شهدادڪوٽ: خوبصورتين ۽ محبتن جو شهر
ادب جي حوالي سان به شهدادڪوٽ وينا شرنگي، عبدالغفور ڀرڳڙي، استاد پيرل قمبر، محمد صديق ابڙو، گل محمد ’گل‘ شاه بخاري، احمد علي ’صابر‘ چانڊيو توڙي ٻين کوڙ سارن ليکڪن کي جنم ڏنو آهي، جن ادب ۾ سنڌ جو نانءُ روشن ڪيو آهي.
لاڙڪاڻي ڊويزن جو آباديءَ جي لحاظ کان شهدادڪوٽ وڏي ۾ وڏو تعلقو ليکيو وڃي ٿو. شهدادڪوٽ واسين جو وڏي ۾ وڏو خواب شهدادڪوٽ ضلعو ٿيڻ آهي. زراعت جي حوالي سان ڏسجي ته ساريالي علائقي هجڻ سبب سارين ۽ چانورن جي حوالي سان به هي ضلعو ملڪان ملڪ مشهور آهي ۽ ملڪ جي وڏين اناج منڊين ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو، جنهن جو اندازو فقط انهيءَ مان لڳائي سگهجي ٿو ته هي پاڪستان جو غالبن واحد ضلعو آهي، جنهن ۾ سارين جا اٽڪل 60 کن سيلر آهن، هي شهر گڏهه گاڏن جي شهر طور به مشهور آهي، ڇو جو غريب هارين لاءِ گڏهه گاڏو سارين ڍوئڻ ۾ ٽريڪٽر ٽرالين سان گڏ وڏو مددگار آهي، حالانڪه شهدادڪوٽ جو هر روڊ وڏو ۽ ڪشادو هوندي به جيڪڏهن شهر جي ڪنهن به روڊ تي گاڏي تي چڙهبو ته گڏهه گاڏن جي لاتعداد هجڻ سبب روڊ جي چپي چپي تي گڏهه گاڏن جي رڪاوٽ سبب ماڻهو جيڪڏهن تڪڙو هوندو ته بيزاري وچان ڪار تان لهي مجبورن گهر پيرين پنڌ وڃڻ بهتر سمجهندو، شهدادڪوٽ ڪاروباري لحاظ کان به ملڪ جي وڏي منڊي طور شهرت رکي ٿو، ڪاروباري منڊي هجڻ سبب لاڙڪاڻي جو شهري به مون ڏٺو ته اڪثر شاپنگ ڪرڻ لاءِ بجاءِ لاڙڪاڻي جي شهدادڪوٽ کي سستي سمجهندي خريداري ڪرڻ پسند ڪري ٿو، شهدادڪوٽ شايد واريءَ جي دڙي تي ۽ قبو سعيد خان جي جبل هئڻ سبب جيڪو شهدادڪوٽ جي ويجهو آهي، مون گرمين ۾ شهدادڪوٽ کي تمام ئي گهڻو گرم ڏٺو وري جڏهن شهدادڪوٽ جي بجلي اڪثر اکٻوٽ ڪندي هئي ته اڪثر شهر جا ماڻهو بيهوش ٿي ويندا هئا، هتي مشهور اولياءَ ميان محمد صديق وچ شهر ۾ ابدي ننڊ ستل آهي ۽ اڪثر شهر جا ماڻهو هن دنياوي نفسانفسي واري دؤر ۾ جڏهن مايوس پئي ٿيا ته هن درگاهه تي ويندا آهن ته روحاني طور سڪون وٺي نوان سنوان ۽ تازا توانا ٿي موٽندا آهن، مون درگاهه تي هر وقت ماڻهن جو ميلو متل ڏٺو، هتي جي وڏين ذاتين ۾ کهاوڙ، مگسي، چانڊيا، جوڻيجا، کوسا، بروهي، جمالي، ڪمبوهه، شيخ، هندو، سومرا، ابڙا، سيلرا، لانگاهه، تنيا ۽ ٻيون کوڙ ساريون ذاتيون آهن، بلوچستان ويجهو هجڻ سبب هتي بلوچستان جي رسمن جا به ڪجهه اثر آهن، هتان جي ٻولين ۾ سنڌي، سرائڪي، بلوچي، بروهڪي، پنجابي ٻوليون ڳالهايون وينديون آهن پر مجموعي طور تي هتي ٻولي سنڌي اڪثر ڪري عام جام ڳالهائي ويندي آهي.
