ڪتاب جو نالو: ريجهايو روح رابيلن
مصنف: خان محمد ”خاطي“ ڪيريو
ڇپائيندڙ: مرڪ پبليڪيشن شهدادڪوٽ
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2018
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 31 مارچ 2019 ع
پڙهيو ويو: 494 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 135 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
خاطي بنيادي طور رومانس جو شاعر آهي، اهو رومانس ٻنهي جهانن جي سردارﷺ جي ذات بابرڪات سان هجي، ڌرتي سان هجي توڙي محبوبه سان. ان هر جاءِ تي ان پيار کي اڇو اجرو رکيو آهي. هو احساسن جا عڪس ڀلي انداز ۾ چٽي ٿو، سندس عڪسي شاعريءَ ۾ داخلي توڙي خارجي احساسن جون تصويرون ڏاڍيون من موهيندڙ آهن. پيار پريت، قرب ۽ ڪهل، سڪ ۽ ڇڪ سان گڏ دک ۽ درد جي ڪهاڻي پڻ سندس شاعريءَ جا موضوع آهن..
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران :
  • گلابن جي سڳنڌ جهڙو شاعر
  • غزل

  • خار دل ۾ کُتا، ڳل لڳايو گلن،
  • سنگدل سان دل اڙي روئي ڏنم،
  • سمهين پئو سڀ اوهين تارا، منهنجو مقدر ڦٽل آهي،
  • اي چنڊ ڇا ڏسين ٿو؟ منهنجو نصيب ٿيو آ،
  • تنهنجو چهرو چنڊ جي چانڊاڻ ڄڻ،
  • پيارا هُئين پرائو، ڌاريو تون ٿي وئين،
  • سوچ ۾ آهيان هو جي اچي ويو، ان سان ملي ڪئن مان سگھندس،
  • سڄڻ تنهنجي جدائيءَ ۾ چريو شايد ته ٿي ويندس،
  • چنڊ وڃي چئو پيارل کي تون توکي ڪوئي پڪاري،
  • مونکي کلندي تو ڏٺو، پر ڪاش روئندي تون ڏسين،
  • سڄي رات ڇوليون! ڇلندي گذاريم،
  • جڳ ۾ جيڪر جيئڻو آ پيو،
  • منهنجي اڱڻ اچين جي محبوب مهربان،
  • تو سواءِ تڙپان لڇان ۽ گھاريان اهڙي طرح،
  • محب خوشيون مان ملهايان، جي اڱڻ منهنجي اچين،
  • مليو هي درد مونکي پو ٿيو سڀ ڪجھ ته ڄڻ حاصل،
  • زماني جي گردش ڪيو توکان دور آ،
  • تنهنجي در تي گدا بنجي، اَچي پهتس عنايت ڪر،
  • اِتي بيهه ڪجھ اک ملائي وٺان مان،
  • رخ تنهنجي مان ناز پرور رنگ نوان نروار ٿيا،
  • ڇو نه ٿورا مڃان، آئون ٿورائتو!
  • اڄ ملي محبن ڪيون ڪي، مُلَهه مهانگيون ڳالهيون،
  • مٺا محبوب ماڙ ڪيو، ڏسي مغموم اي جاني،
  • راهون مان روز تنهنجون روئي ڏسان ڏسان،
  • محبت ۾ هڪٻئي جا راڻا هجون ٻئي،
  • الهڙ جواني جڏهن اڪاري شباب ورتا گلاب چهرن،
  • ڪيڏو حسين انبر ڪيڏي حسين ڌرتي،
  • دل دل جي صدا هوندي!
  • عشق کي سونهون ڪري هلجي نه ڇو؟
  • دلدار نوازي جي ديدار جي شرفن سان،
  • ڪين سمجھو مان قلم مان مس ٺلهي ڳاڙيان پيو،
  • ڀلو ٿيوڙي ڀورل ڀلائي ڇڏيو ٿئي،
  • دلڙي ٿي مٺا چاهي شعرن ۾ لکان توکي،
  • گُهٽي ارمان پنهنجا سڀ اڪيلا بس جيون ٿا پيا،
  • جھڪيل مونڏي کنئي نازڪ، نظر آهستي آهستي،
  • آجيان ڪئي پيار سان هر گھٽي هر گس هئي،
  • ڪڏهن توکي قربت جو احساس ناهي،
  • محل ۽ ماڙيون سڀ زهر ٿيون لڳن،
  • منهنجي محبتن سندو پهريان شمار ڪر،
  • روئي روئي اکين مان آنسون کُٽي ويا،
  • سوين سڏ نڙيء ۾ ويا يار رڪجي،
  • پيار ۾ اي پرين تو آ پاڳل ڪيو،
  • هي پيار ڪيو مون سڪي هن پيار جي پارت ٿئي،
  • گذار خوشيون ڀلي ٻين سان غمن ۾ توسان شريڪ ٿيندس،
  • ريت ڪئي ختم پرين تو جڏهن حجاب جي،
  • ايڏا لسڙا آهن مٺي من جا ڳل،
  • رڳو پير ئي سونهن جو مثال اٿس،
  • منهنجي محبوب جي سامهون سڀئي سينگار گھٽ ڄاڻان،
  • محسوس ٿين جوڀن جا ميل کان جھلڪا،
  • زماني لڳايو نهارڻ تي ڪرفيو،
  • اي مٺل نينهن لڳل توسان اٿم،
  • تنهنجي حجابن ۾ آ ڪشش ديدار تنهنجي ۾ ڇا هوندو،
  • محبوبن جي مرڪن ۾ ڄڻ مهڪيا موتيا پئي،
  • تنهنجي حسن جون آهن هاڪون جتي ڪٿي،
  • دردن ڏکن جا دل ۾ آستانه بنجي ويا،
  • ساهه وارن ڪاڻ ٿي سرهاڻ آ،
  • دل ٿي گھري اڄ دلربا، پيارا پرين اچ پيار ڪيون،
  • محبوب ماڻا تون ڪري، مسڪين کي ڇو مارين ٿو،
  • منهنجي محبت نئين ناهي، اها ڏاڍي پراڻي آ،
  • مس مس آ مٺا تنهنجو ديدار نصيب ٿيو،
  • هي زخم ويندو ڇٽي ڳالهه نه وسري ويندي،
  • ڪيڏي سهڻي ڪامڻي آهين،
  • ايندو ساوڻ وري، ديس پوندو ٺري،
  • مونکان تون لڪائي منهن ڇو جاني سزا ڏين ٿو،
  • منهنجي محبوب جو مشڪڻ، رنگي ڄڻ روشني خوشبو،
  • اکيون جيئري موڙي ويٺين، تنهنجي خادم جو ڇا ٿيندو،
  • تون جڏهن اچين ٿو تنها لڳان، تون ناهين ته پوءِ رهاڻيون هتي،
  • منهن مونکان مٽي وئين ڇو ڀلا،
  • هر وقت هجين سامهون هيء منهنجي ته حسرت آ،
  • تڙپان جڏهن ڏسين تون ڏسجان بيهي تماشو،
  • محبوب مٺا اي سونهن ڀريا، اي باغِ حسن! ڪجهه ويجهو ٿي،
  • رنو آ گھڻو مون، اڃا ٿو رئاڙين،
  • هر ڪنهن جو هي ڪردار آ،
  • مون ڏي منهنجا مٺڙا، اچڻ تون ڇڏي ڏي،
  • تنهنجي قدمن ۾ سدا زندگي ڏني هئي مون،
  • هي خيال اچي جي الجهن ٿا،
  • جنهن ڏينهن ڪنان دلبر آ مون کان رسي ويو،
  • نفرت ٿِي پئِي ڄڻ ڏڊ آهي،
  • منهنجي دل آ پيارَ ونگي،
  • کڻي ڇونه ڪيڏو سڄڻ کي غرور آ،
  • پنهنجي عاشق جو پرين، اچ آخري ديدار ڪر،
  • ڪـافـيـون , وايــون / گـــيـــت / نـــظــــم / بـــيــــت / چــؤسـٽــا

  • اسان جو پيار اڻپورو،
  • محبوب مران ٿو مان،
  • واريءَ جو گھر ٺاهيو مون هو،
  • اها تنهنجي ئي دولت آ، جدائيءَ جو سبب سائين،
  • آسرا آسرا آسرا آسرا،
  • وري پيارا ڪيو پنهنجو، پنهنجي عاشق پراڻي کي،
  • منهنجي الائي ڇو ، ننڊ ڦٽي وئي،
  • هر ڪنهن کي آهي تنهنجي ديدار جي تمنّا،
  • اک توسان اڙڻ کانپوءِ، وري راز نئون ٿي پيو،
  • هي بهارون هي بهارون،
  • ٻه دليون ملن ٿيون دنيا ڇو سڙي ٿي،
  • مان نه هان مجبور تولئه عشق هِي مجبور آ،
  • ڏسي توڏي سهڻا ۽ مون ڏي ڏسان ٿو،
  • روز شب سڪ ۾ رهي، پاڪ محبت مون ڪئي،
  • تون سونهن آن سراپا، تون حسن جو خزانو،
  • زمانا! اسان کي ملڻ کان ٿو روڪين!؟
  • جڏهن هن چيو اچ هاڻِي موڪلايون،
  • چنڊ هيٺ لهي نه سگهيو،
  • روئي راهون تنهنجون نِهارين ٿيون اکيون،
  • آڙاهه عشق جي جِي اڌمن ڀري ڪهاڻي،
  • توسان منهنجو پيار ــــ او پيارا،
  • ٿِئين تشريف فرما تون، توتان قربان ڇا ڪريان،
  • هي غم الم ۽ زخم هي گهرا، سدائين قائم رهي نه سگهندا.
  • اڃا سور ساڳيا، ٿڌا ساهه آهون،
  • پاڻ سينگاري اچي، پو وڌو تو گهور ڇو،
  • ڏٺم چنڊ توکي به اڀرندي ۽ لهندي،
  • هت غمن ۾ ٿي گذاريم، تون هُئين پيارا ڪٿي،
  • صورت صفا وئي گهنج ٿي،
  • نه ڇرڪين ها نه ڇڙٻين ها،
  • دکن دردن ڀريون ڳالهيون،
  • قرب توسان جو ڪيم، حال منهنجو هي ٿيم،
  • ڀري پير مون وٽ منهنجو محب آيو،
  • هيڪل ۽ وياڪل مان،
  • دل يار ڏني مونکي،
  • پيارو ماڻهو ڏسندو آهيان،
  • تنهنجو سهڻا سينگار وڻي ٿو،
  • پيار کپي بس پيار کپي بس،
  • ڪنهن سان نه مان ڪڇان ٿو ، تو يار جي ڪري،
  • ڪنهن جي نظر لڳي وئي هڪٻئي کان وياسين وسري،
  • بس ڪر اي دل نه روء تون دلدار آهي اچڻو،
  • دل جي باغ ۾ گل ٽڙن ٿا،
  • آڪاش آ اونداهو،
  • سدا سڪ اوهان جي رئاري ٿي مونکي،
  • مونسان نه کلي ملجان،
  • ڏسي ڏوهه منهنجا ڪرين ڌار متان،
  • آهين منهنجي من ۾ تون هين تون توهين تون،
  • سکي زندگيءَ جو هو سپنو ڏٺو مون،
  • مذاق ڄاڻي کلي ڏنو تو،
  • جي پيار پنهنجي تي پهرا لڳا، مون ڏاڍو رنو ۽ ڏاڍو لڇيو،
  • ايڏو نه تون خفا ٿي، جلوي نما مٺا ٿي،
  • جهڙي مٺڙي ماکي آ،
  • دل به توکي ڏنم، جان توکي ڏنم،
  • اکين آب آڻي ڪيان التجا ٿو،
  • گلائون ۽ شڪوه ڀلائي چئي ڏي،
  • جڏهن توکي سنسار سارو ڇڏيندو،
  • سَتَني سرن جو ٿيو پڙلاءُ،
  • ڪيڏي او ڪيڏي!
  • رهي يارَ دل ۾ نه ٿا هاڻ نڪرن،
  • توکان سواءِ اي سهڻا گهاري نه ٿو سگهان مان،
  • دکي آ دلڙي ڪري ٿي دانهون، اچي جو دردن وڪوڙيو،
  • دلبر رهين ٿو مونکان ڇو ڌار تون ٻڌائج،
  • آسون جي دل ۾ آهن مالڪ سي شل پڄائي،
  • هئي آس دل ۾ سا پوري ڪيون ها،
  • گهورَ ۽ گھنڊ وجهو اي دلبر، دورُ پيو گهارين تون،
  • اول مونکي محبوب پنهنجو ڏيکار،
  • تنهنجي قدمن ۾ خوشيون، هي پاڻ هلي آيون،
  • اڄ رات سڄي مون ڏٺا،
  • پنهنجو پرين تون سڏجان سڏجان،
  • ننڍي لاڪون لڳم نينهن،
  • سونهن ڀريا سردار الا.... منهنجا جاني،
  • مان سوال بنجي تنهنجي ئي سامهون اچان ٿو،
  • لڙڪ ۽ آهون اثر نٿيون ڪن توتي ڪهڙو اسرار آهي،
  • هي چنڊ چانڊوڪيون، راتيون چوڏهيون،
  • راهون ڏسندي آ، ۽ روئندي آ،
  • اٿئي ياد سڄڻ پهريون ڀيرو ملڻ،
  • توکي وساري ڇڏيم، تنهنجي خوشيءَ خاطر،
  • ڪنهن سان قرب ڪرڻ، ڪنهن سان مرڪي ملڻ،
  • مان تولئه رُئان، تون مون تان کلين،
  • واٽ ويندي درشن ٿي ويو،
  • منهنجا نيڻ اڃا نهارين چارا،
  • تون حَسِينُ بي حساب، تنهنجو منهن محبوبي،
  • منهنجون هي مجبوريون، منهنجون هي مجبوريون،
  • ماڻهو پٿر جا، ماڻهو پٿر جا!
  • نالائق نوازي، تو وڏو ڪيو ڪم،
  • ڏئي دل ويٺس هڪ اڌ پل ۾،
  • خوبصورت جواني لاپرواهه وهي،

  • ارپنا

    ارپنا




    شاهپور چاڪر جي سونهن
    شاهپورچاڪر جي ساڃاهه
    شاهپور چاڪر جي سڃاڻپ
    ۽ شاهپور چاڪر جي شاعرن ۽ صحافين

    سائين الياس انجم
    ۽ ان جي ڀاءُ محترم محمد عباس صاحب،
    چاچا غلام حيدر ڌامراهه
    سائين علي مراد ڏاهري
    ادا رسول بخش رضا ڏاهري
    ۽ عبدالغفور رخشاڻي
    جن جي نانءٌ

    جيڪي ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان هميشه مونتي مهربان رهيا آهن.سندن مهربانين جي مڃتا ان کان مٿي جي ڏئي سگھان ٿو ته اها صرف دعائن جي صورت ۾...!

