مُھاڳ
گوهر گُل ۽ خوشبو شعر!
گوهر گُل جو جنم ميهڙ ويجهو، هڪ ڳوٺ، اڃان به ايئن چوان ته، هڪ کيت ۾ ٿيو، جيئن کيتن ۾ گُلَ ٿيندا آهن، سرنهن جا پِيلا پِيلا، مَٽرن جا، بَرسِيم جا نِيلا نِيلا گُلَ!
گُلن جِي عُمر، مُندَ جو هڪ چُٽڪو ٿيندي آهي- ۽ هو پنهنجي مخصوص رنگن ۽ واسَن سان، اکين کي تراوت بخشيندا، ساهَن کي سُرهاڻيون ڏيندا، واءَ ۾ وکرِي ويندا آهن!
گوهر، سُهڻي چهري ۽ سُهڻي سَڀاءَ وارو سُلڇڻو سپوت هو. گُلن جي عُمر، ٿوري ته ٿيندي آهي ئي، پر هي ته، اهڙو گُل هو، جنهن کي ڄڻ ڪنهن، ٽاريءَ تان پٽي، گُلدانَ ۾ رکِي ڇڏيو هُجي، جنهن پنهنجِي مُندَ جو چُٽڪو به پُورو ڪونه ماڻيو! هن جي ننڊاکين اکين مان لڳندو هو، ته ڄڻ اهي ڪچڙِي ننڊ مان جاڳي پيون هِن، انهن خواب به اڃان پُورا ناهن ڏِٺا!
هن جي اکين جا اوجاڳا، عشق جا نه هئا، هي گُل، عشق جو نه، پاري جو ساڙيل هو- ارمان آ ته، هي پنهنجِي ٻيڙي ڪُنَ مان ڪڍي نه سگهيو، جو هن کي ڪو مانجِهي نه ملي سگهيو. هي پُورن کي پاڏي جِي پُٺيءَ لائي نه سگهيو- کيس، ڏُکَ کي پنهنجي مُنهن وٺِي وڃڻ نه گُهربو هو. ڏُکَ کي ايڏي ڍَرَ نه ڏيڻ کپندي هئي کيس. ڏُکَ کي هوا ملندي ته، اَنَ جي تُهن وانگر اُڏائي کڻي ويندو- پر اهو سمجهڻ کان اڳ ئي ماڻهو وهڪري ۾ وَهيو وڃي. ڪڏهن ڪڏهن ته سڀ ڪجهه سمجهڻ جي باوجود به ماڻهو لُڙهي ويندو آهي. ڇو ته ڳالهه وَسَ کان چڙِهي ويندي آهي.
پرين! جي پيار جا درياههَ ٿو کڻي پلِٽين،
جئين نه ڪانهنَ جِي تِيلي لُڙهي، لڙهي ٿو وڃان!
(استاد بخاري)
سُٺا ماڻهو, ڀلا ماڻهو، پنهنجي سُٺائي، پنهنجي وضعداريءَ جي ڪري مارَ کائي ويندا هِن. پَچِي، پَڄري ويندا هِن. ڪُڇندا ناهن- ڪاشَ اهڙي طبيعت جو ڪَنڌُ ڀڄي ها!
ڇا توسان پيار جو اظهار ڪريان!؟
بنا اظهار جي سمجهين نه ٿِي تون!؟
ڏسونه، هي ڪا ڳالهه آ!؟ اظهار نه ڪجي!؟ يا اڄ نه ڪجي!؟ اڄ نه ڪجي، ته پو ڪڏهن ڪجي!؟ رڳو پيار جي اظهار لاءِ به نيٺ ڪيترا جنم گُهرجن!؟
هن جا لکيل پنج سِٽا، نه ٿو لڳي ته ڪو گهڻو اڳي جا لکيل آهن. جن ۾ هن کوڙ سارين ڳالهين جو اظهار، بلڪل چِٽي ۽ اثرائتي انداز ۾ ڪيو آهي. ائين ناهي، ته هن ۾ چَوڻ جِي جُرات نه هئي. هي پنهنجي طبيعت ۾ مَست اَلست هو- آرٽسٽ ته، بنا چوڻ جي به چئِي ويندو آهي- شاعر کي ساڳي ڳالهه چوڻ جا کوڙ سارا طريقا آهن- اهائي ته کيس ڏات هوندِي آهي- ڇا هُو اها ڳالهه، نه چوندي به، چئي ناهي ويو؟
ڇا تو سان پيار جو اظهار ڪريان!؟
بنا اظهار جي سمجهين نه ٿي تون!؟
منهنجِي اکين کي ڇو پرکين نه ٿِي تون!؟
فقط تو لاءِ پيو سينگار ڪريان...!
