي محبوب والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو يادگار ڪاميٽي طرفان شايع ڪيو ويو آهي، جيڪو عمل سندس والد جي ياد به ڏياري ٿو.
Title Cover of book مايوسين جي ميڙن کان   اميدن جي ميلن تائين

ڪيڏانهن ويون سنڌ جون روايتون...؟

منهنجي عمر 30 سال کن ٿيندي پر پنهنجي والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي صحبت ۾ رهي سنڌ ماتا جون اهي پراڻيون سڀ روايتون ٻڌم. جيڪي اسان نئين ٽهي اکين سان ڪونه ڏسي سگهياسين. ڪجهه نه ڪجهه ته ڏٺيون سين پر اهي پنهنجي دؤر ۾ دم ڏئي ختم ٿي رهيون هيون هونئن ته هن سائنس جي دؤر ۾ دنيا سان ڪلهي ۾ ڪلهو ملائي هلجي پر اهو به سٺو نه آهي ته اسان پنهنجي وڏڙن جون سڀ روايتون وساري ڇڏيون.
ڪٿي آهن اهي اوطاقون جتي شهر، ڳوٺ ۽ محلي جا سڀئي دوست توڙي دشمن ننڍا توڙي وڏا اچي ويهندا هئا ۽ هڪ ٻئي جا ڏک سک تڪليفون ويهي ونڊيندا هئا. انهي سان هڪ ته ڏک سک ونڊجي ٻوجهه ۾ هلڪا ڦلڪا ٿي ويندا هئا، انهي جو سبب ئي هو هڪ ٻئي سان مدد جو جذبو، انهن ڪچهرين ۾ ننڍا ٻار ويهي ڳالهيون ٻڌندا هئا. اهڙي طرح ننڍن جي پڻ پرورش ۽ تربيت ٿيندي هئي. مان اڄ جيڪو ڪجهه به آهيان سو انهن بزرگن جي ڪچهري مان سکيس.
ڪيڏانهن وئي سنڌ جي تعليم ، جا پوري ملڪ ۾ مشهور هئي، سنڌ ۾ ته پوري دنيا جا ماڻهو پڙهڻ پئي آيا پر افسوس جو هاڻي اسان سنڌي ٻين صوبن ڏانهن پڙهڻ پيا وڃون! ڪيڏانهن ويا اهي استاد؟ جيڪي درسي تعليم سان گڏ شاگردن جي اخلاقي تربيت به ڪندا هئا. اڄ به انهن اڇي مٿي وارن استادن جي ياد ايندي آهي جڏهن اڄڪلهه جي نوجوان ڪاري مٿي وارن استادن کي ڏسندو آهيان جيڪي سياسي زور تي ڀرتي ٿي اچن ٿا. مان اينٽي ڪرپشن ۾ سرڪل آفيسر آهيان روئڻ ايندو آهي جڏهن استادن، ايس ڊي اي اوز ۽ ڊي اي اوز تي ايف آءِ آر ڪاٽي چالان ڪندا آهيون، اهي اسان جي نئين جنريشن کي تعليم پيا ڏين جڏهن ته پاڻ ئي سنڌ سرڪار جا شاگردن جي نالي تي ڏنل پئسا هضم ڪيو وڃن. اهڙن استادن کي چوڪن تي بيهاري سرعام ڦاسي تي چاڙهجين ته جيئن ٻيا ڏسي توبهه ڪن. مان سنڌ جي ڪافي اسڪولن ۾ پڙهيو آهيان پهرين درجي کان وٺي ڏهين درجي تائين 21 اسڪولن ۾ تعليم ورتم، انهي جو سبب هو بابا سائين جي نوڪري، ڪڏهن ڪهڙي ضلعي جو ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ته ڪڏهن ڪهڙي ضلعي جو، مگر 21 اسڪولن منجهه مون کي ڪوبه اهڙو اڄڪلهه جي استادن جهڙو استاد ڪونه گڏيو جو اسڪول ٽائيم کان پوءِ گڏجي ويهي وي سي آر تي غير اخلاقي فلمون ڏسڻ، گڏ سگريٽ پيئڻ، گڏ هوٽلن تي چانهه پيئڻ، گڏ هڪ ئي هوٽل تي هڪ ئي ڪمري ۾ سمهڻ وغيره وغيره.