    خاطي ڪيريو


    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ريجهايو روح رابيلن“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. ھي ڪتاب محترم خان محمد ”خاطي“ ڪيريو جي شاعريءَ جو مجموعو آھي.
    خاطي بنيادي طور رومانس جو شاعر آهي، اهو رومانس ٻنهي جهانن جي سردارﷺ جي ذات بابرڪات سان هجي، ڌرتي سان هجي توڙي محبوبه سان. ان هر جاءِ تي ان پيار کي اڇو اجرو رکيو آهي. هو احساسن جا عڪس ڀلي انداز ۾ چٽي ٿو، سندس عڪسي شاعريءَ ۾ داخلي توڙي خارجي احساسن جون تصويرون ڏاڍيون من موهيندڙ آهن. پيار پريت، قرب ۽ ڪهل، سڪ ۽ ڇڪ سان گڏ دک ۽ درد جي ڪهاڻي پڻ سندس شاعريءَ جا موضوع آهن.
    ھي ڪتاب خورشيد خضر علمي ادبي ۽ اشاعتي ادارو نوابشاه پاران مرڪ پبليڪيشن وٽان 2018ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون خان محمد ڪيريوصاحب جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گھر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    گلابن جي سڳنڌ جهڙو شاعر

    گلابن جي سڳنڌ جهڙو شاعر



    سپنو سپنو هوندو آهي، سپنو ساڀيان ٿيندو ناهي
    هي سٽون شاعري جي شروعاتي دؤر ۾ سرجيون هيم! اڄ احساس ٿئي ٿو ته، سوچون، حالات، خيال هڪ جھڙا نٿا رهن، اهي وقت به وقت بدلبا رهبا آهن. چوڻ جو مقصد اهو ته انسان جا سپنا ساڀيان ماڻين ٿا! جيڪر همت ۽ حوصلي سان ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جو جذبو جوان هجي ۽ اڳتي وڌڻ لاءِ احساس جاويدان هجي! سو غزل جي انهن ٻن سٽن جي نفي ٿئي ٿي. سال 2017ع ۾ اسان جي اداري احساس جي بنياد تي عمل پيرا ٿي اوکن پيچرن تي وکون رکندي سينئر مزاحمتي شاعر سائين عبدالحڪيم “ارشد” جو سنڌي اردو غزلن جو ڪتاب “آواز اندر جو” پبلش ڪيو ان ڪتاب کي وڏي پذيرائي ملي، پڙهندڙن جي دلين ۾ جايون مليون ۽ اسان کي وري ڪم ڪرڻ جو اتساهه مليو. خان محمد “خاطي” شاعريءَ جي ميدان ۾ ڪو نئون نالو ناهي. سندس اڳ ۾ شاعريءَ جا ٽي ڪتاب “سهڻا گل ٽڙيا” “گلابن جي غلاميءَ ۾” “سرهاڻ مديني” پبلش ٿي چڪا آهن. ان سان گڏ سندس ذاتي اداري “چنڊ پبليڪيشن چودڳي” پاران سلسليوار رسالي“چنڊ” جا ست شمارا به ڇپيا آهن. سندس ڪتابن پڙهندڙن جي ذهن تي مثبت اثر ڇڏيو آهي. خاطي بنيادي طور رومانس جو شاعر آهي، اهو رومانس ٻنهي جهانن جي سردارﷺ جي ذات بابرڪات سان هجي، ڌرتي سان هجي توڙي محبوبه سان. ان هر جاءِ تي ان پيار کي اڇو اجرو رکيو آهي. هو احساسن جا عڪس ڀلي انداز ۾ چٽي ٿو، سندس عڪسي شاعريءَ ۾ داخلي توڙي خارجي احساسن جون تصويرون ڏاڍيون من موهيندڙ آهن. پيار پريت، قرب ۽ ڪهل، سڪ ۽ ڇڪ سان گڏ دک ۽ درد جي ڪهاڻي پڻ سندس شاعريءَ جا موضوع آهن. نفرت، ڌڪار، ڪروڌ ۽ ڪاوڙ، پٽ ۽ پاراتا ان جي احساسن کان ڪوهين ڏور آهن. اسين سندس شاعريءَ جو چوٿون مجموعو “ريجهايو روح رابيلن” کڻي حاضر ٿيا آهيون انهيءَ اميد سان ته سٺو ادب پڙهندڙن کي اسان جي هيءَ ڪاوش ضرور پسند ايندي. “خورشيد خضر علمي ادبي ۽ اشاعتي ادارو” خان محمد خاطي جي نج ۽ خوبصورت احساسن کي پبلش ڪري انتهائي خوشي محسوس ڪري ڪري رهيا آهيون.


    غزل

    خار دل ۾ کُتا، ڳل لڳايو گلن،

    خار دل ۾ کُتا، ڳل لڳايو گلن،
    زندگيءَ ڏي وري آ ورايو گلن.

    مرڪي مهڪي به ٿو گھاري سگھجي هِتي،
    گپَ گرڻِ ۾ ٽڙي گس ٻڌايو گلن.

    سونهن جي سوچ آئي ته رڪجي ويس،
    خودڪشي ٿي ڪيم پر بچايو گلن.

    مان ته ڀٽڪيس پئي نفرتن_جھنگ ۾،
    چاهتن جي چمن ڏي گھرايو گلن.

    هوءَ خوشبو سنگھڻ سان نه “خاطي” کُٽي،
    پوپٽن کان نڪي منهن لڪايو گلن.

    


    سنگدل سان دل اڙي روئي ڏنم،

    سنگدل سان دل اڙي روئي ڏنم،
    ميخ جيءَ ۾ وئي جڙي روئي ڏنم.

    ويلَ جنهن مونکان اٿي ويندو رهيو،
    ٿي چيم ترسو گھڙي روئي ڏنم.

    مون چيو ايندو وري مونڏي سڄڻ،
    پر نه آيو هو لڙي روئي ڏنم.

    غير سان هن کي ڏٺو مون همسفر،
    سور ان ۾ ويس سڙي روئي ڏنم.

    هٿ ٻڌي “خاطي” گھڻيون آزيون ڪيم،
    لڙڪ ڳڙ ڳڙ پيا ڳڙي روئي ڏنم.

    


    سمهين پئو سڀ اوهين تارا، منهنجو مقدر ڦٽل آهي،

    سمهين پئو سڀ اوهين تارا، منهنجو مقدر ڦٽل آهي،
    ڦِٽي وئي ننڊ آ منهنجي، سمورو جڳ ستل آهي.

    اٿَوَ نظرون رڳو مونڏي، ڏٺو ڇا آ اوهان مون ۾،
    منهنجو سينو سڄو چيري، ڏسو دلڙي ٽٽل آهي.

    لڙي اڌ رات آ ويئي، لهي چنڊ آ ويو ليڪن،
    پيو ڦٿڪان لڇان تڙپان، اڃا اک پڻ کليل آهي.

    پيا گڏ لڙڪ هاريو ڇو؟ اوهان جو ڏوهه ڪونهي ڪو،
    ٻڌايان ڇا ظلم مونسان، دنيا وارن جو ٿيل آهي.

    ڇڏي ڏيو خان محمد کي پنهنجي هن حال تي هاڻي،
    پڇو ٿا حال هي ڪهڙو، رٺل مونکان مٺل آهي.

    


    اي چنڊ ڇا ڏسين ٿو؟ منهنجو نصيب ٿيو آ،

    اي چنڊ ڇا ڏسين ٿو؟ منهنجو نصيب ٿيو آ،
    ڏس ڏس نهار! مونکي هي ڪير قريب ٿيو آ.

    وڌ چاندنيءَ چنچل، ڪومل پُسيءَ گُلَ کان،
    پٽ کان نرم ۽ ڪنئورو مهمان مجيب ٿيو آ.

    ڇا ڪو صبح مڃيندو؟ پر تون ته روبرو هين،
    شاهد ٿجان هي هيڏو ويجهو حبيب ٿيو آ.

    ڏس! هي ڪلهن ۾ ٻانهون مرڪي تڪڻ اکين ۾،
    اڳ ۾ ڏٺئي ائين ڪو اڄ جيئن عجيب ٿيو آ.

    چاهت، بهار، جوڀن، چانڊوڪي رات رم جهم،
    خلوت صنم ۽ “خاطي”، موقعو عجيب ٿيو آ.

    


    تنهنجو چهرو چنڊ جي چانڊاڻ ڄڻ،

    تنهنجو چهرو چنڊ جي چانڊاڻ ڄڻ،
    مست ڇوليون حسن جون مهراڻ ڄڻ.

    هُو شفق ۾ سج لهڻ جو روپ ڏس،
    تنهنجي رخسارن جي آ لالاڻ ڄڻ.

    ذلف جُھڙُ، انگور لَبَ، اکيون ڪنول،
    ۽ پسينو موتئي، سرهاڻ ڄڻ.

    تون جتان گذرين لکين لوڙهيو وڃين،
    هر قدم قيامت سندو اهڃاڻ ڄڻ.

    سونهن تنهنجي جو آهي دامن وسيع،
    حسن تنهنجو خان محمد کاڻ ڄڻ.

    


    پيارا هُئين پرائو، ڌاريو تون ٿي وئين،

    پيارا هُئين پرائو، ڌاريو تون ٿي وئين،
    مون ڀانيو منهنجو آهين، منهنجو نه ٿي سگهئين۔

    پنهنجي اصل ڏي واپس هر چيز ٿي وري،
    جنهن جو هُئين تون جاني تنهن جو وڃي ٿِئين.

    پنهنجو بنائي پهرين هاڻي ڇني ڇڏيئي،
    ڇو پيار تو ڏنو جي اهڙو اصل هُئين.

    پل کن وندر جي خاطر مونکي ڪتب ڪيئي،
    شايد هُيس رانديڪو کيڏي ٿڪي پئين.

    ڄڻ “خاطي” خان محمد جيئري مري ويو،
    پر دل جي اي محبت! ڇو ٿي اڃا جِئين.

    


    سوچ ۾ آهيان هو جي اچي ويو، ان سان ملي ڪئن مان سگھندس،

    سوچ ۾ آهيان هو جي اچي ويو، ان سان ملي ڪئن مان سگھندس،
    هن جا پٽائين ڪنئورا هٿڙا، تن کي ڇهي ڪئن مان سگھندس.

    هن جي اچڻ سان لڙڪ ڏکن جا ويندا سڪي پر پوءِ وري،
    لڙڪ خوشيءَ جا آيا اکين ۾، لڙڪ اگھي ڪئن مان سگھندس.

    هڪ به گھڙي دل تان نه لهين ٿو، سچ سچ مونکي اڄ تون ڏس،
    توبه ڪڏهن تئن ياد ڪيو آ، سوبه پڇي ڪئن مان سگھندس.

    پيار پنهل سان جيڏو سسئي جو، پيار منهنجو تيڏو توسان،
    دل ته چوي ٿي محب کي چوندس، سوبه چئي ڪيئن مان سگهندس.

    حال اندر جو ڪوبه منهان منهن هن کي چئي سگهيس نه ڪڏهن،
    دل کي جهلي اڄ پيار پرين کان هاڻ گھري ڪئن مان سگھندس.

    موڪلائڻ جي مهل به ايندي، نارَ شروع نيڻن ٿيندا،
    وقت وڇوڙي روئي پوندس، ماٺ رهي ڪئن مان سگھندس.

    جيءَ جيارو ڌار جي ٿيندو هاءِ الا پوءِ ڪيئنءَ ڪبو؟
    هيڏو جبل جيڏو سو وڇوڙو هاءِ سهي ڪئن مان سگھندس.

    سوچن ۾ سرهاڻ رچيل آ قرب واري جي ڪيريو چئي،
    سوچ آ تن سپنن جي به ساڀيا “خاطي” ڏسي ڪئن مان سگھندس.

    


    سڄڻ تنهنجي جدائيءَ ۾ چريو شايد ته ٿي ويندس،

    سڄڻ تنهنجي جدائيءَ ۾ چريو شايد ته ٿي ويندس،
    پيو روئندس عمر ساري مٺا شايد مري ويندس.

    پڙهندو هوس محبت جا اڳي ناول ۽ افسانا،
    لڳي ٿو پنهنجي محبت جا قصا شايد لکي ويندس.

    سچو آ قول ڏاهن جو ته ٿيندو عشق باهه آهي،
    مٺا ان باهه ۾ مان پڻ صفا شايد جلي ويندس.

    رُسي مونکان رسڻ واري تو کولي راهه آ هاڻي،
    لڳي ٿو مان به جيون کان الا شايد رسي ويندس.

    مٺا توسان ملڻ واري حياتيء ۾ جا حسرت آ،
    چئي ڪيريو قبر ۾ مان اها شايد کڻي ويندس.

    


    چنڊ وڃي چئو پيارل کي تون توکي ڪوئي پڪاري،

    چنڊ وڃي چئو پيارل کي تون توکي ڪوئي پڪاري،
    آس ڀَرينِ نيڻن مان پيو هو اڻ کٽ آنسون هاري.

    آشائن جي ڪشتيءَ کي آ طوفانِ غَمَ گھيريو،
    مايوسيءَ جي اٿاهه ڪُنن مان، اچي ڪريوس ڪناري.

    زخمي هرڻ جئن تڙپي تڙپي، اڌ مئو ٿي پيو آهي.
    تشنه لبن کي جامِ شيرين پيارا وڃوس پياري.

    جيون _ رڻ ۾ رات پئي ٿس آهي مسافر ماندو،
    تنهن سفر ۾ سونهان ٿي ڪا راهه هلوس ڏيکاري.

    مريضِ محبت “خاطي” ڪيرئي، جو احوال سُڻي هي،
    بستري بيماريءَ واري تان يار اچوس اٿاري.

    


    مونکي کلندي تو ڏٺو، پر ڪاش روئندي تون ڏسين،

    مونکي کلندي تو ڏٺو، پر ڪاش روئندي تون ڏسين،
    منهن تان لارون لڙڪن سنديون، اي ڪاش وهندي تون ڏسين.

    وسري ويون سڀ کل خوشيون، ٿي رات سڏڪن سان کٽي،
    هِي بسترو ڪوسن ڳوڙهن سان ڪاش پُسندي تون ڏسين.

    اوهيرا اوهيرا ڪري، جئن مينهن ساوڻ جو وسي،
    منهنجي اکين مان آب تئن، ئي ڪاش وسندي تون ڏسين.

    مرڪون چپن تي ٿو ڏسين، سمجھو ٿئي ڪو ڏک نه ٿم،
    لوڪان لڪي جي لڙڪ لاڙيان، ڪاش اگھندي تون ڏسين.

    سڏڪن اڇنگارن سندا، نغمه ڦٽن جي دل منجھان،
    “خاطي” ڪڏهن محفل اندر، سي ڪاش چوندي تون ڏسين.

    


    سڄي رات ڇوليون! ڇلندي گذاريم،

    سڄي رات ڇوليون! ڇلندي گذاريم،
    هو مانڌاڻ من ۾، لڇندي گذاريم.

    لڳو تيز طوفان دل جي دنيا ۾،
    وسي گڏ وِڄن سان گڙندي گذاريم.

    ٻڌو هوم ٻيڻا ٿين ٿا ٻڏيء جا،
    ملي شال ميهر ٻڏندي گذاريم.

    نه سک سان سمهڻ ٿي ڏنو يادگيرين،
    اميدن ۾ ٻرندي، اجھندي گذاريم.