هن جي پنج سِٽن جِي، ويجهڙائيءَ ۾ لکڻ جي ڳالهه، ان ڪري ٿو ڪريان، جو انهن کي ترتيب ڏيڻ وقت، هن جيڪو پهريون پنج سِٽو ڏنو آهي، اهو ڪنهن وصيت جو نمونو آهي- ۽ وصيت لکڻ جي ضرورت ڪهڙي ٽائيم تي پوندي آهي، اهو پڙهندڙ ضرور ڄاڻندا هوندا!
عزيزو! منهنجا چاڪَ چوليو متان!
ڏِنوَ ڪين ڀُلجِي ڪڏهن چاهتون!
ٻَچن جون اوهان کي هُجن پارتون!
وڃڻ بعد پو تن کي روليو متان!
عزيزو! منهنجا چاڪَ چوليو متان!
چوليو، چولڻ، سِرائڪي. مقصد چورڻ، ڇيڙڻ. ڇو ته سندن گهر ۾ سِرائڪي ڳالهائي ويندي آهي-
هُونءَ به هن جي شاعريءَ ۾، مونکي ته ڪا مامَ نظر ڪانه ٿِي اچِي. نه ڪِي ڳوڙهيون ڳالهيون هن، نه ئي ڪا مصنوعي ٺاهه ٺُوهه آهي. خوشي توڙي ڏُک هٿرادو ناهن. خيال جو اظهار، سادو، سهڻو، سِڌو ۽ وڻندڙ آهي، اهڙو جهڙو ڪڻڪ جو فصل هوندو آهي، سرنهن جو کيت هوندو آهي. ۽ انهن مان وَهندڙ موڪَ هوندي آهي. هن جون سِٽُون گهڻيون تڻيون اهڙيون آهن، جن ۾ وهڪرو آهي، جوت آهي، سُرت آهي. سُرت ڪهڙي ته!؟
ويو جو وقت گُذري، ڇڏ انهيءَ کي،
شروع نئِين پيار جي تحريڪ ڪرتون!
--
ادبِي داداگيرن، پنهنجا دنگَ ڪڍيا،
مَڃتا ڏيڻي آ، مخصوص اديبن کي!
دنگَ، مقصد سَنڌا، حدون، هتي ٽولا، گرُوپس. يعني مڃتا، جئه جئه انهن کي ڪبِي جيڪي انهن جي ٽولي جا هوندا!
ساوَن کيتن، جيئن سونهري ويس ڍڪيو،
هِيرَ هِنيي لئه، سُرها واسَ کڻي آئي!
ماضيءَ جو حُسناڪ تصور، تنهائي،
اوسيئڙي ۾ لُڇندي، دردُ رنگين چکيو!
ساوَن کيتن، جيئن سونهري ويس ڍڪيو!
گُل جو هي پنج سِٽو، هن جي طبيعت ۽ شوق جي غمازي ٿو ڪري- ۽ ٻن متضاد ريتن، رويّن کي نهايت سهڻي انداز ۾ بيان ڪرڻ جِي صلاحيت کي ظاهر ڪري ٿو- پهرين سِٽَ جو وَرجاءُ، هن جي طنز کي هاءِ لائيٽ ٿو ڪري- ايئن جيئن ڀُوري بُت تي نيريُون نسُون چِٽيون نظر اينديون آهن!
تون ڇا ڄاڻين، باکَ ڦُٽيءَ جي منظر کي!
تنهنجا نيڻ، اَسُر جي ويلي خواب ڏِسن!