ڪيڏانهن ويون اسان جون غمي واريون رسمون! اڳ ۾ ته جڏهن ڪنهن کي بيمار ٻڌبو هيو ته اچي سڀ دوست يار مٽ مائٽ گڏ ٿيندا هئا ته ڪچهري ڪري وٺونس متان ڪٿي همراهه اکيون نه ٻوٽي ڇڏي. هڪ ته مريض دوستن احبابن مٽن مائٽن کي ڏسي دل وڏي ڪري ڇڏيندو هو انهي خوشيءَ ۾ ته مان بيماري ۾ اڪيلو ڪونه آهيان هونئن به اها انساني نفسيات آهي ته جڏهن به ماڻهو تڪليف ۾ هوندو آهي ته رڳو ڪو همٿ افزائي ڪريس ته هو دل جو شينهن ٿي ويندو آهي پر جي خدا نه خواسته اهو شخص دنيا ڇڏي به وڃي ته پوءِ انهن احبابن عزيزن کي ڏک ڪونه رهندو هو ته ڪو اسان آخري ملاقات ڪونه ڪئي سون.
ڪيڏانهن ويون اسان جون خوشيون ڪا شادي رٿي نه آهي ته سال اڳ ئي عورتون ٻارن جا ڪپڙا لٽا پيون تيار ڪرائينديون هيون. شادي جي دعوت ڏيڻ پاڻ روبرو وڃبو هو، مٺائي يا کنڊ ذرو به کڻي وڃبو هو، انهي سان ميل جول وڌندي هئي، بجاءِ اڄڪلهه جي ته پوسٽ ۾ ئي شادي جو دعوت نامو ڏياري موڪليو يا وري ڪنهن نوڪر جي هٿان شادي جو ڪارڊ موڪليو وڃي ٿو، انهي عمل سان ماڻهو بي دليو دعوت ۾ ويندو، نه شادي ۾ مزو ايندو نه ئي خوشي رهندي.
ڪيڏانهن ويون اهي عورتون، جن جي شادي ٿيڻ تي ذهن ۾ اهوئي هوندو هو ته ابي امان جي گهران رخصت ٿيان پئي پر جنازو مجازي خدا (مڙس) جي گهران ئي نڪرندو، ڏک سک ۾ مڙس، سس، سهري سان بيمارين سيمارين ۾ پيون نڀائينديون هيون. بجاءِ اڄڪلهه جي مڙس جي گهر زال پهتي ڪونه آهي پهرئين ڪوشش اها هوندس ته مڙس کي پوڙهي سس ۽ سهري کان جلد ڌار ڪيان، گهر کي ٽائيم گهٽ ريشم گلين ۾ وڌيڪ شاپنگ ڪرڻ پسند ڪنديون. پردو گهٽ ۽ آزادي زياده پسند ڪنديون اگر اهي ڳالهيون نه ٿي سگهيون ته آخر ڳالهه وڃي علحيدگي تائين پهچندي. مان لاڙڪاڻو ۾ ڪجهه سال وڪالت به ڪئي آهي پر انهي ٿوري عرصي ۾ مون طلاقن جا ڪافي ڪيس ڏٺا، انهي جو سبب فقط اسان جي سنڌ ۾ پراڻين روايتن جو ختم ٿيڻ آهي.
