خانگي ٽي وي چئنل ۽ سنڌي ڪلچر
سوال رهجي ٿو ته اهي چئنل دنيا جي اڳيان ڪهڙن طور طريقن سان سنڌي ڪلچر ۽ روايتن کي پيش ڪن پيا ۽ انهن سان عوام ڪيتري حد تائين سهمت آهي؟ اهي ڳالهيون آهن جيڪي ڌيان ٿيون چاهن پر اسان هن زماني جي هڻ هڻان اڄو ڪي وقت جي ويرن ۾ پنهنجي پاڻ کان بي خبر بڻجي ويا آهيون هن وقت سنڌي سيٽلائيٽ چئنل هلن پيا گهڻي ڀاڱي ڀارتي اردو چئنلن وانگر آهن، اها اهڙي واٽ آهي جنهن کان اسان نج ماڻهو تمام پري بيٺل آهيون هن ٽاڻي سواءِ چند پروگرامن جي، باقي ڪٿي به ڪا سنڌي ڪلچر ۽ روايتي جهلڪ به نظر نه ٿي اچي! سنڌي گيتن ۾ ماڊلنگ ڪندڙ ڇوڪرين جا چهرا متعارف ڪرايا پيا وڃن اهي چهرا سان جي سماج جي بيهڪ کان تمام پري هٽيل ٿا نظر اچن. اڪثر گيتن ۾ ماڊل ڇوڪرين کي پينٽ شرٽ وغيره يا اهڙي قسم جو ٻيو لباس پارايو ٿو وڃي جيڪي ڀارتي ماڊل ڇوڪريون استعمال ۾ آڻينديون آهن. جنهن ساڻ سنڌي ڪلچر جو هونءَ به پري جو به ڪو تعلق ناهي پر اهي ويس وڳا به پرڏيهي ملڪن جا اسان جي ڪلچر تي حاوي ٿيندي نظر ٿا اچن . جنهن جو اهو نتيجو آهي جو اسان جي ڳوٺن، وستين ۾ جيڪي عورتون اسان جي سنڌي ڪلچر ۽ روايتن جو ڀرم رکنديون پيون اچن اهي انهي سيٽلائيٽ چئنل جي ور چڙهي، ويس وڳا به اهڙي قسم جا استعمال ٿيون ڪن، جنهن ڪري سنڌي ڪلچر کي تمام گھڻو نقصان ٿو پهچي. سنڌي ڪلچر کي بگاڙڻ بجاءِ سنڌي سيٽلائيٽ چئنل سنڌي ڪلچر کي ٻيهر جيئارڻ ۾ پنهنجو وڏو ڪردار ادا ڪري سگھن ٿا. تنهن لاءِ چئنل جي سربراهن کي سنجيده دلي سان ڪم وٺندي، پنهنجن سمورن پروگرامن، گيتن ۾ سنڌي لباس ۽ ڪلچر کي اوليت ڏيڻ گھرجي. ائين ڪرڻ سان نه رڳو اهي چئنل پوري سنڌ ۾ سنڌي ڪلچر جي رکوالي جو ڀرم رکي سگھندا پر انهن وسيلي سنڌي ڪلچر ٻين ملڪن ۾ به پنهنجا اثرات ڇڏڻ ۾ سوڀارو ٿيندو ۽ اتي جا ماڻهو به سنڌي لباس ۽ ڪلچر طرف متوجهه ٿيندا جي اسان پاڻ پنهنجون روايتون ۽ ڪلچر ڇڏي ٻين جا اپنايا ته پوءِ اسان جو ڪلچر به وقت جي دز ۾ اچي لٽجي ويندو.
ڪي ڳالهيون ۽ مسئلا اهڙا هوندا آهن جن کي وقت جي نزاڪت سان ويجهڙائي سان وٺڻو پوندو آهي، جي اسان انهن مامرن کي نظر انداز ڪيوسين ته ايندڙ وقت ۾ انهيءَ جا اثرات اسان لاءِ انتهائي ڳرا نتيجا کڻي اچي سگھن ٿا. مڃون ٿا ته هي دؤر تبديلي جو آهي. هر ماڻهو پاڻ ۾ تبديلي آڻڻ ۽ اڳتي نڪرڻ جي سنبت ۾ آهي پر اها تبديلي اسان کي اهڙي آڻڻي آهي جنهن سان اسان جي سنڌي ڪلچر کي ڇيهو نه رسي ۽ ان سان گڏ وقت جي ڦيري سان سنڌي ڪلچر کي سنواري سڌاري ٻي دنيا آڏو آڻڻو آهي، جيئن هر ڪنهن کي اها خبر پوي ته سنڌي قوم ڪلچر جي حوالي سان شاهوڪار آهي.