ڪُوڪَ نه ڪي ڪويل جِي، تنهنجا ڪَن سُڻن،
تو نه ڏٺِي آ ماڪَ اَسُر جو آڳُرَ تي!
تون ڇا ڄاڻين، باکَ ڦُٽيءَ جي منظر کي!
ڪيئن نه هن ٽائيم، منظر، احساس، ۽ آواز جي مهل ۽ انهن ڏانهن رويّي کي چِٽيو آهي! ۽ پوءِ هُن کي هِن سندس ئي عمل ۽ رَويي سان ناڪ آئوٽ ڪري فطرت کان پري ڪري ڇڏيو آهي!
ايئن هن جا ڏيڍ سِٽا، بيت، گيت کوڙ سارَن موضوعن ۽ منظرن کي پنهنجن ٻانهُن ۾ ڀريو بِيٺا آهن- هر شعر جي ديوار تي، ڪا نه ڪا تصوير- لڳي پئي آهي، جيڪا ڪنهن نه ڪنهن احِساس، اَلميي يا ارمانَ ۽ معاشري جي مُنهن تي آيل ڪنهن داغ جي عَڪس کي اُڀاريو بيٺي آهي!
وَنواهَه ۾ آ ويٺي،
ساڀيا نه ٿيس سپنا، ڄڻ باهه ۾ آ ويٺي!
----
تون وڃين ٿو پيو، ڄامشوري پڙهڻ،
منهنجي دل ۾ سوين وِسوسا ٿا اُٿن!
گُم نه ٿِي ڪِٿ وڃين، سُهڻي شامُن ۾ تون،
نيڻ تو کي ڏسڻ لئه متان پو سِڪن!
اهي سِٽُون هن، پنهنجي پُٽَ سان مخاطب ٿِي لکيون آهن، جيڪو ناتجربيڪار آهي، نئون آهي- ان لاءِ هن جو اونو ۽ پيار، سِٽ سِٽ مان جهلڪِي رهيو آهي- ۽ هُو کيس جادُو نگر (ڄامشوري) جي جادُوئي اَثرن کان بچڻ لاءِ چِتائي به ٿو ته، (پيار ۾) کڄِي وڃڻ جي کُٽڪي جو به اظهار ڪري ٿو- ۽ ان کي اِنجُواءِ به ڪري ٿو.
ڪو ڪو شعر، شاعر کان، ڪنهن تي ايف. آءِ. آر وانگر ڪَٽجِي ويندو آهي-
نه آهي درد منهنجي جِي ڪا سرحد،
گُذاريو تو نه مون سان وقت پنهنجو!
اهڙو ئي نظم / سانيٽ آهي!
خوشين ۾، سڀني وٽ گهڻي ڀاڱي هڪجهڙائي هوندِي آهي، پر ڏکَ سڀني جا الڳ الڳ ۽ پنهنجا هوندا آهن، جن کي ماڻهو پنهنجي مُنهن پيو ڀوڳيندو آهي- گوهر به ان درد ۽ پِيڙا کي پُورو پُورو ڀوڳيو-
پَلِي جا بادشاهيءَ ۾ سدائين،
اکين، اُن جِي نه هئي غربت سُڃاتي!
اکين جون اِلتجائون، شالَ پرکين،
ڪٿي تو شوق جِي شدت سُڃاتي!
---
ڇا تون جِي سگهندين؟
خوشبُو کي گِرويِ رکِي!
چنبيليءَ وَلِ کي وڍي،
واسَ ونڊي سگهندين؟
خوشبُو کي گِروي رکي!
ڪلام پاڪ ۾ آهي ته، هر ماڻهو پنهنجي ڪم ۾ ڳهه رکيل آهي! جڏهن چنبيليءَ وَلِ کي وڍي ڦِٽو ڪبو، ته پو خوشبُو ڪٿان ايندي! هن جي هِڪ ٻِي وائي-
کِکيءَ کارِي، تماچيءَ کي ڏسي مُرڪِي!
پنهنجي ڪلاسِڪس جو تسلسل آهي!