شهدادڪوٽ نئين ايندڙ ماڻهوءَ لاءِ هڪ پهاڪو به مشهور آهي ته ’’شهداڪوٽ ائين نه موٽ، جي موٽ ته سڪ وٺي موٽ‘‘ اها به حقيقت آهي ته مان تقريبن پنهنجي نوڪري جي ايام ڪاريءَ ۾ اتان جي رهواسي انتهائي محبت ڏيندڙ يارويس، باشعور، ادبي، سماجي، سياسي سمجهه رکندڙ، همدرد ۽ سڌا سنوان مهمان نواز ڏٺا ۽ پرکيا، شهدادڪوٽ کي پراڻي دؤر کان وٺي هڪ ريلوي اسٽيشن به آهي، غالبن روز هڪ ٽرين لاڙڪاڻي کان شهدادڪوٽ ۽ شهدادڪوٽ کان لاڙڪاڻي ايندي ويندي آهي، جنهن جي اسپيڊ لاءِ مشهور آهي ته اڃ لڳي ته هلندڙ ٽرين مان لهي پاڻي پي وري ٽرين ۾ چڙهو، هتي هڪ مشهور ۽ اهم ڪوٽو موٽو چوڪ آهي، جيڪو ٻن هندو ڀائرن ڪوٽو موٽو چوڪ جي انهيءَ چوڪ تي دڪان هئڻ، سبب اهو چوڪ سندن نالي منسوب ٿيل آهي پر انهيءَ چوڪ تي دڪان هئڻ سبب اهو چوڪ هاڻي بک هڙتالن جي لحاظ کان به مشهور آهي، منهنجي خيال ۾ حيدرآباد پريس ڪلب چوڪ جيڪو سنڌ ۾ بک هڙتالن جي لحاظ کان مشهور آهي، شهدادڪوٽ ۾ اهو اندازو ٿيو ته هتان جو ماڻهو ملڪ جي ٻين شهرن کان تمام گهڻو باشعور ۽ پرامن آهي، جو بجاءِ شهر بند ڪرائڻ جي هڙتالن، ڌرڻن ۽ جلسن جلوسن ڪڍڻ جي پرامن، مذهب طريقو، (بک هڙتال) اختيار ڪندي ڏٺم، هن شهر ۾ مون کي هڪ وڏي سٺي ڳالهه محسوس ٿي ته شهدادڪوٽ وڏي شهر هوندي به هتي رڪشائن جو نه هجڻ آهي، جنهن جي آواز ۽ شور کان هتان جا ماڻهو بچيل آهن ۽ اڃا پراڻي دؤر جو رواج ٽانگو هلندو پيو اچي، هتان جي صحافين غريبن، مسڪينن پيرين اگهاڙن، بي زبان اٻوجهه ماڻهن جي آواز کي اڪثر ايوانن تائين پهچايو آهي ۽ سندن مسئلن ۽ تڪليفن جي دادرسي ڪئي آهي، بهرحال اڄ به مون کي شهدادڪوٽ سنڌ جو نمائندو شهر لڳندو آهي، هن شهر ۾ سروس ڪرڻ کي آئون پنهنجي لاءِ هڪ وڏو اعزاز ٿو سمجهان، اڪثر هي پهاڪو منهنجي ذهن تي بار بار تري ايندو آهي ته ’’شهدادڪوٽ ائين نه موٽ، جي موٽ ته سڪ وٺي موٽ‘‘.
****
تعمير سنڌ، خبرون، شام، سنڌ، شهدادڪوٽ بليٽن، سوڀ، عبرت، تعميرِ سنڌ، هلال پاڪستان