ڪالم / مضمون

مايوسين جي ميڙن کان اميدن جي ميلن تائين

مير نادر علي ابڙو جي هن ڪتاب ’’مايوسين جي ميڙن کان اُميدن جي ميلن تائين‘‘ ۾ ڪُل 30 مضمون موجود آهن، جيڪي آهن ته سنڌي سماج جي باري ۾ پر لکڻ جو انداز تخليقي آهي، سو ائين چئي سگھجي ٿو ته هي ڪتاب سماج ۽ تخليق جو ميلاپ آهي ته جيئن ادب پڙهندڙ جي به هن ڪتاب تائين رسائي هجي ته ٻئي پاسي سماج جا پرت به کُلندا وڃن. هي هڪ تجرباتي ڪتاب آهي. هن ڪتاب جي هڪ اها به خوبي آهي ته هيءُ ڪتاب ليکڪ پنهنجي محبوب والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو يادگار ڪاميٽي طرفان شايع ڪيو ويو آهي، جيڪو عمل سندس والد جي ياد به ڏياري ٿو.
Title Cover of book مايوسين جي ميڙن کان   اميدن جي ميلن تائين

اميد جي مشعل : حميد سنڌي

هي ڪهڙيون مايوسيون آهن ۽ ڪهڙيون اميدون آهن جن منهنجي عزيز ۽ ساٿي مير نادر علي ابڙي کي اهو مجبور ڪيو آهي ته سنڌ جي مسئلن ۽ عام ماڻهو جيڪو صدين کان انهي اميدن تي جيئرو رهندو پيو اچي ۽ مايوسين کان به واقف آهي. هي ڪتاب انسان دوستي جو مظهر آهي، مير نادر علي ابڙي جي هنن ڪالمن ۽ مضمونن مان انسان دوستيءَ جي خوشبو اچي رهي آهي. انهي خوشبوءَ کي عزيز مير نادر علي ابڙي پاڻ وٽ سانڍي ڪيترن اهم موضوئن تي لکيو آهي ۽ چڱي طرح سان پنهنجو فرض بحيثيت هڪ مسلمان دوست جو حق ته ادا ڪيو آهي پر وڏي ڳالهه اها آهي جو هن جا موضوع انسانن جي مسئلن کان پالها نه آهن. هونئن به سندس رڳ رڳ ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي رت ملهائڻ جو جذبو واضح ڏسي سگھجي ٿو. محترم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صاحب پاڻ هڪ اميد هو ۽ هن اهڙي مشعل ٻاري هئي جيڪا مشعل سڄي معاشري ۽ ملڪ کي روشن ڪيو. سندس فرزند هن ڪتاب ۾ جن موضوعن تي قلم کنيو آهي، اهي پنهنجي جاءِ تي گھرائي ۽ گيرائي رکن ٿا. هي موضوع سطحي نه آهن هنن جو انسان جي ڏکن سکن سان تعلق آهي. مان ته حيران آهيان جو اسان جي مير نادر علي ابڙي ٿوري ئي عرصي ۾ ايترن مسئلن جو جائزو وٺي ههڙا مضمون لکيا ۽ انسان دوستيءَ جو ثبوت ڏنو آهي. خاص طرح سان جھالت جي دز ۾ ڦاٿل ۽ نئين راهن جو منتظر پاڪستاني قوم وارو مضمون ۽ مايوسين جي ميڙن کان اميدن جي ميلن تائين وارو مضمون ته اهم آهن ئي آهن پر سندس قلم جي نوڪ جڏهن تکي وهي ٿي ته هن کي عيد جي حقيقي خوشين کان محروم معاشرو ياد اچي ٿو ۽ پريمي جوڙا موت جي گھيري ۾ جڏهن اچن ٿا ته سندس جائزي وٺڻ جي قوت ظاهر ٿئي ٿي. عوام جا احتجاج ٿر جون يادون ۽ وسڪارو، ٻارڙن جا حق ۽ حقيقي جدوجھد کان وانجھيل سماج هڪ مفڪر ئي لکي سگھي ٿو. هن ننڍي عمر ۾ عزيز مير نادر علي پنهنجو پاڻ قلم ڪار جي حيثيت سان نڀايو آهي. تاريخ جي ورقن جو درد ۽ خانگي ٽي وي ۽ سنڌي ڪلچر جو ذڪر سنڌي اخباري دنيا کان اين جي اوز جي نگر تائين هي اهڙيون ڳالهيون آهن جيڪو عام ماڻهو محسوس ته ڪري سگھي ٿو، ڇا ڪاڻ ته سنڌ جي ماڻهن ڪيئي ڏک ۽ درد سٺا آهن جن کي هڪ مالها ۾ پُوئڻ سولو نه هو. هتي پنهنجي دوست پراڻي ساٿي عظيم شاعر فراز جي وفات تي لکيل هن مضمون مونکي گھڻو ڪجهه ياد ڏياريو. خاص طرح سان ٿر ڏانهن لاپرواهيءَ جو ذڪر اسان جھڙن ماڻهن کي لوڏي وجھي ٿو جيئن ويا مور مري ۽ ٻين عمرڪوٽ جھڙن مضمونن جو ذڪر انهن جي مسئلن ڏانهن سرڪار کي ياد ڏيارڻ مير نادر علي پنهنجو فرض ادا ڪيو آهي.
مان خاص طرح سان هونئن به محترم ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي خاندان سان ذهني طرح ۽ دلئون ڳنڍيل آهيان تنهن ڪري هي ٻه اکر اميد ته ٻين ليکڪن کي آماده ڪندا ته هنن موضوعن کي وڌيڪ ۽ ورجائي لکن جيئن سنڌ جي سرڪار پنهنجي فرض کان ڪو شال آگاهه ٿئي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو يادگار ڪميٽي سنڌ جو هيءُ به ڪم جوڳو ڪم ڪيو آهي. جنهن کي جيترو به ساراهجي سو ٿورو آهي.