    بٺي ڀاڻَ جي کي، لڳي باهه جئن ٿي،
    اندر ئي اندر تئن، دکندي گذاريم.

    پريشانِيُنِ سان پيو پاند پُختو،
    رڳو راحتن سان رسندي گذاريم.

    رُئڻ ٿي گھريم پر نه روئي سگھيس ڇو؟
    لڳو پو به ليڪن، روئندي گذاريم.

    اڳي پوبه لنگھڻو، هيو لڪ ڏکئي مان،
    سٺو پاڻ ان مان، سجھندي گذاريم.

    سدا سمجهيم ٿي، وڌندو رهان ٿو،
    نهاريم جو پويان، کٽندي گذاريم.

    ڏکن ڏاڍا “خاطي” ڏئي ٽانڊا ڇڏيا،
    حياتي ڦلن جئن، ڀُڄندي گذاريم.

    


    جڳ ۾ جيڪر جيئڻو آ پيو،

    جڳ ۾ جيڪر جيئڻو آ پيو،
    خوش هر حال ۾ رهڻو آ پيو.

    هِي سورَ ڏنا جن جن ساٿين،
    مرڪي تن سان ملڻو آ پيو.

    جامِ شيرين جن ٿي پياريا،
    زهر به تن جو پيئڻو آ پيو.

    ديدار ڀلو سينگار کان آ،
    هر هر هن ڏي ڏسڻو آ پيو.

    قرب جي مليو ڪيرئي کي پوءِ،
    خوش ٿي “خاطي” کلڻو آ پيو.

    


    منهنجي اڱڻ اچين جي محبوب مهربان،

    منهنجي اڱڻ اچين جي محبوب مهربان،
    تنهنجي ڪريان سڄڻ مان مرڪن سان آجيان.

    دل ۾ ٽڙي پوندا پو پيار جا ڪنول،
    توکي ڏسي سجائبو اکين جو آشيان.

    جذبا جيڪي اندر مان، آهن ڦٽي اُٿيا،
    سي گيت بيت پيارا توکي ئي ارپيان.

    ڇا ڇا نه رنگ ٿيندا جنهن شب هتي ايندين،
    هِي رقص ڪندا ڪوڪب ۽ قمر ڪهڪشان.

    هٿڙا چمي چپن سان توسان گلي ملان،
    تنهنجن دراز “خاطي” ذلفن سان کيڏيان.

    


    تو سواءِ تڙپان لڇان ۽ گھاريان اهڙي طرح،

    تو سواءِ تڙپان لڇان ۽ گھاريان اهڙي طرح،
    جئن اڪيلي ڪونج ڪرڪي آهيان اهڙي طرح.

    ڏئي سلامي نگاهه جي ۽ مرڪ جا موتيا ڇٽيان،
    جي اچين محبوب ڪريان آجيان اهڙي طرح.

    گل ڇٽي هر گام تي ۽ گلم غاليچا پلنگ،
    روشنيون خوشبو سجايان آشيان اهڙي طرح.

    ويس وهنجي سهنجي پائي تيل ۽ سرما ڪري،
    پاڻ کي مان تنهنجي خاطر ٺاهيان اهڙي طرح.

    چاههُ دل وارن جو ڌرتي ديس سان جھڙي طرح،
    توکي “خاطي” خان محمد چاهيان اهڙي طرح.

    


    محب خوشيون مان ملهايان، جي اڱڻ منهنجي اچين،

    محب خوشيون مان ملهايان، جي اڱڻ منهنجي اچين،
    سيج گلڙن جي وڇايان، جي اڱڻ منهنجي اچين.

    سا گهڙي ڀانئيان سڀاڳي پير پائين جنهن گھڙي،
    عمر ڀر ٿورو نه لاهيان، جي اڱڻ منهنجي اچين.

    هڪ دفعو هي حال دل جا، دل گھريا توکي سڀئي،
    روبرو ويهي ٻڌايان، جي اڱن منهنجي اچين.

    تنهنجي آمد جو ٻڌي مان لک تياريون هت ڪيان،
    مشق عنمبر مان ڇٽايان، جي اڱن منهنجي اچين.

    ان خوشيءَ ۾ خان محمد سور سڀ ڀلجي وڃان،
    توکي سيني سان لڳايان، جي اڱڻ منهنجي اچين.

    


    مليو هي درد مونکي پو ٿيو سڀ ڪجھ ته ڄڻ حاصل،

    مليو هي درد مونکي پو ٿيو سڀ ڪجھ ته ڄڻ حاصل،
    اها دل ڪين دل چئبي ڏکن کان خالي آ جا دل.

    ڏنو مونکي مٺل منهنجي آهي هِي درد تحفي ۾،
    ڪئي جا مهر محبوبن نه آهيان مان انهي قابل.

    مزو منهنجي ئي مارڻ ۾ مليو هن کي جِي بسـم الله،
    دعائون دل ته ڏيندي آ، هجي خوش شال هو قاتل.

    ڀري جي سرڪ سورن جي، مون وانگي جي ڏسو هيڪر،
    رهو پوءِ ڪين ڪي ڪڏهين گھڙي هڪڙي به ٿي غافل.

    هنن سورن جي صدقي ۾ ملي منزل آ “خاطي” کي،
    نه ڪا پرواهه ان جي آ سڏيو مونکي کڻي پاڳل.

    

    مون ڏي تون ڊُڪي آئين ان مهل وڻئين ڏاڍو،
    کلي نيڻ کڻي آئين، ان مهل وڻئين ڏاڍو.

    هڪ ڦول اڳي چهرو، ذلفن جو مٿان ان جي،
    گل ٻيو به ڪڍي آئين، ان مهل وڻئين ڏاڍو.

    ڪڻيون پي ٽميون ڪي ۽ وارن ۾ ڪي اٽڪيل،
    مينهن ۾ پسي آئين، ان مهل وڻئين ڏاڍو.

    پهراڻ اڇو پائي، ڪارائيءَ ۾ ڪارو،
    سڳڙو تون ٻڌي آئين، ان مهل وڻئين ڏاڍو.

    ڪچڙيءَ منجھند جو ڪلهه نلڪي تي منهن ڌوئڻ،
    ننڊ مان تون اٿي آئين، ان مهل وڻئين ڏاڍو.

    چانڊوڪيءَ ۾ سهڻا چوڏهينءَ جي چنڊ هيٺان،
    سنبري ۽ ٺهي آئين، ان مهل وڻئين ڏاڍو.

    ڦاٽلڙا لٽا ٿورا ۽ وار ٽڙيل اڻڀا،
    سرمو نه وجھي آئين، ان مهل وڻئين ڏاڍو.

    رومال هيئي هٿ ۾ چشمو به لڳل “خاطي”،
    جهلي ڪار لهي آئين، ان مهل وڻئين ڏاڍو.

    


    زماني جي گردش ڪيو توکان دور آ،

    زماني جي گردش ڪيو توکان دور آ،
    رقيبن ڦٽايو نه ڪنهن جو قصور آ.

    ڀلي ڪر عنايت تون پنهنجن تي پلپل،
    پراون سان پاٻوهه ڪهڙو ضرور آ.

    سچن عاشقن لئه جنم قيد _ سولي،
    حسن جي حڪومت کي ڪيڏو غرور آ!

    ڪڏهوڪا اسين يار وسري وياسين،
    مگر هت ته هر دم اوهان جو ئي پور آ.

    لوڙهي وقتَ واري تکي تيز ڌارا،
    اتي “خاطي” آندو جتي سرجيو سور آ.

    


    تنهنجي در تي گدا بنجي، اَچي پهتس عنايت ڪر،

    تنهنجي در تي گدا بنجي، اَچي پهتس عنايت ڪر،
    سراپا خود صدا بنجي، اچي پهتس عنايت ڪر.

    ويو اجڙي چمن دل جو سمورو پيار لٽجي ويو،
    هٿين خالي صفا بنجي اچي پهتس عنايت ڪر.

    سهڻن کان وڌ ستم مونتي ڪيو ظالم سماج آهي،
    زماني کان خفا بنجي اچي پهتس عنايت ڪر.

    خدارا ترس کائي تون نگاههِ ڪرم ڪر مونتي،
    سوالي اڄ مٺا بنجي اچي پهتس عنايت ڪر.

    ڪندو هي زندگي ڪيريو وقف تنهنجي ئي قدمن ۾،
    سڄو “خاطي” خطا بنجي اچي پهتس عنايت ڪر.

    


    اِتي بيهه ڪجھ اک ملائي وٺان مان،

    اِتي بيهه ڪجھ اک ملائي وٺان مان،
    هي جلوا اکين ۾ سمائي وٺان مان.

    اکين منجهه صورت ڦرڻ جو فسانو،
    حقيقت انهي کي بنائي وٺان مان.

    سهڻي تنهنجي صورت اکين ۾ اتاري،
    سدائين لئه سهڻا لڪائي وٺان مان.

    پنهنجي منهن توسان پوءِ ڳالهيون ڪندس پيو،
    سڄڻ روبرو ڪجھ ٻڌائي وٺان مان.

    عمر کان رني دل نماڻي آ “خاطي”،
    گھڙي کن انهي کي کلائي وٺان مان.

    


    رخ تنهنجي مان ناز پرور رنگ نوان نروار ٿيا،

    رخ تنهنجي مان ناز پرور رنگ نوان نروار ٿيا،
    تو ڪئي جلوي نمائي، سڀ جھڪا سينگار ٿيا.

    ذلف کولي تون جڏهن محفل اندر داخل ٿئين،
    سونهن تو واري ڏسي، سهڻا لڄي لاچار ٿيا.

    ذلف جھٽڪي سان هٽائي منهن جڏهن ظاهر ڪيئي،
    ان ادا تي ڪيئي عاشق مون ڏٺو ٻلهار ٿيا.

    عمر ساري جي سڪيا ها تنهنجي درشن واسطي،
    دل جليا في الحال سرها اوچتو سرشار ٿيا.

    تيز تجليون تنهنجي نيڻن مان ٿي نڪتيون نور جون،
    تون جڏهن مرڪئين مٺا ٿي چؤطرف چمڪار ٿيا.

    سونهن ۽ سرهاڻ سان محفل سڄي وئي واسجي،
    گل پکيڙيئي گفتگو جا هر طرف هٻڪار ٿيا.

    وقت کان عاشق گھڻا حيران هڪڙي جهلڪ لئه،
    ڀاڳ “خاطي” ٿيا ڀلا جو دوبدو ديدار ٿيا.

    


    ڇو نه ٿورا مڃان، آئون ٿورائتو!

    ڇو نه ٿورا مڃان، آئون ٿورائتو!
    قرب ڪيڏو ڏنئي تون ته قربائِتو!

    مونسان چاهت ڪري ڪيڏا صدما سٺئي،
    ڪم هِي ڪيڏو نه هو جيءَ جوکائِتو.

    قابل رشڪ آ تنهنجي ننڍڙي وهي،
    هر ادا ناز انداز شانائِتو.

    تنهنجي تبسم مٿان پيارُ مونکي اچي،
    تنهنجو مرڪڻ مٺا خوب ملهائِتو.

    شل خدا دشمنن کان بچائي رکئي،
    شل ٽڙين گل ٽڙي جيئن ڪو مندائتو.

    منهنجي ڪارڻ پرين تنهنجي چاهت ڏسي،
    روز “خاطي” جو روح آسائِتو.

    


    اڄ ملي محبن ڪيون ڪي، مُلَهه مهانگيون ڳالهيون،

    اڄ ملي محبن ڪيون ڪي، مُلَهه مهانگيون ڳالهيون،
    نينهن جون نازڪ نيون ڪي، ملهه مهانگيون ڳالهيون.

    چاهه مان چپڙا جي چوري، گلبدن گفتار ڪئي،
    واهه جو مونکي وڻيون ڪي، ملهه مهانگيون ڳالهيون.

    لفظَ لالڻ جا مٺا سڀ، نقش دلڙيءَ تي ڪيم،
    ٿي ٻڌم، ڳڻتيون ويون ڪي، ملهه مهانگيون ڳالهيون.

    آ مٺو محبوب منهنجو، تيئن مٺي ٻولي اٿس،
    ٿو ڪري اهڙيون مٺيون ڪي، ملهه مهانگيون ڳالهيون.

    خان محمد ڪيرئي سان، ڇا ته راڻل راز جون،
    سڪ منجهان سهڻل سليون ڪي ملهه مهانگيون ڳالهيون.

    


    مٺا محبوب ماڙ ڪيو، ڏسي مغموم اي جاني،

    مٺا محبوب ماڙ ڪيو، ڏسي مغموم اي جاني،
    مدد مسڪين جي ڪريو، سڏي مظلوم اي جاني.

    نظر جي ڪر عنايت بس، ٺهي پئي زندگي منهنجي،
    بچاء اجڙڻ ڪنان جواني، منهنجي معصوم اي جاني.

    هِي هڪ هڪ وارُ هر دم پيو، دعاءِ دلربا ڏيندءِ،
    سڻايان سورَ ڇا پنهنجا، اٿئي معلوم اي جاني.

    سدا لک لک منهنجا سائين! اميدون آسرا تو ۾،
    اگهاءِ کڻي اهي حاڪم! گھري محڪوم اي جاني.

    سڄڻ سرڪار تون آهين، سڀئي تنهنجي ته وس ۾ آ،
    سدا “خاطي” هي خادم آ ته تون مخدوم اي جاني.

    


    راهون مان روز تنهنجون روئي ڏسان ڏسان،

    راهون مان روز تنهنجون روئي ڏسان ڏسان،
    هڪ منٽ ناهي مهلت، هر دم لڇان لڇان.

    گھيرو ڪيو غمن آ، دردن به دل لُٽي،
    دانهون رڙيون۽ ڪُوڪُون، دم دم ڪيان ڪيان.

    ڪانگل ڪيئي اڏايان، قاصد ڪري ڪري،
    رت ۾ ملائي ڳوڙها، خطڙا لکان لکان.

    “خاطيءَ” سان ملي وڃ، پرديس جا پرين،
    هت سال ٿي ويا ٿم، سڪ ۾ سڪان سڪان.

    


    محبت ۾ هڪٻئي جا راڻا هجون ٻئي،

    محبت ۾ هڪٻئي جا راڻا هجون ٻئي،
    ۽ هڪٻئي جي ڳل جا ڳانا هجون ٻئي.

    جيڏا نه وارَ تنهنجا گھاٽا اٿئي پرين،
    ايڏائي پاڻ ۾ پڻ گھاٽا هجون ٻئي.

    ڪپڙي اُڻيل اندر جئن ڌاڳن جو ربط آ،
    اي ڪاش ان اڻت جا ڌاڳا هجون ٻئي.

    ٻٻرن جي وچ ۾ جئن ڪو ٽالهي جو وڻ هجي،
    تيئن ئي پريِميُن ۾، ساوا هجون ٻئي.

    هرپل هميشه جت ڪت گڏ گڏ هجون پرين،
    اي ڪاش هڪٻئي جي آشا هجون ٻئي.

    خاموشي ساز ٿي پئي منزل ملي اها،
    خود ماٺ هوندي ليڪن واڄا هجون ٻئي.