هن مجموعي ۾ گوهر جا سَت غزل شامل آهن- خبر ناهي، ته هن ايترا ئي غزل لکيا آهن، يا صرف اهي ئي شامل ڪيا ويا آهن! هُونءَ به هن جو رُجحان نظم جي پاسي وڌيڪ ٿو نظر اچي، جن تي تصوف جو رنگ چڙهندو نظر اچي رهيو آهي.
گوهر، جيئن، پنهنجي طبيعت ۾ منفرد هو، تيئن هن شاعريءَ ۾ به پنهنجو پنڌ ۽ گس پئي جوڙيو- افسوس! هن ڏانهن ڪنهن جو پُورو توجهه نه ويو، ۽ هو بي حَسي ۽ رُکائِي جي وَرِ چڙهي ويو.
هن جي نظمن مان ڪجهه سِٽون باڪس ڪجن ٿيون، ان لاءِ ته ٿوري دير لاءِ رڳو ايترو سوچي سگهجي ته، اسان پنهنجو ڪهڙو، سٺو نوجوان شاعر وِڃايو آهي!
پنهنجِي صوفي نگاهن جي وطن ۾،
اَجهو ڏئِي، ڪر کڻي آباد مونکي!
----
سڄِي دنيا جِي خوشبُو هڪ طرف تي،
نه مٽُ تَنهن جو، اٿئي جيڪا چڳُن ۾!
----
پاڪ پَتن جا هي گُنبذ،
ڪوٽ مِٺڻ جا مُنارا،
بانگ سان گڏ بانسري جو،
هيءُ جو آواز آهي،
ڪو ته ان ۾ راز آهي!
هن جو نظم، “دوست آهيون، دوست ناهيون-” هڪ لاجواب نظم آهي- جنهن ۾ هن جِي فِڪري نظر ڪافي وسيع ٿي نظر اچي. ان نظم جي کڻت ئي، هڪ ڪاريگر شاعر جهڙي آهي. اُن جي اُڻت ڏاڍي سنجيدگيءَ سان ڪئي وئي آهي- جنهن ۾هُو دوست يا ڪنهن جي ڌُر هُئڻ واري ڳالهه کي هڪ پاسي رکي، اِنسان هجڻ واري ناتي، ماڻهپي واري ڳالهه کي بحث جو موضوع بنائي، ان ڳالهه تي ڳالهائڻ جِي دعوت ڏئي ٿو- ۽ ڪيترائي سوال اُٿاري ٿو ڇڏي، جيڪي ڪنهن هڪ ڌُرِ آڏو نه، پر پُوري اِنسان ذات آڏو رکيا ويا آهن- جن ۾ آرٽ، فنونِ لطيفيات کي نظر انداز ڪري، شاهه لطيف جي تنبُور ۽ فِڪر کي ڦِٽو ڪرڻ تي تنقيد ڪئي وئي آهي. ۽ اهو به ته، اسان مان هر هڪَ ان ڪم کي وساري ڇڏيو آهي. جنهن کي ياد ڏيارڻ جِي ڪوشش ڪئي وئي آهي- هُو بک کي قدرت طرفان نه، پر ان کي عالمي ۽ انسان دشمن طاقتن جو تحفو ٿو سمجهي، گڏيل بي حسي ٿو قرار ڏئي ۽ اهو احساس ٿو ڏياري ته، نيٺ به:
ڇو جِيون حيوان وانگي!؟
ڇا اسان اِنسان ناهيون!؟
ڇو اسان مظلوم جي ڪنهن-
درد جو درمان ناهيون!؟
آٿتن ۾،
محبتن ۾،
ڇو انهن سان گڏ نه آهيون!؟
ڇو انهن جو سَڏُ نه آهيون!؟
ويهه ڳالهايون انهيءَ تي!!
اچو ته، گوهر گل جي ڪتاب جِي دريءَ مان، سايُن ڪڻڪُن پِيلين سرنهُنِ ۽ نيري آسمان ڏانهن نهاريون ۽ چيٽ جي رُت جا سُرها واسَ وَٺون!!
علي دوست عاجز
12.02.2018