6 سيپٽمبر يومِ دفاع جي حوالي سان
ناڪام ڪندڙ پاڪ فوج
6 سيپٽمبر جو ڏينهن ڀلا ڪنهن کي ڪيئن ٿو وسري سگهي؟ اهو ڏينهن پاڪستان جي تاريخ جو لازوال ڏينهن آهي 6 سيپٽمبر 1965ع واري پاڪ ڀارت جنگ ۾ پاڪ فوج جنهن بهادريءَ سان دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو. اهو تاريخ جو بي مثال باب بڻيل آهي. انهي ڏينهن تي پاڪ فوج جي جوڌن پنهنجي حياتين جو نذرانو ڏيئي دشمن جي ارادن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو. اهو ڏينهن سمورن پاڪستانين لاءِ انهن يادن جو آهي. جڏهن اسان جي شهرين بغير ڪنهن جي پرواهه ڪندي توبن آڏو بيهي پنهنجي جانين جو نظرانو ڏنو ۽ دشمن جي ارادي کي چڪنا چور ڪري حملي کان روڪيو. اها ئي زندهه قومن جي نشاني آهي ته اهي هر وقت پاڻ سان احتساب ڪنديون ٿيون رهن ۽ رات ڏينهن محنت مزدوري ڪري پنهنجي ملڪ جي ترقي ۾ حصيدار بڻجن ٿيون.
اڄوڪو ڏينهن اسان کان التجا ٿو ڪري ته اسان ماضي ڏانهن ڏسون ۽ پنهنجي ڪيل غلطين جو جائزو وٺي پنهنجي ماضيءَ جي مامرن کي صحيح راهه تي وٺي وڃڻ لاءِ ڪوششون ڪيون. اسان 1965ع واري جنگ ۾ پيش آيل واقعن تي نظر وجهنداسين ته اسان کي پنهنجين ڪاميابين تي فخر ٿيندو. اها رب ڪريم جي اسان مٿان رحمت آهي. جو اسان کي 1965ع واري جنگ ۾ ڪاميابي نصيب ٿي. جڏهن ته ملڪي عوام ۽ پاڪ فوج هڪ دل ۽ هڪ جان بڻجي دشمنن کي وڏي بهادريءَ سان روڪيو ۽ دشمنن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو 1965ع واري جنگ کٽڻ جا سبب ڳولجن ته اهي به نظر ايندا ته ان وقت ۾ سموري قوم ۾ ٻڌي هئي. فوج ۽ قوم جي دل گڏ ڌڙڪندي هئي، انهيءَ جذبي ڪارڻ ئي اسان کي 1965ع واري جنگ ۾ سوڀ ملي. اها ڳالهه صحيح آهي ته فوج کي تڏهن ئي سوڀ ملي سگهي ٿي جڏهن هن ساڻ عوام شامل هجي ۽ اهي هڪ ٻئي سان محبت ڪن ۽ ڏکئي وقت ۾ ديوار بڻجي دشمنن آڏو بيهي رهن.
1965ع واري جنگ ۾ انهيءَ جو عملي مظاهرو ڏسڻ ۾ آيو. انهيءَ گڏيل جذبي دشمنن جي غرور کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو ۽ پاڪ فوج دشمن تي لوهي وار ڪري عبرتناڪ شڪست ڏني. ڀارت هڪ سوچي سمجهي پلاننگ وسيلي اها جنگ شروع ڪئي ۽ ان جو ٽارگيٽ هو ته لاهور کي فتح ڪجي، سيالڪوٽ جي زمين تي قبضو ڪجي ۽ وزير آباد کي هٿ ڪري اولهه پاڪستان کي ٻه اڌ ڪجي انهيءَ ويڙهه دوران پاڪ فوج ڪشمير جي هڪ وڏي حصي تي قبضو ڪري ورتو، اکنور جي محاذ تي به ڪافي حد تائين پاڪ فوج اندر وڃي پيش قدمي ڪئي ته انهيءَ دوران جنگ بنديءَ جو اعلان ڪيو ويو.