ڪيڏانهن ويا اهي دريا دل دوست! جيڪي دوستن تي فدا ٿيندا هئا چوندا ئي اهو هئا ته پئسو کپئي ته کڻ، نياڻي (رشتيداري لاءِ) کپئي نه کڻ، وڙهڻو آهي ته رت کپي يا سر ته کڻ، هاڻي ته نه اهي دوستيون رهيو آهن نه ئي اهي زنده دل دوست! ياد اٿم جڏهن مان 1993ع ۾ بيروزگار هيس، اوچتو منشي ابراهيم سومرو سان حيدرآباد ۾ ملاقات ٿي ويئي پڇيائين ته ’نادر لاڙڪاڻي کان حيدرآباد ڇو آيو آهين؟‘ مان چيو ته ’روزگار تلاش پيو ڪريان‘ اهو ٻڌندي ئي چيائين ته ’مير منور علي ٽالپر ايڪسائيز جو وزير آهي انهي مون سان واعدو ڪيو آهي ته منهنجي پٽ کي ايڪسائيز جو انسپيڪٽر ڪندو سو تون منهنجي مرحوم دوست ۽ محسن جو پٽ آهين اها نوڪري مان توکي ٿو ڏيان منهنجي پٽ جو ڀاڳ منهنجي پٽ سان.‘ اهي لفط ٻڌي منهنجيون اکيون آليون ٿي ويون ۽ الائي ڪيئن منٿون ايلازيون ڪري منشي ابراهيم سومري کان معافي وٺي جند ڇڏايم ته توهان جي پٽ جي نصيب تي مان قبضو ڪونه ڪندس، اهي هيون دوستيون، اهي هيون سنڌ جون پراڻيون روايتون، اها هئي مرحوم دوست جي اولاد سان سچائي ۽ مرحوم دوستن جي قبر کي عزت ڏيڻ.
ڪيڏانهن وئي اها سنڌ جي پوليس! پوليس ته آهي ئي پوليس ان جي تعريف ڪرڻ مان گناهه ٿو سمجهان پر تنهن هوندي به اڄ جي پوليس کي سنڌ جي پراڻي، پوليس سان ضرور تشبيهه ڏيندس منهنجو نانو ۽ ڏاڏو انگريزن جي دؤر ۾ پوليس آفيسر هئا پر خدا جو خوف انهي حد تائين هو ته خون جو پئسو ڪونه وٺبو. سندن خيال هو ته قبر ۾ هڪ خدا هوندو ٻيو بندو، پئسو ورتوسون ته اسان به قاتلن ۾ شمار ٿينداسون پراون گهرن ۾ ڪونه گهڙبو، پاڻ به نياڻين وارا آهيون. مطلب ته چادر چار ديواريءَ جو تقدس پامال ڪونه ڪبو، هاڻي ته پئسن لاءِ ٿاڻن مان لاش پيا نڪرن، معصوم کير پياڪ پوليس جي هٿان شهيد پيا ٿين. شايد لاڙڪاڻي شهر جو تازو واقعو سڀني کي ياد هوندو ته معصوم ٻارن جي مٿان پوليس اٽالي هنڌ بسترا اڇلايا هئا جنهن جي ڪري معصوم کير پياڪ ٻار ساهه منجهڻ ڪري شهيد ٿي ويو، اهو ته هڪ واقعو هو. شاباس آهي سنڌي پريس کي ته اهڙا لڱ ڪانڊاريندڙ واقعا لکن پيا پر ڪافي اهڙا واقعا به ٿيندا هوندا، جيڪي ممڪن آهي ته اخبارن تائين ڪونه پهچندا هجن.