    سچ جي سڪار خاطر سر گھورَ ٿي پئون،
    “خاطي” سڌا سٻاجھا سادا هجون ٻئي.

    


    الهڙ جواني جڏهن اڪاري شباب ورتا گلاب چهرن،

    الهڙ جواني جڏهن اڪاري شباب ورتا گلاب چهرن،
    ڪليون ٽڙي گل ٿيا ته آخر حجاب ورتا گلاب چهرن.

    اميد ديدار جي رکيسون، اسان اکين جي ٿڌاڻ خاطر،
    دڪان ساڙيون، جتان جتان هي، نقاب ورتا گلاب چهرن.

    ڪتابي ميلي اندر اچي ويا، پسند ڇا ٿن پتو ويو پئجي،
    ڪهاڻين شاعريء غزل جا، ڪتاب ورتا گلاب چهرن.

    اسان حياتي سِڪي ڪَٽي پر، اهي وڏا خوشنصيب چئبا،
    گل فروشن وٽان جنين لئه، گلاب ورتا گلاب چهرن.

    ڀلي شڪاري هجن وڏا پر، نگاهه _ گولي گسي نه تن تان،
    شڪار خود ٿيا، اهي هٿن سان، عقاب ورتا گلاب چهرن.

    خوشي ڏيڻ آ عمل ڀلو سو، ٻه ٻول ٻولي دليون کٽيائون،
    گناهه “خاطي” اسان جي کاتي، ثواب ورتا گلاب چهرن.

    


    ڪيڏو حسين انبر ڪيڏي حسين ڌرتي،

    ڪيڏو حسين انبر ڪيڏي حسين ڌرتي،
    سبحان الله ڇا ڇا خالق آ سونهن خلقي.

    ڏس بادلن جي بيهڪ آڪاش جي اڱڻ تي،
    صورت جدا جدا جن رنگت عجيب ورتي.

    ڏيئا وسامجي ويا تارا لڪي ويا سڀ،
    جلوي نما پئي ٿئي هڪ چنڊ جي جو هستي.

    رنگين خوبصورت هي گل نفيس نازڪ،
    مالهيء ڪيئن اپايا؟ مالهي وڏو آ خفتي.

    هي چنڊ ۽ ستارا، سهڻا گلن نظارا،
    ست رنگ انڊلٺ جا، آهن خدا پُرستي.

    جھرڻا جبل نديون ۽ دريا سمونڊ صحرا،
    پوپٽ پکي فصل سڀ هر سونهن ساههَ _ پرتي.

    تارن به سج لٿي کان لاٿي ٽمڪ ٽمڪ آ،
    ڏورئون سجهي پئي ڄڻ بيرا ڳيُن جي بستي.

    دنيا اندر حسن جو ڪو ڇيهه ڪونه آ پر،
    منهنجي حسين سنڌڙي منهنجي حسين سرتي.

    اڀ ۽ زمين جا سڀ منظر حسين پو ڀي،
    ماڻهوء جي سونهن پنهنجي ماڻهوء جي پنهنجي مستي.

    ها! جهنگ ۾ به سهڻا ٿا گل ٽڙن ڏسون ٿا،
    گھاري ٿي جھوپڙين ۾ انمول سونهن سستي.

    نيڻن جي ڍنڍ ڇا هئي! لوڙهي ڇڏيائين ٻوڙي،
    هڪڙي نهارَ سان ئي، ڪيئن هوش واري ڪشتي.

    هڪ مرڪ ۾ هزارين، ڄڻ زندگيون سمايل.
    سا مرڪ ٿي جياري الهام ٿي الستي.

    ڪنهن دين ذات جي ڪا ميراث سونهن ناهي،
    سينگار _ ويس مان هيءَ مونکي لڳي ٿي مهتي،

    معصوميت ڪشش ڪئي ۽ سادگيء موهيو،
    هن جي حياءَ “خاطي” ڪئي دل زيردستي.

    


    دل دل جي صدا هوندي!

    دل دل جي صدا هوندي!
    دک جي ڪا دوا هوندي؟

    اڌ رات اٿي روئي،
    لبڙن تي دعا هوندي!

    لاعلاج مريضن لاءِ،
    ڪنهن جاءِ شفا هوندي؟

    احتياط ڪجي ڪهڙو؟
    پرهيز ته ڪا هوندي؟

    دک لاءِ سواءِ دل، ٻي،
    مهمان سرا هوندي!

    ڇا درد فنا ٿيندو؟
    هر چيز فنا هوندي!

    وڻ هيٺ دکايل لئه،
    فطرت جي سخا هوندي.

    هر لهر سمونڊ سندي،
    اظهار سوا هوندي!

    هر لڙڪ سندي پنهنجي،
    دردن جي ڪٿا هوندي.

    آ ميڙ هزارن جو،
    پر هن جي پڇا هوندي!

    راضي جي ٿيو آ “هو”،
    رب جي رضا هوندي.

    هي ڏوهه، وڏو ايڏو!
    “خاطيءَ” جي خطا هوندي!

    


    عشق کي سونهون ڪري هلجي نه ڇو؟

    عشق کي سونهون ڪري هلجي نه ڇو؟
    منزلِ مقصود تي رسجي نه ڇو!

    حسن وارو جي هجي ڪو باوفا،
    پو غلامي ان سندي ڀرجي نه ڇو؟

    هر قدم تي ساٿ جو ڀرپور ڏي،
    تنهن کي پنهنجو سمجهجي سڏجي نه ڇو؟

    دل اکيون محبوب جو مسڪن هجن،
    روح سان رلمل پرين رکجي نه ڇو؟

    جي هِتان بند واهه ٿي وئي، خير آ!
    ٻيو کڻي رستو ڪٿان ڪڍجي نه ڇو؟

    پيار جي ٻولي جي سمجهن هو نه ٿا،
    حق ڇني پنهنجو ڀلا وٺجي نه ڇو؟

    ڇو ڊڄي نقصان ۾ پئجي ڀلا،
    نانگ کي نوڙي ڪري جھلجي نه ڇو؟

    دل شڪستو ٿي جيئڻ کان آ ڀلو،
    مڙس ٿي سچ لئه وڙهي مرجي نه ڇو؟

    عشق “خاطي” کوڙ ٻيڙا تاريا،
    عشق کي ترهو ڪري ترجي نه ڇو؟

    


    دلدار نوازي جي ديدار جي شرفن سان،

    دلدار نوازي جي ديدار جي شرفن سان،
    سڀ سور وڃن وسري هڪ منٽ ۾ حلفن سان.

    هن دل جي دنيا ۾ تئن ٿيون کوڙ ٻرن آسون،
    جئن روم ٿئي روشن بجليءَ جي بلفن سان.

    مون چونڊ ڪئي هن جي آ ڪجهه ته ڏسي يارو،
    هر چيز سڃاپي ٿي وجھ وڙ ۽ وصفن سان.

    انسان عجيب آهي، هو جِي به مري به سگهي،
    ٿو هڪڙي نظر سان ئي هڪڙن ئي يا حرفن سان.

    ڪا سونهن پسي مونکي، ايڏي آ خوشي ملندي،
    ڄڻ ٿڌڙي لسي آ ملي، لاهياري کي برفن سان.

    ظاهر ۾ ته هو ۽ مان ڄڻ واو ۽ الف جدا،
    تصور ۾ ته گڏ آهيون جئن لام ڪي الفن سان.

    ميزائيلَ نيڻن جا، ڪٿ شاهين ۽ غوري،
    ڪيئن ڀيٽيان سي “خاطي” نيشان ۽ حدفن سان.

    


    ڪين سمجھو مان قلم مان مس ٺلهي ڳاڙيان پيو،

    ڪين سمجھو مان قلم مان مس ٺلهي ڳاڙيان پيو،
    دل جي دردن کي لکي ڪاغذ مٿان هاريان پيو.

    منهنجون ڪيهون روز ريهون ڪو ٻڌڻ وارو نه آ،
    پنهنجي پَرِ ۾ مان پڪاري اڀ سڄو ڦاڙيان پيو.

    آ پيالو ڄڻ پنو هي اوتي جذبا ان اندر،
    لڙڪ لاڙي سور ڏک جي لوڻ کي ڳاريان پيو.

    صاف لفظن ۾ کڻي چئو جيئرو آهين اڃا؟
    دوستو ڇو ٿا پڇو مان ڪئن ڀلا گھاريان پيو.

    هي به هن جي ياد جو مؤثر نمونو سمجھجو،
    روز مان هن جي ذڪر سان دل دکي ٺاريان پيو.

    هو ته پائي جھاتڙي گم ٿي ويو پردي اندر،
    مان مسلسل ايندي ويندي سا دري تاڙيان پيو.

    سال ٿيا ناهي مليو هو پر اڃا وسريو نه آ،
    ديپ دل ۾ اڄ به هن جي ياد جا ٻاريان پيو.

    وڻ وليون ٻوٽا پکي سارينِ جئن وسڪار کي،
    تئن الا “خاطي” سڄڻ کي ساهه سان ساريان پيو.
    


    ڀلو ٿيوڙي ڀورل ڀلائي ڇڏيو ٿئي،

    ڀلو ٿيوڙي ڀورل ڀلائي ڇڏيو ٿئي،
    ڏئي ڏک هزارين ڏکائي ڇڏيو ٿئي.

    هُيس ڀورڙو مان ته ماڻهو مٽيءَ جو،
    هڻي هڪڙي ٺوڪر ڀُرائي ڇڏيو ٿئي.

    نه آ وارُ واندو، سـڄي جانِ زخمي،
    سڄو جيءُ جاني، جھرائي ڇڏيو ٿئي.

    مئي بعد ميَت جلائن هندو ٿا،
    مونکي تو ته جيئري جلائي ڇڏيو ٿئي.

    ملڻ مونسان توکي گواره نه آهي،
    شڪر جو سويرو سُڻائي ڇڏيو ٿئي.

    خدا پاڪ توتي نه ناراض ٿي پئي،
    ڪري ڏاڍ ڪيريو رُلائي ڇڏيو ٿئي.

    


    دلڙي ٿي مٺا چاهي شعرن ۾ لکان توکي،

    دلڙي ٿي مٺا چاهي شعرن ۾ لکان توکي،
    سا عڪس ڪري صورت پلپل ۾ پسان توکي.

    هن دل جي مٿان دلبر تصوير لڳل تنهنجي،
    سي نقش اتاري پوءِ صفحن ۾ پڙهان توکي.

    سا سونهن سمائي سڀ گيتن ۾ ڇڏيان تنهنجي،
    هر وقت ڏئي ڀيرا سٽ سٽ ۾ ڏسان توکي.

    اکرن ۾ ڇڏيان اوتي جلون جي جھلڪ تنهنجي،
    هر وقت هجين آڏو نيڻن تي رکان توکي.

    مرڪز تون مٺا منهنجي جذبن ۽ خيالن جو،
    تصور ۾ ته روزانو چاهت مان چمان توکي.

    هي “خاطي” ڪٿان آڻي سي لفظ ثنا وارا،
    جن ساڻ عقيدت سان سهڻا مان سڏيان توکي.

    


    گُهٽي ارمان پنهنجا سڀ اڪيلا بس جيون ٿا پيا،

    گُهٽي ارمان پنهنجا سڀ اڪيلا بس جيون ٿا پيا،
    اسين قاتل زهر کي ڀي ڪري امرت پيون ٿا پيا.

    نه ڪو پهچي ڪڏهن سگھبو اوهان تائين خبر آهي،
    تڪي پو پڻ چڪورن جئن اوهان ڏي ئي ڏسون ٿا پيا.

    سٽي وجھندي اها واڇڙ زماني جي نگاهن جي،
    پکيء وانگي اسين پوء ڀي اڃا اڳتي اڏون ٿا پيا.

    سر مِحفل شمع سڙندي، پگھاري پاڻ ڏيکاريو،
    مگر گمنام گوندر ۾ اسين هر دم جلون ٿا پيا.

    نه ڪي ڇڙواڳ جذبن کي ڪڏهن آهي اسان ڇڏيو،
    متان رنج ڪو رسي ڪنهن کي اسين ايڏو ڊڄون ٿا پيا.

    ڪئي ڪوشش چئي ڪيريو زماني خوب رئاڙڻ جي،
    مگر پرواهه ڪانهي ڪا اسين خوش خوش کلون ٿا پيا.

    


    جھڪيل مونڏي کنئي نازڪ، نظر آهستي آهستي،

    جھڪيل مونڏي کنئي نازڪ، نظر آهستي آهستي،
    ڪيو آخر هن آهُنِ، اثر آهستي آهستي.

    دکي دلڙيءَ جي ڌڙڪن اچي آخر ته رنگ لايو،
    ڦڙي مان پيار جو بڻيو بحر آهستي آهستي.

    ڦڙو قطرو مسلسل جي ڪِري پاڻي پٿر تي ٿو،
    ڳري پوندو اهو آهي پٿر آهستي آهستي.

    هئي قسمت مٿان ڇانيل ڪا ڪاري رات جي چادر،
    اميدن جو اچي اڀريو سحر آهستي آهستي.

    کلي اڄ خان محمد سان مليو محبوب محفل ۾،
    کُلي وئي خلق ساريء ۾ خبر آهستي آهستي.

    


    آجيان ڪئي پيار سان هر گھٽي هر گس هئي،

    آجيان ڪئي پيار سان هر گھٽي هر گس هئي،
    هن شهر ۾ چاهه جي ڪا چکي مون چس هئي.

    مون جڏهن هن کي ڏٺو ساهه ڄڻ نڪري ويو،
    هن جڏهن مرڪي ڏٺو پئي نچي نس نس هئي.

    ٿي مسلسل محب وٽ مينهن مرڪن جو وٺو،
    قرب جي ڪڪرن سندي ٿي وئي ڄڻ لس هئي.

    نيوڪلاٿ ۾ حسن جا ڇا ته سهڻا رنگ ها،
    ڪامڻين جي هل اتي ڪيڏي ڪلهي گس هئي.

    اگھ وڏا، ريشم گلي پو به چاهت چوٽ تي،
    وٺ وٺان واپار جي هر گهڙي هٿ- کس هئي.

    مون بچڻ جا ڪيترا وس ڪيا حيلا ڪيا،
    دل ته پنهنجي هئي مگر ٿِي وئي پَر _ وس هئي.

    هاڻ ويراني ڏسي، هانوَ ۾ هٿ ٿا پون،
    ڄامشوري پل وٽان ڪالهه ڪيڏي وس هئي.

    “رنگ” مون وٽ جام هو، راند هاريان ڪين ها!
    پر هنن دوکو ڪري ڪئي پتي جي ڏس هئي.

    ٻاٽ ڪاري رات کي ڪير چيري چمڪيو،
    بس رڳو هڪڙي ته تيلي سنهي باڪس هئي.

    ننڊ کان نفرت اٿم ان گھڻا غافل ڪيا،
    ها! نهوڙي پڻ سسئي ننڊ ۽ آرس هئي.

    مون ٿڪي مايوس ٿي ڪين ڪا ساهي پٽي،
    سوڀ “خاطي” عشق ۾ پو ملي مس مس هئي.