1965ع واري جنگ جي حوالي سان اڪثريت جي اها راءِ آهي ته جنهن وقت ڀارت اها جنگ پاڪستان تي مڙهي ان وقت پاڪستان جي جنگي تياري ڪابه ٿيل نه هئي. جڏهن ته ڀارت مڪمل طور تي جنگ وڙهڻ جي سنبت ۾ هو ان وٽ پاڪستان تي حملي ڪرڻ جو رڳو اهو ئي ڪارڻ هو ته ڀارتي قيادت جي ذهن ۾ پاڪستان دشمني گهر ڪري وئي هئي ۽ اڄ تائين ڀارت جي اها دشمني هلندي ٿي اچي ڀارت قيادت ڪڏهن به پاڪستان کي دل سان قبول ناهي ڪيو. ڀارت پهرين ڏينهن کان وٺي پاڪستان کي ختم ڪرڻ جا سانڀاها ڪندو رهيو آهي. انهيءَ نيت سان ان هڪ رٿ جوڙي هئي ۽ ڪشمير تي به قبضو انهيءَ جي هڪ ڪڙي هئي ۽ ڀارت هٿيارن جي هڪ وڏي کيپ گڏ ڪري ورتي ۽ انهيءَ غرور ۾ هن پاڪستان تي حملو ڪيو هو ته هو پاڪستان کي ڪجهه ڪلاڪن اندر فتح ڪري وٺندو. ڀارت جو انتهاپسند پارٽيون ڀارتي حڪومت تي اهو زور ڏينديون رهيون ته اهي بنا وقت وڃائڻ جي پاڪستان تي حملو ڪن. پر ان سان گڏ انهن کي پاڪ فوج جي طاقت جو به اندازو هو ته اها ڪمزور ناهي ۽ ان سان گڏ مسلم عوام آهي. اهي جوڌا اهڙا آهن جيڪي جان جو نذرانو به ڏئي سگهن ٿا.
6 سيپٽمبر 1965ع واري جنگ ۾ پاڪ فوج پنهنجي قومي جذبي تحت جهاد جو جذبو کڻي ميدان جنگ ۾ وڙهي ۽ انهن سموري دنيا جي اڳيان جرئت همٿ ۽ مردانگي جا مثال قائم ڪيا. پوري جهان ڏٺو ته اهي سپوت پهاڙن کي ڀورا ڀورا ڪرڻ جو فن ڪيڏي بهادري سان ادا ڪري سگهن ٿا. نعراءِ تڪبير جي نعرن دشمن کي وائڙو ڪري ڀڄڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. پاڪ فوج پنهنجي صلاحيتن ۽ مهارتن کان اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته انهن جو مثال طوفان جهڙو آهي. اهي دريائن جي دلين کي به لوڏي سگهن ٿا. تاريخ جي اها بيمثال چوڻي آهي ته ڪاميابي هميشه انهيءَ جا قدم چمندي آهي، جيڪي حق تي هوندا آهن.
1965ع واري جنگ بعد اسان کي اهو نياپو مليو ته اسان کي پنهنجي ملڪ جي سرحدن جي حفاظت ڪرڻ جي ضرورت آهي. 1965ع واري جنگ دشمنن کي اهو سنديس ڏيئي ڇڏيو ته پاڪ فوج کي ڪو آساني سان شڪست ڏيڻ ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي. جڏهن ته تنهن باوجود به دشمن ڪڏهن به ماٺ ۾ نه رهيو. هو ڪڏهن اسان کي فرقن ۾ ورهائڻ جي ته ڪڏهن وري ديني جذبن کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي، ته جيئن اسان ۾ موجود اتحاد ختم ٿي، ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار بڻجي ۽ هو پنهنجي مقصدن ۾ ڪامياب ٿي وڃي. پر اسان ۽ اسان جي پاڪ فوج دشمن جي انهن سمورن چالن کان باخبر آهي ۽ اسان جي فوج جيڪا پوري دنيا ۾ امن ڀائيچاري جي جذبي هيٺ ڪم ڪندي ٿي رهي. اها دشمن جي ارادن کان چڱي ريت واقف آهي ته هو هر وقت دشمن جي ارادن کي مٽي ۾ ملائڻ لاءِ نعراءِ تڪبير الله اڪبر جي نعرن سان تيار آهن.
ــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ
خبرون، مهراڻ، هلال پاڪستان، سوڀ، تعمير سنڌ، سُڪار، فيصلو، هلچل