ڪيڏانهن ويا سنڌ جا ڊاڪٽر ۽ حڪيم! جو بغير پئسي ڏوڪڙ جي لالچ جي علاج وغيره ڪرڻ، در تي ڪو مريض جو مائٽ پهتو ڪونه آهي ڊاڪٽر حڪيم انهي مريض تائين پهتو ڪونه آهي پر هاڻي ته ڊاڪٽرن علاج کي ڪاروبار ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيڪل سينٽر، ڪلينڪون، پرائيوٽ ڊاڪٽر ته پرائيوٽ پر سرڪاري ڊاڪٽر به انهن سينٽرن تي سڄو ڏينهن ڄميا ويٺا هوندا. ايستائين جو سرڪاري اسپتالن ۾ ڊيوٽي دوران به ٽيبل پريڪٽس ڪندي ڏٺا ويا آهن. سندن سڄو ڌيان ۽ شوق پرائيوٽ اسپتالن، ميڊيڪل سينٽرن ۽ ڪلينڪن تي هوندن، سرڪاري اسپتالن ۾ غريب مسڪين پيرين اگهاڙا پيا ڌڪا کائيندا نه ٽڪي ملندن ۽ نه وري ئي مريضن جي مرض تي ڌيان ڏنو ويندو. شايد ڪن ماڻهن کي ياد هجي ڪراچي جي ڊاڪٽر جو واقعو جنهن جي في شايد غريب ماڻهو پنهنجي سڄي حياتي ۾ ڪمائي به نه ڏئي سگهي ها، سو اڪيلي ئي پٽ جو پيءُ هو پر هڪ ڏينهن ڪنهن چيس ته ’’سائين هڪ لاوارث مريض بيهوشي جي حالت ۾ ايڪسيڊنٽ ٿي پهتو آهي هلي آپريشن ڪيوس‘‘ پر افسوس ڊاڪٽر کي في نه ملڻ جي ڪري اهو همراهه مري ويو. مرڻ کانپوءِ خبر پيس ته اهو ڪو ٻيو نه سندس اڪيلو موڀي پٽ هيس جو لاوارث هجڻ ڪري بيهوشي جي حالت ۾ مري ويو.
ڪيڏانهن ويا سنڌ جا بيورو ڪريٽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جهڙا، هاڻي ته ڪو سنڌي آفيسر ٿيو ڪونه آهي مغز خراب ٿيو ڪونه اٿس. پنهنجن غريبن کي ڌڪيندو ۽ نفرت ڪندو. چوندا آهن ته ڍؤ جَهلي هڪ مينهن ٻيو واڻيو. باقي شل نه اسان جو ڪو سنڌي آفيسر ٿي ڪو مٽ مائٽ پيري اگهاڙو ويس نه نوڪر ائين ڌڪي ٻاهر ڪڍندس، ڄڻ عذاب ڪريو هجين. ياد اٿم هڪ دفعي بيرزگاري جو دؤر ۾ هڪ سنڌي سنڌ جي وڏي مشهور بيورو ڪريٽ (سيڪريٽري) وٽ نوڪري لاءِ ويس پر صاحب نه سيڪريٽريٽ ۾ ملي نه وري بنگلي تي منهنجيون جتيون گسي ويون، آخر زوري ڪنهن طرح سان بنگلي تي مليو مانس مون کي ڏسندي ئي بڇڙي شڪل ڪري يڪدم چيائين (هتي به ڪونه ٿا ڇڏيو) اهي لفظ ٻڌي ڏاڍو مايوس ٿي، نڪري آيس.
ڪيڏانهن ويا سنڌ جا سياستدان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پير شهيد راڻي بينظير ڀٽو صاحبه ، سائين صبغت الله شاهه سورهيه بادشاهه جهڙا، جن پنهنجي قوم ۽ ڌرتي سان نڀائيندي کلندي کلندي سر سولي حوالي ڪيا پر نه جهڪيا. نه ڪي اڄڪلهه جي سياستدانن وانگر..... وغيره وغيره
ڪيڏانهن وئي سنڌ جي ونگار! شايد اڄ ڪلهه جو ڪوئي ئي نوجوان ونگار لفظ جي معنيٰ ڄاڻيندو هجي جي غريب هو ته دوستن يارن مٽن مائٽن پاڙي وارن کي چوندو هو ته ادا جهڳو (گهر) ٺاهڻو آهي مزدورن کي مزدوري ڏيڻ جيترا پئسه ڪونه اٿم، مهرباني ڪري سڀاڻي ونگار وهي وڃجو ته اچي سڀ گڏ ٿيندا هئا، غريب جي جاءِ تيار سو به بغير پئسي ڏوڪڙ جي غريب کي اجهو سولائي سان ملي ويندو هو، ڪنهن تي به بوجهه وغيره ڪونه ٿيندو هو. اها هئي سنڌ جي ماڻهن جي هڪ ٻئي سان محبت ۽ پيار، پر جي هاڻي ڪنهن کي ونگار لاءِ چئبو ته اهو منهن سڄائي اهڙي ڳالهه ڪندو جو وري ڪونه چئي سگهبس.