    


    ڪڏهن توکي قربت جو احساس ناهي،

    ڪڏهن توکي قربت جو احساس ناهي،
    ناهي توکي الفت جو احساس ناهي!

    اهي ڪارون بنگلا منهنجي ڪهڙي ڪم جا؟
    جڏهن توکي غربت جو احساس ناهي.

    وڏا ماڻهو! سمجهيم منهنجو يار آهين،
    مگر توکي محبت جو احساس ناهي.

    وڇوڙي جا وڍ جي سٺا جنهن به ناهن،
    انهي کي ته فرقت جو احساس ناهي.

    ڪئين ڪنهن جي دل ۾ جڳهه جوڙبي آ،
    سڄڻ توکي شرڪت جو احساس ناهي.

    رڳو آهي پنهنجي ئي مطلب سان محبت،
    غلامن جي خدمت جو احساس ناهي.

    مزن ۾ وڏيرن اميرن جا ماڻهو،
    خدا واري خلقت جو احساس ناهي.

    خبر آهي “خاطي” متان يار سمجهين،
    نگاهن جي نفرت جو احساس ناهي.

    


    محل ۽ ماڙيون سڀ زهر ٿيون لڳن،

    محل ۽ ماڙيون سڀ زهر ٿيون لڳن،
    مصرِيون ماکِيون سڀ زهر ٿيون لڳن.

    پياريون پياريون ڪارِيون راتيون،
    چنڊ راتيون سڀ زهر ٿيون لڳن.

    ڪالهه ڪنڊن سندو ساٿ هو پڻ مٺو،
    اڄ گلن_ جهاتيون سڀ زهر ٿيون لڳن.

    دورُ بدليو تڏهن دشمنين کان گھڻو،
    دوستِيون گھاٽِيون سڀ زهر ٿيون لڳن.

    جھڻڪ سهڻي جي جھنڪار، پر غيرن جون،
    گيت ۽ ڪافيون سڀ زهر ٿيون لڳن.

    ڇاڪ دل جا چڪن، ماٺ ڪويل تنهنجون،
    مٺڙيون لاتِيون سڀ زهر ٿيون لڳن.

    جن شين سان ڪڏهن روح _ راحت هئي،
    سي شيون ساڳيون سڀ زهر ٿيون لڳن.

    جيءُ خوش آ ته “خاطي” جهان خوش لڳي،
    اڄ خوشيون ساريون سڀ زهر ٿيون لڳن.

    


    منهنجي محبتن سندو پهريان شمار ڪر،

    منهنجي محبتن سندو پهريان شمار ڪر،
    مونسان پوءِ تون پرين ايترو پيار ڪر.

    آئون ٿي پوپٽ اچان خوشبو تنهنجي جي وٺڻ،
    تون ٽِڙي کُلي مٺا، گل جيان نکار ڪر.

    دل جي هن ڪچي دلي جي مٿان پڪا پڪا،
    پيار ۽ وفا سندا نقش ۽ نگار ڪر.

    مون ته سڀ خيال احساس توکي ارپيا،
    تون به ڪجهه کڻي ته دلِ جي دنيا نثار ڪر.

    منهنجي جھولي خالي آ سا جھلي “خاطي” اٿم،
    پنهنجي پيار چاهتن سان ڀري چڪار ڪر.

    


    روئي روئي اکين مان آنسون کُٽي ويا،

    روئي روئي اکين مان آنسون کُٽي ويا،
    سڀئي آسرا جيئري ئي مري ويا.

    سڙي ويو هِي گلشن جڏهن چاهتن جو،
    اميدن جا آخر ته پوپٽ اڏي ويا.

    لڳي ٿي حياتي گلابن جي مالها،
    انهي هار جا گل مرجهي سڪي ويا.

    وندر ها کلونا خوابن جا مون لئه،
    رهان راند ڇا سان سي سپنا ڀري ويا.

    ويڳاڻپ جي ويلي وڄايم ٿي ويهي،
    اها تار تندون به پيارا ڇني ويا.

    شمع تي ڏٺو مون هو انجامِ محبت،
    پتنگن جا لاشا ڪفن بن رلي ويا.

    رکي آس آئي ته بلبل ڪٿان پر،
    خزان جي ڪري پن گلن جا ڇڻي ويا.

    پڪا پيچ ها پاڻ ۾ جي دلين جا،
    سي ڳنڍيون ڳانڍاپا الئه ڇو ڇڙي ويا.

    لڳي باهه جيون جي لوڙهي کي جنهن ۾،
    ڪي احساس ماکي مانارا سڙي ويا.

    وهِي تيز ڌارا ٿِي لڙڪن جي “خاطي”،
    انهيء ۾ الاهي وجود ئي وهي ويا.

    


    سوين سڏ نڙيء ۾ ويا يار رڪجي،

    سوين سڏ نڙيء ۾ ويا يار رڪجي،
    اڌورا اکين ۾ پيا لڙڪ اٽڪي.

    نه اچڻو هو توکي نه آئين پرين تون،
    نهاري نهاري پيا نيڻ ٿڪجي.

    تو تائين پڄڻ لئه اميدن جا پنڇي،
    اڏامي اڏامي پيا نيٺ سهڪي.

    ڏسي ڌار توکي مونکي اڄ اڪيلو،
    پيا پنهنجا سڀ يار اغيار شڪجي.

    وسارڻ تنهنجي جي ڀڃي رک جو ويٺس،
    وري ياد جا هي پيا گھاءُ ڀرجي.

    چڪوري ۽ چنڊ جينءَ توڏي تڪيندي،
    ويا حسرتن ۾ ڪيئي سال ڪٽجي.

    خوشيون خان محمد ويون موڪلائي،
    رڳي ڪلپنائون ويون روح رهجي.

    


    پيار ۾ اي پرين تو آ پاڳل ڪيو،

    پيار ۾ اي پرين تو آ پاڳل ڪيو،
    مان ته سياڻو هُيس توئي جاهل ڪيو.

    تنهن جي هر هڪ ادا پر اثر ٿي پرين!
    مرڪ موهي وڌو، گھورَ گھايل ڪيو.

    زندگي خوش سدا مون گذاري هئي،
    ٿي جدا جيء ۾ غم تو شامل ڪيو.

    نه ته هي ويندو ٻڏي تنهنجو خادم سڄڻ،
    ڪو سهارو ڏئي ويجهو ساحل ڪيو.

    ڪين ٿيندي دوا تنهنجي بيمار جي،
    پاڻ پنهنجي دوا خاني داخل ڪيو.

    خون “خاطي” اميدن جو ناحق ڪري،
    سنگدل ڏس سچي ڇا تو حاصل ڪيو.

    


    هي پيار ڪيو مون سڪي هن پيار جي پارت ٿئي،

    هي پيار ڪيو مون سڪي هن پيار جي پارت ٿئي،
    اظهار ڪيان ٿو ڊڄي اظهار جي پارت ٿئي.

    سُٽُ ڪين هي سڦرو آ، جي عيب اکيليندي،
    عيبن سان ڀريل آهيان عيبدار جي پارت ٿئي.

    هي دردَ ڀري دل سان در تنهنجي پڳو سائل،
    هي پيار جو سوالي آ، پينار جي پارت ٿئي.

    مان جوڙ جتيءَ ناهيان پيرن جي پڻي سمجهو،
    همسر نه سڏايان ٿو، حبدار جي پارت ٿئي.

    جذبن جو ڀرم رکجان هيءَ پاڪ محبت ٿئي،
    قربن جو قدر ڪر تون، قربدار جي پارت ٿئي.

    “خاطي” جون خطائون ڇڏ، تون پنهنجي ستاري ڏس،
    مان گولو گدا گدلو، گنهگار جي پارت ٿئي.

    


    گذار خوشيون ڀلي ٻين سان غمن ۾ توسان شريڪ ٿيندس،

    گذار خوشيون ڀلي ٻين سان غمن ۾ توسان شريڪ ٿيندس،
    رقيب گڏ گڏ گلن ۾ هجني، ڪنڊن ۾ توسان شريڪ ٿيندس.

    نه تو نڀايو ته خير آ پر پيار پنهنجو ته مان پڄايان،
    بزم مان نڪتل سهي به ليڪن، برن ۾ توسان شريڪ ٿيندس.

    لکي ڏنو هَئي ته غور ڪندس،چيو هُيئي مون ته مرضي تنهنجي،
    جواني جن سان وڻئي گذارج، اڇن ۾ توسان شريڪ ٿيندس.

    جنين جي اڄ ٿو ڪڏين ڪلهن تي سي وقت ايندو نه ويجهو ايندءِ،
    ڦٽي سمورو ڦِٽي ڪندءِ پو، ڦٽن ۾ توسان شريڪ ٿيندس.

    هاڻي ته هاها توکي ئي حق آ، جيڪو وڻئي سو ڀلي ڪندو وت،
    مگر ڪڏهن مان هي ياد رکجان حقن ۾ توسان شريڪ ٿيندس.

    هجين هميشه تون شاد “خاطي”، ڪڏهن لڳئي شل نه واءُ ڪوسو،
    ڪڏهن به پر جي ڏکن ۾ ڦاسين، ڏکن ۾ توسان شريڪ ٿيندس.

    


    ريت ڪئي ختم پرين تو جڏهن حجاب جي،

    ريت ڪئي ختم پرين تو جڏهن حجاب جي،
    مهڪ ڦهلجي وئي، تنهنجي پوءِ شباب جي.

    رات هڪڙي آ جلي، تو لقب شمع ڏنس،
    دل جلي عمر سڄي، مِهرَ ڪر خطاب جي.

    خوشنصيب هان مٺا، جو ڪٿان اچي ڇڻي،
    جھول منهنجي ۾ پئي، پنکڙي گلاب جي.

    ٻول تنهنجو مون ٻڌو جو سريلڙو مٺو،
    ڄڻ ٻڌم صدا مِٺي، بانسري رباب جي.

    اڌ ٽڙئي گلاب جي مکڙي جھڙي مک مٿان،
    ڪجهه هٽاءِ ذلف جو، ڪن پيا نقاب جي،

    ڇونه “خاطي” ياد ٿٖي، پيار پنهنجي جي ڪٿا،
    ڄڻ ته آ لکت امر، پيار جي ڪتاب جي.

    


    ايڏا لسڙا آهن مٺي من جا ڳل،

    ايڏا لسڙا آهن مٺي من جا ڳل،
    جيئن پاڻيءَ ۾ ڪي پسايل ڪنول.

    تهڙا رخسارن سان لبڙا ٿا وڻن،
    جھڙا کير _ پيالي گلابن جا گل.

    ڏاڍو خوبصورت هو ٿي ٿو پوي،
    ڇڏي ڇوڙي جڏهن ٿو وارن جا ول.

    سوين ڪائناتون نگاهون سندس،
    رهن ڪاريون ڪجليون ريءَ ڪجل.

    سدا ملوڪ نڪ ننڍڙو ۽ سٺو،
    ڏند ڏاڙهون ڪڻا جينءَ مرجان مڙهيل.

    


    رڳو پير ئي سونهن جو مثال اٿس،

    رڳو پير ئي سونهن جو مثال اٿس،
    ملائم لسا هٿڙا ميندي رتل.

    ڳچي هرڻيءَ وانگي سنهڙي ڊگهي،
    وري ڪنڍڙا وار تنهن تي وريل.

    ڦٽي حسن بدن مان ڦوهارن جيان،
    ۽ جوڀن اٿس جينءَ سنڌوءَ اٿل.

    سڄو سونهن محبوب منهنجو اٿوَ،
    نه ثاني سندس سڀ ٻيا ڪي سهڻل.

    هي “خاطي” نه آهي ثنائي فقط،
    گھڻا ڪيرئي جھڙا موهيا مٺل.

    


    منهنجي محبوب جي سامهون سڀئي سينگار گھٽ ڄاڻان،

    منهنجي محبوب جي سامهون سڀئي سينگار گھٽ ڄاڻان،
    سهڻا منظر نظارا ۽ چمن گلزار گھٽ ڄاڻان.

    سڳنڍ سرهاڻ ۾ ثاني نه پاڙيان ڪو پرينءَ سان مان،
    عطر عود ۽ کٿوري نا، فئه تاتار گھٽ ڄاڻان.

    مٺائيءَ ۾ نه مٽ ڪوئي مٺو سڀني مٺاڻن کان،
    پتاشا مصريون ماکيون، سڀئي اثمار گھٽ ڄاڻان.

    نفاست ۾ نزاڪت ۾ چمڪ ۾ چنڊ ڇا پڄندو،
    پڄي ڪوهنور ٿو ڪا ٿي، هيرا هربار گھٽ ڄاڻان.

    سڄي دنيا ڇڏيان گھوري سندس قدمن تان ڪيريو چئي،
    سهڻي جي سونهن جي سامهون، سارو سنسار گهٽ ڄاڻان.

    


    محسوس ٿين جوڀن جا ميل کان جھلڪا،

    محسوس ٿين جوڀن جا ميل کان جھلڪا،
    ڏس ڪاڪ جي ڪنوار يا تون مصر جي ملڪا.

    تون سونهن سمنڊ سهڻي يا بحر حسن جو،
    تو آڏو ٻيون سهڻيون ڄڻ ناليون نلڪا.

    ان ڦوهه جوانيءَ جون ڇوليون به چوان ڇا،
    جيئن هيرَ اترَ سان ٿين ڪينجهر ۾ ٿا ڇلڪا.

    ڪوملتا سڳنڌ سونهن تي ڀنئور ڀنڀوليا،
    تنهنجو آ جسم جاني گلڙن ڀري ول ڪا.

    قدبت جي رنگت بيهڪ خد خال نرالا،
    سڀ تاب شعاع تو اڳيان هڳاءَ به هلڪا.

    ڪوهه ڪاف جي تون واسي يا اپسرا آهين؟
    اڄ خان محمد سان ڳجھي ڳالهه تون سل ڪا.

    


    زماني لڳايو نهارڻ تي ڪرفيو،

    زماني لڳايو نهارڻ تي ڪرفيو،
    کلي مرڪي گڏجي گذارڻ تي ڪرفيو.

    خبر ناهي هاڻي هتي حال ڇا ٿئي،
    لڳو آهي جيئڻ جيارڻ تي ڪرفيو.

    لڳي ماٺ جا ويا ڪي تالا چپن تي،
    هي آواز دل جو اٿارڻ تي ڪرفيو.

    ڏسان پيو وڃي پيو اهو هُو وڃي پيو،
    مگر ان کي پويان پڪارڻ تي ڪرفيو.

    پراون ته پي پي ڀريو پيٽ پنهنجو،
    ته پنهنجن کي ڇو آ پيارڻ تي ڪرفيو.

    نه ڪڇ ڪيريا تون چڱي چپ اٿئي اڄ،
    اهي ڳالهيون هت پچارڻ تي ڪرفيو.

    


    اي مٺل نينهن لڳل توسان اٿم،

    اي مٺل نينهن لڳل توسان اٿم،
    اي پرين الفت اصل توسان اٿم.

    جيئن ڪڙيون آهن مليل زنجير جون،
    جيءُ سهڻا تيئن جڙيل توسان اٿم.

    تنهنجو آهيان پيو غلامي مان ڪندس،
    قول هي پيارا ڪيل توسان اٿم.