مون کي ياد آهي ته آئون جڏهن شهدادڪوٽ کان سرڪل آفيسر عمرڪوٽ مقرر ٿيس ته هتي منهنجي ملاقات اهڙي مهان انسان سان ٿي جنهن کي پوري سنڌ ڊاڪٽر هرچند راءِ لاکاڻي جي نانءُ سان ياد ڪري ٿي. هي شخص اسلام آباد کان لاهور تائين ملڪ جي مختلف علائقن ۾ سنڌي ڪلچر جي جياپي لاءِ تمام وڏو ڪردار ادا ڪندو رهيو ۽ اتي ميلن ۽اسٽالن ۾ سنڌي ڪلچر جون شيون متعارف ڪرايون. ڊاڪٽرهرچند کان عمرڪوٽ جي آرڪيالاجي کاتي وارن به ڪجهه يادگار تاريخي شيون گھريون هيون پر پاڻ انڪار ڪري ڇڏيو هئائين. هن مهان سنڌ جي جهوني تاريخي ۽ سنڌي ڪلچر جي عاشق ڊاڪٽر هرچند راءِ جي دل ۾ سنڌ جي تاريخ ۽ ڪلچر جا ڪيئي باب دفن ٿيل آهن پر انهن تائين ۽ انهيءَ جي دردن تائين ڪير پهچڻ وارو هجي. عمرڪوت کان ويندي نگرپارڪر ۽ ٿر جي علائقن جا هزارين ماڻهو سنڌي ڪلچر کي اڄ به زندهه رکندا پيا اچن.
هن وقت به اسلام آباد جھڙي شهر ۾ ڪلـچر ۽ هٿ جي هنر جي حوالي سان ڪافي دڪان اهڙا آهن جيڪي عمر ڪوٽ جي سيٺين جي مهربانين سان هلن ٿا ۽ اهي سنڌي ڪلچر اسلام آباد کان پوري دنيا ۾ ڦهلائي رهيا آهن پر هاڻ تبديل ٿيندڙ حالتن سان گھڻو ڪجهه تبديل ٿيندو ٿو وڃي هاڻ انهي امر جي ضرورت تمام گهڻي حد تائين محسوس ٿي ڪئي وڃي ته سنڌي سيٽلائيٽ چئنل سنڌي ڪلچر جي واڌاري ۾ تمام وڏو ڪردار ادا ڪن، انهي لاءِ صرف انهن کي پنهنجي پروگرامن ۾ سنڌي لباس کي عام طورتي اداڪارن ۽ ماڊلنگ ۾ استعمال ڪرڻو پوندو ۽ انهيءَ جا اثرات ڪجهه ئي وقت ۾ اسان جي سامهون هوندا ۽ سنڌ جي وڏن وڏن شهرن ۾ سنڌي ڪلچر ۽ لباس اسان کي عام ۽ جام نظر ايندو ته ٻاهرين ملڪن ۾ انهن چئنلن جي مدد سان سنڌي ڪلچر کي اسان متعارف ڪرائڻ ۾ ڪامياب وينداسين ته اتي وري مارڪيٽنگ واري شعبي ۾ انهيءَ جي ڊيمانڊ پاڻ مرادو وڌندي، جنهن سان هتي جي مزدور طبقي کي سٺي اجرت ملي سگھندي اهڙن طريقن کي استعمال ڪرڻ سان جتي سنڌي خانگي ٽي وي چئنل پنهنجو حقيقي صحيح معنى ۾ سنڌ لاءِ ڪردارادا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندا ته ٻي پاسي وري سنڌي سماج ۾ انهيءَ حوالي سان جوڳي تبديليءَ جا آثار نسرڻ شروع ٿيندا، جيڪي اڳتي هلي سنڌي سماج جي جوڙجڪ ۾ پنهنجي نمايان ڪردارادا ڪري سگھن ٿا. ڳالهه ورري سمجھڻ ۽ پرکڻ ۽ انهن شين ۽ مامرن تائين پهچڻ جي آهي چوڻ لاءِ ته ماڻهو الائجي ڇا چئي ويهي رهندو آهي پر سموري ڳالهه جو دارومدار عمل تي هوندو آهي ۽ عمل نه ٿيڻ ڪري دارومدار جتي آهي اتي رهجي ويندا آهن اهو به لازمي ناهي ته منهنجي انهن ڳالهين کي سڀئي دوست سنجيدگيءَ سان وٺي پنهنجو ٽائيم ضايع ڪن ۽ پريشان ٿين ۽ هونئن به اسان وٽ ڪنهن ڳالهه تي ويهي غور ڪجي، اهو ضروري ته ناهي!
فقط سوڀ اخبار لاءِ امداد اوڍو سان ڪيل واعدو