ڪيڏانهن ويا اسان جا اهي ڌاڙيل! سنڌ ڌاڙيلن جي عذاب کان شروع کان ئي تڪليف ۾ رهي آهي پوءِ شايد قدرتي سنڌ جي بيهڪ ئي اهڙي آهي يا ڪنهن بي ڳالهه هڪ ته بلوچستان جي بارڊر ٻيو ٻيلي ۽ ٽيون جابلو علائقي ڀرسان هئڻ ڪري ڌاڙيلن جو عتاب سنڌ جو ماڻهو ڀوڳيندو آيو آهي پر جي تشبيهه ڪبي نه وري به پوليس وانگر ڌاڙيلن جي تعريف ڪرڻ گناهه مثال آهي پر اڳي اهو ٿيندو هو ته ڌاڙو لڳو ته ڌاڙيل نياڻين ۽ عورتن جو دل سان احترام ڪندا هئا، نياڻين کي پاسيرو ڪري بيهاريو ويندو هو ۽ کين امان ۽ ادي ڪري عزت ڏيندا هئا، نه ڪي اڄڪلهه جي ڌاڙيلن وانگر نياڻين ۽ عورتن جي ڪنن مان والا به ڇڪي ڇني لاهي کين رتورت ڪريو ڇڏين، ڪا قهل ۽ شرم اکين ۾ ئي ڪونه.
ڪيڏانهن ويون سنڌ جون طوائفون، جيڪي لال بازار ۾ اگر ڪو نئون جوان (خوبرو ڇوڪرو) وڃين ته اهو چئي موٽائي ڇڏينديون هيون ته هن گند مان نڪري وڃ. اڃا تون ٻار آهين اڃا ته زندگي پئي اٿئي هن ڳالهه ۾ نه ڦاس نه ڪي اڄڪلهه جيان، ڪو نوجوان ٿيندڙ خوبرو ڇوڪرو ويو ڪونه اٿن ۽ سندس کيسو خالي ٿيو نه آهي ۽ هو انهي گند ۾ ڦاٿو ڪونه آهي. ويندو ڦاسندو ۽ ويندو تباهه ٿيندو.
ڪيڏانهن ويا ڪامريڊ، مرحوم حيدر بخش جتوئي جهڙا ڪامريڊ جيڪو انگريزن جي دؤر ۾ ڪليڪٽر هو پر ڪليڪٽري ٿڏي وڃي جيل ۽ ريل قبوليو. نه ڪي اڄڪلهه جي ڪامريڊ لڏي وانگر ٻن پئسن عيوض الاهي ڇا ڪري ويهن سواءِ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جي جيڪو منهنجي والد جو شاگرد، منهنجو استاد ۽ ابو آهي، باقي ته مڙئي خير آهي! انهي سان گڏ مان ڪامريڊ روچيرام ۽ ڪامريڊ مير محمد ٽالپر کي به شامل ڪندس جيڪي نوجوان ڪامريڊن لاءِ مشعلِ راهه آهن.
ڪيڏانهن ويا سنڌ جا وڏيرا، سنڌ جي وڏيري نواب نبي بخش خان ڀٽو ۽ جي ايم سيد جهڙا، جن پنهنجي ڳوٺن ۾ اسڪول ٺهرايا نه ڪي اڄڪلهه جي وڏيرن وانگر ته رڪارڊ ۾ اسڪول پر حقيقت ۾ مينهن ۽ ٻڪرين جا واڙا جيئن تر جي ماڻهن ۾ شعور پيدا نه ٿي.
ڪيڏانهن وئي اها سنڌ جي غيرت، جو ڪنهن زمين جي ٽڪر خاطر زال، ماءُ، ڀيڻ ۽ ڌيءَ کي ڪنهن ڌاري مرد سان زوري ڦاسائي غيرت ۽ ڪاري جو نالو ڏئي شهيد ڪري ڇڏڻ ۽ اهڙي طرح سان زمين ٽڪر خاطر خاندان ۽ قوم کي بدنام ڪري مٿان وري ڳاٽ اوچو ڪري ديده دليري سان نعرا هڻي ٿاڻي ۽ جيل تي وڃي پاڻ کي مڙس ماڻهو سڏرائڻ اها ڪا غيرت ۽ مڙسي نه بلڪه بي غيرتي ۽ بي شرمائپ آهي.