    ڪونه توکان ڌار ٿيندس مان ڪڏهن،
    اي مٺا ناتو ڳنڍيل توسان اٿم.

    خان محمد ڪيريو چئي اي پرين،
    ساهه هي سئيء سان سبيل توسان اٿم.

    


    تنهنجي حجابن ۾ آ ڪشش ديدار تنهنجي ۾ ڇا هوندو،

    تنهنجي حجابن ۾ آ ڪشش ديدار تنهنجي ۾ ڇا هوندو،
    ساءُ ملي ديدار منجهان گفتار تنهنجي ۾ ڇا هوندو.

    تو جي کلي هٿ يار ملايا مون به چمي چشمن رکيا،
    هٿڙا ملائم هيڏا نرم رخسار تنهنجي ۾ ڇا هوندو.

    ريءَ ڪجل هِي نيڻ ڪڪوريل، ڄڻ ته ملهاري چپڙن تي،
    سادگي ايڏي سونهن ڀري سينگار تنهنجي ۾ ڇا هوندو.

    تنهنجي جفا مسرور ڪري ٿي رنگ وفا جا ڇا هوندا،
    قرب ملي انڪار منجهان اقرار تنهنجي ۾ ڇا هوندو.

    سوچ عقل عاجز ٿي پيا اسرار اڃا تنهنجا اڳتي،
    ڪاوڙ ماکي مصري آ “خاطي” پيار تنهنجي ۾ ڇا هوندو.

    


    محبوبن جي مرڪن ۾ ڄڻ مهڪيا موتيا پئي،

    محبوبن جي مرڪن ۾ ڄڻ مهڪيا موتيا پئي،
    ساهن منجهه هڳاءَ تن سرها سرها اوتيا پئي.

    جوڀن جلوا جيون ۾ پڻ پل کن سونهنِ ٿا،
    ڄڻ ته هوا گلڙا گلابي ٻوٽن تي لوڏيا پئي.

    کيت سرنهن جي سهڻائپ ۽ خوشبو پنهنجيءَ سان،
    روڊ ڪناري ايندڙ ويندڙ ماڻهو موهيا پئي.

    مند به ساڳي باغ به ساڳيو جت آ ميلو ٿيو،
    وڇڙڻ ويلي انب هي ساڳيا ٻور سان ٻوڪيا پئي.

    سونهن ڏي منهنجو چاهه به اهڙي طرح ڊڪي هردم،
    ٻيرن چونڊڻ لئه جئن ٻارڙا ٻيرِ ڏي ڊوڙيا پئي.

    رات لڙيء جو رستي سان آوازن ڀڻڪا ها،
    سنگت وارا محفل مان ٿي واپس موٽيا پئي.

    سنڌ سنگت جي باغن جا ڦل کائبائي رهبا،
    ورهاڱي اڳ اياز مالهيءَ جن جي پوکيا پئي.

    جنهن پل جيون کان مون ٿي فرار ٿيڻ جو سوچيو،
    محبوبي ادا تنهن پل “خاطي” رستا روڪيا پئي.

    


    تنهنجي حسن جون آهن هاڪون جتي ڪٿي،

    تنهنجي حسن جون آهن هاڪون جتي ڪٿي،
    مهڪون جتي ڪٿي ۽ ڇاٽون جتي ڪٿي.

    تنهنجي پيار جي قدمن هر دل ۾ ٺاهيون،
    راهون جتي ڪٿي ۽ واٽون جتي ڪٿي.

    تنهنجي پريم واري سهڻي شجر سنديون،
    ڇائون جتي ڪٿي ۽ لامون جتي ڪٿي.

    سونهن تنهنجي جا بادل برسائيندا وتن،
    بوندون جتي ڪٿي ۽ لارون جتي ڪٿي.

    ڪيرئي توسان ملهايون سي يادگار هون،
    صبحون جتي ڪٿي ۽ شامون جتي ڪٿي.

    


    دردن ڏکن جا دل ۾ آستانه بنجي ويا،

    دردن ڏکن جا دل ۾ آستانه بنجي ويا،
    هڪ مان نه پر سوين هت ديوانه بنجي ويا.

    ڪي بيٺا ها برن ۾ ولڙين وڪوڙيا،
    ڪيئي شمع جلائيا پروانه بنجي ويا.

    جهاڳي جبل رليا ڪي راتيون رنا پئي،
    سوريءَ سندا ڪي سورهه نذرانه بنجي ويا.

    ڪن بادشاهيون ڇڏي مرليون وڄائيون،
    مومل جي موهه ۾ ڪي مستانه بنجي ويا.

    ڪيريا نه ڪر اهو ڏک هي راز قدرتي،
    “خاطي”! لکين نظر جا نيشانه بنجي ويا.

    


    ساهه وارن ڪاڻ ٿي سرهاڻ آ،

    ساهه وارن ڪاڻ ٿي سرهاڻ آ،
    ڪا حياتي ٿيندي خوشبوءَ کاڻ آ.

    هن جي آمد جو ٻڌي تو گھنڊ وڌو!؟
    چنڊ اڀرڻ سان ٿيندي چانڊاڻ آ.

    پيار جو گھر ٿي سگهي هرگز نه ٿي،
    جنهن به دل ۾ ٿورڙي ڪاراڻ آ.

    جي وساري آ ڇڏيو هن مونکي پو؟
    سوچيان ٿو هڏڪي ٿي ڇاڪاڻ آ.

    گل سرنهن جا خوبصورت ڇو لڳا؟
    عاشقن کي راس ڇو پيلاڻ آ.

    اڳ نه وڻندي هئي ڪلي جا پر اها،
    سا گلاب آ ٿِي پئي ٿي جواڻ آ.

    بچ! بلوغت ۾ قدم هن آ رکيو،
    سا وهي اڪثر ٿيندي چرپاڻ آ.

    تون مٺي! هڪڙي مٺيءَ جي ها ته ڪر،
    قرب ۾ ڪيڏي مٺي نه مٺاڻ آ.

    شخصيت هن جي آ ايڏي اونهي،
    جيڏي ڪا ٿيندي سمنڊ _ گھراڻ آ.

    ڪين پوٺن تي پيل “خاطي” ملن،
    موتين جي جاءِ بس مهراڻ آ.

    


    دل ٿي گھري اڄ دلربا، پيارا پرين اچ پيار ڪيون،

    دل ٿي گھري اڄ دلربا، پيارا پرين اچ پيار ڪيون،
    گڏجي مرڻ ۽ جيئڻ جا، محبوب اچ اقرار ڪيون.

    آهي اندر ۾ آرزو، قربن ڀريون ڳالهيون ڪيون،
    ديدون ملائي دوبدو، دم دم رڳو ديدار ڪيون.

    ويهي پرين ويرين اڳيان، دلين سندو واپار ڪيون،
    دشمن جي پنهنجي پيار جا، تن کي ڌڪي اچ ڌار ڪيون.

    رسمن اڳيان رانديڪو ٿي، ڪيسين جدا ٻئي رهنداسين،
    نفرت ڪري سڀ دور ۽، الفت سندو اظهار ڪيون.

    جيئري ملون “خاطي” ٻئي، ڪهڙي خبر ڪيسين جِيون،
    ناهي حياتيءَ کي بقا، پو پيا متان ويچار ڪيون.

    


    محبوب ماڻا تون ڪري، مسڪين کي ڇو مارين ٿو،

    محبوب ماڻا تون ڪري، مسڪين کي ڇو مارين ٿو،
    مون تي اکين جا تير تون، هر روز ڇو اولارين ٿو.

    مان منٿ، تون ماڻا ڪرين، ناهي مناسب او پرين،
    ڏس ڏوهه ڪهڙي ۾ پنهنجي دروازي تان به ڌڪارين ٿو.

    گلڙن جو ڪم آهي سدا، هر جاءِ خوشبو پيا ڏين،
    خوشبو جي بدران تون وري، بلبل کي ڇا لئه اڏارين ٿو.

    هي خان محمد تنهنجو آ، خادم اصل کان او مٺا،
    خادم کي سمجهي غير تون، ڇو ڏس ڀلا آزارين ٿو.

    


    منهنجي محبت نئين ناهي، اها ڏاڍي پراڻي آ،

    منهنجي محبت نئين ناهي، اها ڏاڍي پراڻي آ،
    تنهنجي نانء سان شروع ٿي جا، تنهنجي نانء تي پڄاڻي آ.

    اها بلبل آ، هي پروانو، ۽ رستي تي هو ديوانو،
    تنين سڀني جي جيون سان، ڳنڍيل قربن _ ڪهاڻي آ.

    پڇين ٿو حال ڇا دل جو، رتورت زخمي گھائل جو،
    سا بيوس آ ۽ هيڻي آ، ويچاري آ ويڳاڻي آ.

    هي شيشا ڪنڊا راهن ۾، نه ڪي ٽانڊا نگاهن ۾،
    اڀا جي نانگ منزل تي، اها “خاطيءَ” ماڻي آ.

    


    مس مس آ مٺا تنهنجو ديدار نصيب ٿيو،

    مس مس آ مٺا تنهنجو ديدار نصيب ٿيو،
    هي دوريون ڇڏي دلبر ڪجهه هاڻي قريب ٿيو.

    تو ساهه ٿڌو ڀريو ٿي پيار پيو پڌرو،
    اڄ اوچتو هي واقعو ڪيڏو نه عجيب ٿيو.

    تو هڪڙو پهر پيارا آ نانءُ ڪيو منهنجي،
    هاڻي ياعمر تنهنجي نالي هي غريب ٿيو.

    جذبن کي ڪيئي جيئرو، سڀ پهرا ٽپي پهتين،
    تاراج ته اڄ سارو رسمن جو صليب ٿيو.

    لاعلاج ته ٻيا پڻ ها، پر ڀاڳ ٿيو منهنجو،
    “خاطيءَ” جي قسمت تو جھڙو طبيب ٿيو.

    


    هي زخم ويندو ڇٽي ڳالهه نه وسري ويندي،

    هي زخم ويندو ڇٽي ڳالهه نه وسري ويندي،
    تو منهنجي آس ڪٺي، ڳالهه نه وسري ويندي.

    سڏڪن جي ميوزڪ تي دردن کي ڳائي،
    ڇڏبا لڙڪ اگهي، ڳالهه نه وسري ويندي.

    سڀ سوچن اڌمن جذبن ۽ نغمن ۾،
    هڪ تون ئي ته رڳي، ڳالهه نه وسري ويندي.

    نه خوشي ڪابه ڏني تو پر رهندو ئي وري،
    ڪئي دلڙي تو دکي، ڳالهه نه وسري ويندي.

    هي نئون باب وڌيو پيار جي مجموعن ۾،
    ويندو هي وقت ڊڪي، ڳالهه نه وسري ويندي.

    هن دل جي تنبوري کي تو ڇيڙي ۽ ڇيڙي،
    ڇڏيون تارون ڇني، ڳالهه نه وسري ويندي.

    مصنوعي تبسم جي تجليءَ سان پيارا،
    تو هيءَ پريت لُٽي، ڳالهه نه وسري ويندي.

    تنهنجي تجلن جلون نخرن ۽ غمزن آ،
    ڇڏيو “خاطي” ڪهي، ڳالهه نه وسري ويندي.
    


    ڪيڏي سهڻي ڪامڻي آهين،

    ڪيڏي سهڻي ڪامڻي آهين،
    روحاني ڪا راڳڻي آهين.

    تنهنجي شفافيت تي شڪ ناهي،
    گل تي شبنم جي ڪڻي آهين.

    ڪنهن نوراني ڪرڻي وانگر،
    تارن چنڊ مان تون ڇڻي آهين.

    مهڪ گلاب ۽ موتئي جھڙي،
    سونهن ۾ گل ڪو تون سڻي آهين.

    جيون وکريل ذلفن وانگي،
    تنهن جي ڪارڻ تون ڦڻي آهين.

    اک جڏهن کان آ ملي توسان،
    تون تڏهن کان ئي وئي وڻي آهين.

    سڀ تشبيهون ٿوريون “خاطي”،
    ڳالهه سچ پچ تون گھڻي آهين.

    


    ايندو ساوڻ وري، ديس پوندو ٺري،

    ايندو ساوڻ وري، ديس پوندو ٺري،
    ڌوڙ ڌرتيءَ مٿان مينهن پوندا وسي.

    پيار جي ريت جو، گيت سنگيت جو،
    ٿيندو سنگم وري، روحَ پوندا رِجي.

    ڪيسين رهندي خزان، رُت ڏکن جي اڃان،
    بهار ايندو وري، رنگ پوندا رَچي.

    نيٺ ايندا پرين، دلربا دلنشين،
    من اڱڻ تي وري، ڦول پوندا ڦٽي.

    ڏات وئي آ رسي، نيڻ پيا ٿم پسي،
    ايندو ساجن وري، گيت پوندا جُڙي.

    نِت نئين چاهه سان ساهه ويساهه سان،
    ٿيندا ميلا وري، پردهه پوندا ٽٽي.

    قيدَ ويندا لهي، ڪوٽ پوندا ڪري،
    خان محمد وري، “خاطي” پوندو کلي.

    


    مونکان تون لڪائي منهن ڇو جاني سزا ڏين ٿو،

    مونکان تون لڪائي منهن ڇو جاني سزا ڏين ٿو،
    مرضي آ تنهنجي ڪهڙي تون ڇا جي سزا ڏين ٿو.

    جي پيار اٿئي دل ۾، ظاهر ٿي هلي آ تون،
    هر روز لڪي پائي، ڇو جھاتي سزا ڏين ٿو.

    ڇا! سونهن کٽي ويندءِ؟ ڇڏ يار ڪيان درشن،
    ديدار کان روڪي تون، او پاپي سزا ڏين ٿو.

    هِي جام رکي سامهون، واپس سو کڻين ڇو ٿو،
    ڇو پنهنجي پياڪن کي، ائن ساقي سزا ڏين ٿو.

    مارين نه جيارين ٿو، محبوب محبت ۾،
    “خاطيءَ” کي خطا کان وڌ تون ڪافي سزا ڏين ٿو.

    


    منهنجي محبوب جو مشڪڻ، رنگي ڄڻ روشني خوشبو،

    منهنجي محبوب جو مشڪڻ، رنگي ڄڻ روشني خوشبو،
    سندس رخسار جو چمڪڻ، رنگي ڄڻ روشني خوشبو.

    سڄي ڪائنات پُرُ آهي، عجب اسرار رازن سان،
    رڳو هڪ راز جو سمجهڻ، رنگي ڄڻ روشني خوشبو.

    دليون اڳ ئي هيون ڄڻ ڪي، پيون بس پاڻ ۾ پرتل،
    لبن نيڻن جو پو پرچڻ، رنگي ڄڻ روشني خوشبو.

    پيو جڳ جرڪي هو سارو، ڪڍي سج جو ڪني ٿوري،
    نئين ڪنهن آس جو اڀرڻ، رنگي ڄڻ روشني خوشبو.

    هيو هڪ هڪ اهو ڳوڙهو، لڳو مونکي ڦُٽل ڪنول،
    اکين جي تلاءَ جو ڀرجڻ، رنگي ڄڻ روشني خوشبو.

    لٿو جو پاند هو منهن تان، ٿيو محسوس هو مونکي،
    اهو جلون سندو اڏرڻ، رنگي ڄڻ روشني خوشبو.

    اثر آ ڪو ته جادوئي، مٺن ٻولن ۽ لهجن ۾،
    سٺي سُرَ ساز جو وکرڻ، رنگي ڄڻ روشني خوشبو.

    اڇين ڦٽين گلن گاهن، ڦٽڻ سان گڏ مٺن ميون،
    سونن سنگن پچڻ نسرڻ، رنگي ڄڻ روشني خوشبو.

    اڃايل روح جي ڪارڻ، ڪڻي قربن جي ائن آهي،
    جيئنءَ برسات جو برسڻ، رنگي ڄڻ روشني خوشبو.

    غزل هي سونهن پرستيءَ جو، ثبوت آهي سچو “خاطي”،
    قلم سان لفظ هي لکجڻ، رنگي ڄڻ روشني خوشبو.

    


    اکيون جيئري موڙي ويٺين، تنهنجي خادم جو ڇا ٿيندو،

    اکيون جيئري موڙي ويٺين، تنهنجي خادم جو ڇا ٿيندو،
    دليون پَرَ سان جوڙي ويٺين، تنهنجي خادم جو ڇا ٿيندو.

    اميدن جي ته ڪشتيء کي چيم توکي ته تاري ڏي،
    مگر ٻيڙي ٻوڙي ويٺين، تنهنجي خادم جو ڇا ٿيندو.

    اڃا آهي پري منزل، ڇڏي اڌ ۾ مونکي پيادل،
    چڙهي خود ئي گھوڙي ويٺين، تنهنجي خادم جو ڇا ٿيندو.

    سموهي پيارَ ۽ چاهتون، وڏي حب مان هو ٺاهيو مون،
    هيرن هار ئي ٽوڙي ويٺين، تنهنجي خادم جو ڇا ٿيندو.

    ڇني ڌار هي ڪري ڪيريو، صفا ايڏو پري وئين ڇو؟
    نه ڪي پاڙي اوڙي ويٺين، تنهنجي خادم جو ڇا ٿيندو.

    


    تون جڏهن اچين ٿو تنها لڳان، تون ناهين ته پوءِ رهاڻيون هتي،

    تون جڏهن اچين ٿو تنها لڳان، تون ناهين ته پوءِ رهاڻيون هتي،
    تنهنجي هوندي نه ڪائي ڳالهه هلي، تنهنجي وئي کان پوءِ ڪهاڻيون هتي.

    اڳ منهنجو ڏکن سان ڪنهن به طرح، ڪو ربط نه هو تعلق ئي نه هو،
    اڄ غمن ڏکن جي راهن جون، ٿيون آهن نيٺ پڄاڻيون هتي.

    تون موٽي ايندين آس اٿم، تڏهن ته اڃا هت بيٺو هان،
    هن موڙ تي ملڻ ڌار ٿيڻ، اهي آهن يادون پراڻيون هتي.

    سپنن جي جَهان ۾ “خاطي” مون، ڪئي ڪوشش سج اڀارڻ جي،
    پر ڪيريو چئي تمنائن جون، جي ڏياٽيون هيون سي اجھاڻيون هتي.

    


    منهن مونکان مٽي وئين ڇو ڀلا،

    منهن مونکان مٽي وئين ڇو ڀلا،
    توسان ناهي شڪايت ڪا گلا.

    مقروض آهيان مان ٿو مڃيان،
    پر پورا مونکي ڏي تون بلا.

    محبوب ڪري وئين منقطع،
    ڇو پيار پنهنجي جا سلسلا.

    جيئن تو چاهيو تيئن ڪَيَئي،
    هاڻي ڪهڙا ڪجن سي فيصلا.

    هن دل جي راهن منجهه رلن،
    پيا تنهنجين يادن جا قافلا.

    هيءُ سڏ پنڌ هوندي ڇو ڀلا،
    رکين صدين جيڏا تون فاصلا.

    هيءُ هيڏانهن هڪڙو “خاطي” آ،
    هو هوڏانهن هيڏا معاملا.

    


    هر وقت هجين سامهون هيء منهنجي ته حسرت آ،

    هر وقت هجين سامهون هيء منهنجي ته حسرت آ،
    هر حسن ڏسڻ منهنجي اکين جي ٿي فطرت آ.

    ڪو خوب شڪل سهڻو، سامهون آ اچڻ وارو،
    سا ڳالهه اسان جي لئه اظهارِ طراوت آ.

    تبسُم ٿا ڏسن تنهنجو مرڪن ٿا نظارا بس،
    آ تنهنجي مِلي دم سان، گلشن کي نزاڪت آ.

    آواز مٺو تنهنجو سنگيت جون لهرون ڄڻ،
    سي مونکي ڏسي ڇيڙڻ چاهت جي علامت آ.

    ڪو نظرُ شناس تنهنجي، قيمت نه ڪَٿي سگھندو،
    ڪنهن پيار هيري پارس جئن تنهنجي نه قيمت آ.

    اشڪن جو تنهنجي اڳيان تون ڄاڻ ائين اٿلڻ،
    ڪئي دل جي ئي حالت جي نيڻن به وڪالت آ.

    اصلاح اديب ڪجو “خاطيءَ” جي خيالن جي،
    عيبن کان هجن آجا ايڏي نه ڪمايت آ.

    


    تڙپان جڏهن ڏسين تون ڏسجان بيهي تماشو،

    تڙپان جڏهن ڏسين تون ڏسجان بيهي تماشو،
    تاڙين جي گونج ۾ تون رخصت ڪجان هي لاشو.

    ان سونهن ۾ اضافو ٿئي ڀل ڪُسي وڃان مان،
    لائي هٿن کي ميندي رت جي ڪجان مِٺا شو.

    پنهنجا قريب ڪوٺي ونڊجان مٺا مٺايون،
    جنهن پل کڄي جنازو کلي کائجان پتاشو.

    جيئري تلاش آ جئن تنهنجِي مرڻ پڄاڻا،
    هي روح ڀٽڪندو پيو هوندو تنهنجو تلاشو.

    هڪ ڳالهه ياد رکجان بت! بي رحم اها ئي،
    خوابن ۾ مون سدائين توکي هيو تراشو.

    محبت جو ٻول مونسان تا زندگي نه ٻوليئي،
    منهنجي مئي متان پوءِ “خاطي” چوين هو خاشو.

    


    محبوب مٺا اي سونهن ڀريا، اي باغِ حسن! ڪجهه ويجهو ٿي،

    محبوب مٺا اي سونهن ڀريا، اي باغِ حسن! ڪجهه ويجهو ٿي،
    ڪو واس وٺان دلڙي ٿي گھري، گلزار بِدن! ڪجهه ويجهو ٿي.

    تون نيڻ کڻي نازن ڀريا، هڪ ڀيرو نڇاور مون تي ڪر.
    اي رشڪِ بهاران رشڪ قمر، اي رشڪِ چمن! ڪجهه ويجهو ٿي.

    ڇا سونهن حسن سان ڀيٽ ڪيان، هر سندرتا کان سهڻو تون،
    تون هار گلن هيرن جو پرين، يا قوتِ يمن! ڪجهه ويجهو ٿي.

    سڀ دور ڪري دوريون “خاطي”، سڀ ويڇا وساري ڇڏ سهڻا،
    اي جانِ تمّنا جانِ وفا، اي جانِ جا من! ڪجهه ويجهو ٿي.

    


    رنو آ گھڻو مون، اڃا ٿو رئاڙين،

    رنو آ گھڻو مون، اڃا ٿو رئاڙين،
    اڃا ڏئي جدايون، تون ڇو ٿو اجاڙين.

    منهنجي دل نرم آهي تولئه وندر ٿي،
    ڪري فوم تنهن کي، تون ڇو ٿو لتاڙين.

    منهنجو عرض نامون، تون هيڪر پڙهي ڏس،
    پڙهن کان اڳيئي، اهو ڇو ٿو ڦاڙين.

    گھمين غير سان گڏ، وري منهنجي مُنهن تي،
    ڀلا ڇو ٿو اهڙا، ڏئي سورَ ساڙين.

    اڳ ئي پڌرو ٿي پيو، آهي خان محمد،
    اڃا عيب ڪيرئي، جا ڇا لئه اگھاڙين.

    


    هر ڪنهن جو هي ڪردار آ،

    هر ڪنهن جو هي ڪردار آ،
    انسانُ اداڪار آ.

    هر ڪنهن جي ڪهاڻي جو،
    ڪوئي ته لکڻهار آ.

    آ ڪير هدايتڪار،
    ۽ ڪير صداڪار آ.

    ڪو درد دُٻو پاڻي،
    ڪو درد سمنڊُ تار آ.

    ڪا ڪِيهه ڪا خاموشي،
    جذبات جو اظهار آ.

    لاعلاج مريضن جو،
    تعويذ تي اعتبار آ

    ڪٿ روز ڳڙن ڳوڙها،
    ڪٿ ٽهڪ ئي ٽهڪار آ.

    بدمست جي بي شرمي،
    مسڪين شرمسار آ.

    انصاف ڪٿان ملندو،
    پڳدار جو بيڪار آ.

    ٿو ڪنڌ گھري “خاطي”،
    ڪهڙو هي ڪلاڪار آ.

    


    مون ڏي منهنجا مٺڙا، اچڻ تون ڇڏي ڏي،

    مون ڏي منهنجا مٺڙا، اچڻ تون ڇڏي ڏي،
    مونسان مرڪي مرڪي، ملڻ تون ڇڏي ڏي،

    اڪيلو ٿي آنسون، نه ڪي هارجان تون،
    مونکي ياد هاڻي، ڪرڻ تون ڇڏي ڏي،

    نه سوچيو هيوسين وڇوڙا به ٿيندا!
    مگر هاڻ خطڙا، لکڻ تون ڇڏي ڏي،

    جدا تنهنجون راهون، جدا منهنجا رستا،
    مون سان همسفر ٿي، هلڻ تون ڇڏي ڏي،

    اِئين سڪ نه پوري سڄڻ يار ٿيندي،
    اشارن ۾ سڀ ڪجهه، سلڻ تون ڇڏي ڏي،

    زماني ڏنو آ سهي سور وڃجان،
    متان جيءُ جلائين، جلڻ تون ڇڏي ڏي،

    ڀلا جي زمانو به ڪاوڙ ڪري ٿو،
    سٺو آ ته مون ڏي، ڏسڻ تون ڇڏي ڏي.

    خوشين ۾ سکن ۾ هجين تون هميشه،
    هي سورن ۾ “خاطي”، سڄڻ تون ڇڏي ڏي.

    


    تنهنجي قدمن ۾ سدا زندگي ڏني هئي مون،

    تنهنجي قدمن ۾ سدا زندگي ڏني هئي مون،
    تنهنجي چاهت پرين توکان گھري هئي مون.

    ڏسي پوڄا منهنجي ۽ تون به خدا ٿي ويٺين،
    ٿي چريو تنهنجي چاهه ۾ مسجد ڇڏي هئي مون.

    پنهنجي خادم کي مٺا ايڏي سزا نه ڏين ها،
    سدائين تنهنجي سِرَ جي، غلامي ڀري هئي مون.

    ڀلو ڪيئي اي پرين جو پاڻ ڀلائي ڇڏيَئي،
    اڃا به توکان پنهنجي دلڙي نه پلي هئي مون.

    گھري هڪ بي حس پٿر کان پيار هي ڪيريو چئي،
    وڏي خان محمد “خاطي” خطا ڪئي هئي مون.

    


    هي خيال اچي جي الجهن ٿا،

    هي خيال اچي جي الجهن ٿا،
    ڄڻ سيلهه ذهن ۾ ٽنبجن ٿا.

    ليڙا جي کلن ٿا رازن جا،
    سي مشڪل سان پو لنبجن ٿا.

    فيراق بکيا جي اُڊيڙيا سي،
    ميلاپ جي ڌاڳي سبجن ٿا.

    پيار جي پوک جا سونا داڻا،
    احساس ڪڏهن به نه سرجن ٿا.

    هو نهارَ جا پَورَ ٿو مرڪي هڻي،
    دل _ پوتيءَ تي ڇُر ڇرجن ٿا.

    چوڪيدار جي سيٽيءَ سان گڏ،
    ڪي سڏڪڻ جا سر ٻڌجن ٿا.

    چنڊ سان جاڳي ننڊ ڦٽائين،
    جن نيڻن جا سک لٽجن ٿا.

    شِر جا چٻرا وڻ وڻ ويٺا،
    هت خير جا ڳيرا ڪسجن ٿا.

    آزاديءَ لئه لڙڪ نه “خاطي”،
    پر دريا رت جا گھرجن ٿا.

    


    جنهن ڏينهن ڪنان دلبر آ مون کان رسي ويو،

    جنهن ڏينهن ڪنان دلبر آ مون کان رسي ويو،
    ڄڻ کنڊ ڀريو منهنجو آ جهاز ٻڏي ويو.

    جنهن عمر سڄي سانگين ۽ سنڌ کي ارپي،
    سو ساهه ڏئي ويو جو ٻڌم ساهه سُڪي ويو.

    ريڊيو تي ٻڌم رات هي “وڻجارا ورن ڙي”،
    ماضيءَ جي يادن جو ڪو گھاءُ کلي ويو.

    مهڪي ٿي حياتي هيءَ محبوبي نظر سان،
    پَرَ هن جي هٽائي نگاهه وجود ڀُري ويو.

    اڄ پيار جو پر چارڪ ورلي ڪو لڀي ٿو،
    حالات ڏسي اهڙي آ هوش اڏي ويو.

    او “خاطي”! ايئن ڇو اڄ مايوس لڳين پيو،
    راهيءَ جو سفر ۾ ڄڻ همراهه ٽٽي ويو.

    


    نفرت ٿِي پئِي ڄڻ ڏڊ آهي،

    نفرت ٿِي پئِي ڄڻ ڏڊ آهي،
    دشمنُ دشمنَ جي ڪڍ آهي.

    بڇڙي کي جئن جئن ٿو جھلجي،
    ويرئون وير اڃا وڌ آهي.

    رت جا رشتا رتُ روئارينِ،
    درد اهو بس بي حد آهي.

    احساس نه زندهه جنهن جو آ،
    انسان اهو ڄڻ اڌ آهي.

    مرڪڻ سڏڪڻ سڀ مصنوعي،
    جذبن تي پئي ڪا ٿڌ آهي.

    قرب بنا دل بنجر بنجر،
    پيار وارِي دل ڄڻ پڊ آهي.

    همدرديءَ جا ٻول ٻه ڪافي،
    دل ٿي ويندي گد گد آهي.

    ساٿ ڏکن ۾ ڏيئي جياري،
    ماڻهو ماڻهوءَ جو ڏڍ آهي.

    وقت سان گڏ گڏ آخر “خاطي”،
    ڀرجي ويندو هر وڍ آهي.

    


    منهنجي دل آ پيارَ ونگي،

    منهنجي دل آ پيارَ ونگي،
    منهنجون سوچون ست رنگي،

    دل جي اندر واري دنيا،
    بي حد لاحد ريءَ دنگي.