ڪيڏانهن ويا سنڌ جا صحافي ڪامريڊ جمال الدين بخاري مرحوم جهڙا جن سنڌ کي صحافت ذريعي شعور ڏنو. امرتسر جو هيءُ پنجابي اچي سنڌ ڌرتيءَ جي خدمت ڪري، سلام آهي امرتسر جي مٽيءَ کي، جنهن اهڙا جوڌا لعل پيدا ڪيا.
ڪيڏانهن ويا ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جهڙا وڪيل ۽ جج جو مرڻ تائين هٿين خالي سڪرات ۾ هئا ته پوءِ به سنڌ لاءِ سنڌ جي عوام لاءِ پريشان. بستر مرڳ تي ستل علاج لاءِ پئسو به ڪونه پوءِ به ڏاڍو خوش ۽ مطمئن. حالانڪه ڪامريڊ تاج محمد ابڙو بحيثيت ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي ايڪويهين 21 گريڊ مان رٽائر ڪيو پر نه ته ڪڏهن وڪالت واري دؤر ۾ ئي ڪو اهڙو ڪيس کنيائين جو ڪنهن گناهه گار مجرم کي ڇڏائي نه ئي وري جج شپ دوران ئي ڪو اهڙو ڪڌو ڪم ڪيائين جو اسان اولاد ڪنڌ جهڪائي هلون.
آخر ۾ مان عدليه تي ڪجهه به ڪونه ڳالهائيندس ڇو جو مان به خود ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جو پٽ آهيان، منهنجي رڳن ۾ جج جو خون ٿو ڊوڙي.
بونا پارٽ جڏهن دشمن سان جنگ پئي لڙي ته صحافين چيس ته اوهان ته جنگ هارايو پيا. هن چيو ته مان جنگ کٽيان پيو ڇو جو اسان جي عدليه مضبوط آهي. صحافين ٻيهر چيس ته اوهان جنگ هارايو پيا. بونا پارٽ ٻيهر اهو ئي چيو ته مان جنگ کٽيان پيو ڇو جو اسان جي عدليه مضبوط آهي وري ٽيهر صحافين چيس ته اوهان جنگ ته هارايو پيا بونا پارٽ ٽيهر به ساڳيو ئي جواب ڏيندي چيو ته مان جنگ هارائي ئي نه ٿو سگهان ڇو جو اسان جي ملڪ جي عدليه مضبوط آهي، آخرڪار واقعي بونا پارٽ جنگ کٽي. کٽڻ کان پوءِ صحافين پڇيس ته اوهان جيڪو باربار چئي رهيا هئا ته عدليه مضبوط آهي انهي جو جنگ سان ڪهڙو واسطو آهي؟ چيائين ته جيڪي جنگ ۾ جوان وڙهي رهيا هئا انهن کي پڪ هئي ته اگر جنگ ۾ اسان مري به وياسين ته اسان جي پوئين سان انصاف ضرور ٿيندو، تڏهن ئي انهن جوان مردي سان دشمنن جو مقابلو ڪري کٽيو.
سنڌ جي وڏي اديب، ليکڪ ۽ تعليمدان ايلسا قاضي جي مڙس علامه آءِ آءِ قاضي چيو ته اسان جي ملڪ جو قانون ڪوريئڙي جي ڄار مثل آهي جنهن ۾ مک ۽ مڇر ته ڦاسي سگهي ٿو. ڏاند ۽ اٺ نه!
علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي انهن اکرن سان هِن وقت جي ملڪي صورتحال ۾ متفق نٿو ٿي سگهجي، ڇو جو هاڻ پنهنجي وطن ۾ به عدليه آزاد ۽ خود مختيار ڪردار ادا ڪندي ڏاند ۽ اُٺ کي هٿيڪو ڪندي نظر اچي پئي.


تعمير سنڌ، سچ، عبرت، عوامي آواز، هلال پاڪستان، خبرون