    هن کان هن کي گھريو مون،
    ٻيو هن کان هن جي تار منگي،

    شهرت عزت مليڪت جام آ،
    پر هڪ محبت جي آ تنگي.

    تينءَ حياتيءَ لئه چاهت جيئن،
    وارَ سنوارڻ ڪاڻ ڪنگي.

    مون ۾ ڪهڙي سگهه او سائين!
    توتي آهي ننگ ننگي.

    لفظ خماريل ٿي پيا “خاطي”،
    ڏاههَ جي ڏينڀن ڏات ڏنگي.

    


    کڻي ڇونه ڪيڏو سڄڻ کي غرور آ،

    کڻي ڇونه ڪيڏو سڄڻ کي غرور آ،
    سلامي مگر ان جي ڀرڻي ضرور آ.

    مڙن ٿا هزارين پتنگا انهي تي،
    پرينءَ واري چهري ۾ ايڏو ته نور آ.

    شرابن جي مونکي ضرورت نه ساقي!
    صنم جي نگاهن ڏنو هي سرور آ.

    دنيا چنڊ _ آڪاش واري تي پهتي،
    مگر چنڊ زميني اڃا مونکان دور آ.

    قبولي نه ڪڏهن آهي عشق بندش،
    ڪجي ڇا چيو“هن” ته مونکي منظور آ.

    “خاطي” خان محمد کلندي ڏسو ٿا،
    مگر ان جو اندر سڄو چڪنا چور آ.

    


    پنهنجي عاشق جو پرين، اچ آخري ديدار ڪر،

    پنهنجي عاشق جو پرين، اچ آخري ديدار ڪر،
    هن حياتيءَ منجهه جاني، پرچي مونسان پيار ڪر.

    منهنجي هاڻي آخري بس آس هيءَ آهي مٺا،
    هڪڙو ڀيرو ٻانهون پنهنجون هن گلي جو هار ڪر.

    دل ڏکويل آ گھڻي هن کي آٿت ڏي اچي،
    اڄ ملي محبوب مونسان الفتي اظهار ڪر.

    چئن ڏينهنِ جي جدائي جيءُ ٿي جهوري ڇڏي،
    هن هميشه دور ويندڙ جو وري ويچار ڪر.

    الوداع جي ويل آئي قرب ڪيرئي تي ڪري،
    ويهه ويجهو ٿي کلي خوش اڄ نه تون انڪار ڪر.

    


    ڪـافـيـون , وايــون / گـــيـــت / نـــظــــم / بـــيــــت / چــؤسـٽــا

    اسان جو پيار اڻپورو،

    اسان جو پيار اڻپورو،
    اسان جو پيار اڻپورو.

    سڌو سچ پڻ چيوسين ٿي، ڪڏهن ڀوڳن مذاقن ۾،
    ڪڏهن رومال ۾ ويڙهي، ڪڏهن گونگن اشارن ۾،
    لکياسين شعر هي ڏاڍا، رسالن ۾ ڪتابن ۾،
    الائي ڇو نه سمجهيائون، رناسين رهگذارن ۾،
    ڪياسين وس ٻڌائڻ لئه، رهيو اظهار اڻپورو!


    اسان جو پيار اڻپورو.
    اسان جو پيار اڻپورو.

    مرڪ جا خوب لهجا ۽، عجب چرپر به چپڙن جي،
    غضب جا گل جهڙا غمزه، نزاڪت ناز نخرن جي،
    ترن جي ڇا ته بيهڪ آ، وڌائن سونهن ڳلڙن جي،
    اکيون ڍاپن نٿيون ڏسندي، سريلي سونهن سهڻن جي،
    ڪيون محسوس دم دم ٿا، ٿيو ديدار اڻپورو!.



    اسان جو پيار اڻپورو.
    اسان جو پيار اڻپورو.

    ڏنوسين ڏئي ڇڏيوسين بس، وري واپس نه ورتوسين،
    اسان کي ڪنهن ڏنو ٿورو، ڦٻائڻ ڏوهه سمجهيوسين،
    سچائي سادگي ۾ خود، کرو کوٽو نه پرکيوسين،
    سڃاتوسين کڻي ڪنهن کي، نه ٻاڙو پو به ٻوليوسين،
    وٺڻ وڪڻڻ نه ڄاتوسين، رهيو واپار اڻپورو!



    اسان جو پيار اڻپورو.
    اسان جو پيار اڻپورو.

    نه پنهنجن يا پراون ۾، گهڻو مقبول ڪو ٿياسين،
    سڏي وچ ۾ وهارن هُو، سو اِن لائق نه بڻياسين،
    سدا تن جي اميدن تي، لهي پورو نه سگهياسين،
    خلوص جي خول مان “خاطي”، نه نڪتاسين، نه وڻياسين،
    تڏهن تن جو، اسان جو پڻ، رهيو سهڪار اڻپورو!


    اسان جو پيار اڻپورو،
    اسان جو پيار اڻپورو.


    محبوب مران ٿو مان،

    محبوب مران ٿو مان،
    تو ڪاڻ سڪان ٿو مان.

    هت ڏينهن لهي ئي نه ٿو،
    آرام اچي ئي نه ٿو،
    تڙپان ۽ لڇان ٿو مان.

    هت رات کٽي ئي نه ٿي،
    ڪا باک ڦٽي ئي نه ٿي،
    دردن ۾ دکان ٿو مان.

    ڪي سال ويا گذري،
    هت حال ويا اجڙي،
    مستانو لڳان ٿو مان.

    هي راز سليان ڪنهن سان،
    اظهار ڪريان ڪنهن سان،
    پڄران ۽ پچان ٿو مان.

    ڪا چيز سٺي ناهي،
    هت ڪا به خوشي ناهي،
    “خاطي” نه کلان ٿو مان.


    واريءَ جو گھر ٺاهيو مون هو،

    واريءَ جو گھر ٺاهيو مون هو،
    هڪڙي چنڊ کي چاهيو مون هو.

    ٻين جون ياريون باشيون ڏسي مون،
    محلاتون ۽ ماڙيون ڏسي مون،
    پنهنجو جھوپو ڊاهيو مون هو،
    هڪڙي چنڊ کي چاهيو مون هو.

    سوچيم ٿيندو ڪناري ڀيڙو،
    پر هو پنهنجو جھونو ٻيڙو،
    اوڙاھ اندر سو لاهيو مون هو،
    هڪڙي چنڊ کي چاهيو مون هو.

    اوجھڙ گرچڻ جھاڪا واري،
    گس جي حالت اهڙي “خاطي”،
    ان سان گاڏو ڪاهيو مون هو،
    هڪڙي چنڊ کي چاهيو مون هو.


    اها تنهنجي ئي دولت آ، جدائيءَ جو سبب سائين،

    اها تنهنجي ئي دولت آ، جدائيءَ جو سبب سائين،
    ٻيو منهنجي به غربت آ، جدائيءَ جو سبب سائين.

    گھڻا ڪم واسطا ياريون، صفا مصروف گھارين ٿو،
    اسان جھڙن غريبن لاءِ تو وٽ وقت ڪونهي ڪو،
    اها تنهنجي ئي عادت آ،جدائيءَ جو سبب سائين.

    تنهنجا مهمان سڀ چالاڪ هڪ سادو ٺهان ڪيئن مان،
    تنهنجي تقريب روزانو هٿين خالي اچان ڪيئن مان،
    اها سچ پچ حقيقت آ، جدائيءَ جو سبب سائين.

    اٺين دنگ تي اسين پر “هُو” اڳيان سڀ مطلبي ماڻھون،
    اسين جن کي نه ٿا چاهيون ڏسڻ هرگز اکين سامهون،
    انهن سان تنهنجي رغبت آ، جدائيءَ جو سبب سائين.

    سدا گڏ گڏ رهڻ وارا ٿيئي ڇا دور ٿي وئين تون،
    گھڻو چاهيم جڏهن توکي تڏهن مغرور ٿي وئين تون،
    منهنجي بي لوث محبت آ، جدائيءَ جو سبب سائين.

    زمانو پيو ڪري سڀڪجھ ،رڳو دل مون نه آ لاتي،
    کڻان وک ٿو کڄن ٿا هٿ اهو شاعر اهو “خاطي”،
    بڻي منهنجي به شهرت آ، جدائيءَ جو سبب سائين.


    آسرا آسرا آسرا آسرا،

    آسرا آسرا آسرا آسرا،
    آسرن ۾ گھڻو ئي ڦرايو اسان،
    واسطا واسطا واسطا واسطا،
    واسطن ۾ گھڻو ئي لٽايو اسان.

    فون خط ۽ نياپا ، انهن جي بِلي،
    روز ماکيون مکڻ سوکڙيون موڪلي،
    رابطا رابطا رابطا رابطا،
    رابطن ۾ گھڻو ئي وڃايو اسان.

    بي وفايون جدايون وڇوڙا وڏا،
    زندگيءَ ۾ ڏکيا موڙ آيا گھڻا،
    حادثا حادثا حادثا حادثا،
    حادثن مان گھڻو ئي پرايو اسان.

    پنڌ “خاطي” پري پُر خطر پيچرا،
    پوءِ به ڪاهيون پيا منَ ٿيون ويجھڙا،
    فاصلا فاصلا فاصلا فاصلا،
    فاصلن کي گھڻو ئي گھٽايو اسان.


    وري پيارا ڪيو پنهنجو، پنهنجي عاشق پراڻي کي،

    وري پيارا ڪيو پنهنجو، پنهنجي عاشق پراڻي کي،
    پنهنجي عاشق پراڻي کي، صفا سادي نماڻي کي.

    رسڻ پرچڻ به آ ٿيندو، يڪو منهن ڪير موڙيندو،
    ميارون روبرو ماڻهو، پرين پنهنجن سان کوليندو،
    رڳو دانهون وتين ڏيندو، فلاڻي کي فلاڻي کي.

    سنجھا ٽاڻي خدا ڄاڻي، سڪايل روح ٿو تاڻي،
    اڃان ڪيسين چريو چت هي، وڇوڙي جا مزا ماڻي،
    اچو هاڻي اچو هاڻي، ڇڏيو اڄ يا سڀاڻي کي.

    نئين چاهت اسان لاتي، تڏهن آتي هيئي ڇاتي،
    اهي ڏينهن شروعاتي، هئا ڪيڏا نه جذباتي،
    اها ساري وفا “خاطي”، اچو ويجھو اياڻي کي.


    منهنجي الائي ڇو ، ننڊ ڦٽي وئي،

    منهنجي الائي ڇو ، ننڊ ڦٽي وئي،
    اڀريو چوڏهينءَ چنڊ آ.

    مَن ۾ يادون لهرون لهرون،
    ڪو ڀريو پيو ته سمنڊ آ.

    گم سم آهيان ۽ ٽٻيون هڻان پيو،
    محسوس ٿئي پيو ته منڊ آ.

    اڄ چانڊوڪي، تصور هن جو،
    ڄڻ کير ۾ “خاطي” کنڊ آ.


    هر ڪنهن کي آهي تنهنجي ديدار جي تمنّا،

    هر ڪنهن کي آهي تنهنجي ديدار جي تمنّا،
    هر دل مٿان آ حاوي اِن پيار جي تمنا.

    ماڻهو مَلَڪَ ۽ جن ڇا ، مڇيون گھرن دعائون،
    سڀ جانور پکي پڻ تنهنجون ٿا ڪن پڇائون،
    تو دلربا جي درشن اک ٺارَ جي تمنا.

    گلشن جا گل ۽ مکڙيون ، وڻ ٽڻ ۽ گونچ سارا،
    حيران سڀ ڏسڻ لئه سج چنڊ ۽ ستارا،
    سڀني کي آهي جلوي ، جهلڪار جي تمنا.

    بدحالَ مون مٿان بس تو يار جي نظر ٿئي،
    ڪيرئي جي تنهنجي قدمن ۾ زندگي بسر ٿئي،
    “خاطي” خان محمد خاڪسار جي تمنا.


    اک توسان اڙڻ کانپوءِ، وري راز نئون ٿي پيو،

    اک توسان اڙڻ کانپوءِ، وري راز نئون ٿي پيو،
    دل توکي ڏيڻ کانپوءِ، وري راز نئون ٿي پيو.

    ڪا ڄاڻ نه هئي مونکي، هيءَ دنيا به ڇا آهي،
    ڇا منزل آ منهنجي، ڪيڏانهن وڃان ڪاهي،
    واسطو هي رکڻ کانپوءِ، وري راز نئون ٿي پيو.

    ٿي سور سٺم سر تي، بي چين حياتي هئي،
    در در تي رُليس ڏاڍو ڪٿ ڪين وفائي هئي،
    در تنهنجي اچڻ کانپوءِ، وري راز نئون ٿي پيو.

    غم دور ٿيا “خاطي”، دامن جي جھليم تنهنجي،
    ٿيا قرب چئي ڪيريو هر آس پني منهنجي،
    هي پيار ملڻ کانپوءِ، وري راز نئون ٿي پيو.


    هي بهارون هي بهارون،

    هي بهارون هي بهارون،
    الفتن جون يادگارون.

    ٿڌڙا جهوٽا هي صبا جا،
    مست موسم هي ملارون،
    الفتن جون يادگارون.

    بلبل جي نغمه سرائي،
    ۽ چتن جون هي چونگارون،
    الفتن جون يادگارون.

    هي گلابي واڱڻائي،
    ڳاڙهن گلڙن جون قطارون،
    الفتن جون يادگارون.

    خان محمد ڪيريو نه هوندو،
    شعر ان جا هوندا سارون،
    الفتن جون يادگارون.


    ٻه دليون ملن ٿيون دنيا ڇو سڙي ٿي،

    ٻه دليون ملن ٿيون دنيا ڇو سڙي ٿي،
    ڀلا ڇا ٿِي پيو جي محبت وڌي ٿي.

    ڇا بگڙيو دنيا جو ٻه مرڪي مليا جي،
    ويهي ڪنهن جي ڪنهن جا ٻه ڳوڙها اگهيا جي،
    ڀلائي ڪرڻ سان ته دلڙي ٺري ٿي.

    نه ڪوڙن ٺڳن ۽ نه چوريءَ کان نفرت،
    نه جواري شرابي ۽ خونيءَ کان نفرت،
    پريميءَ کان پو ڇو نفرت لڳي ٿي.

    جتي گل ٽڙن ٿا ته ڀنئور ڦرن ٿا،
    اهي بي ڊپا ٿي گلن کي چمن ٿا،
    ته پروانه ايندا شمع جي جلي ٿي.

    جن خان محمد نه محبّت ڏٺي آ،
    انهن کي خبر ڇا ته محبت مٺي آ،
    محبت ۾ ڪيرئي کي راحت ملي ٿي.


    مان نه هان مجبور تولئه عشق هِي مجبور آ،

    مان نه هان مجبور تولئه عشق هِي مجبور آ،
    تون ناهين مغرور تنهنجو حسن هِي مغرور آ.

    مون وسارڻ توکي چاهيو عشق روح ئي نه پليو،
    تون ته منهنجو ٿي چُڪين پر حسن توکي پڻ جهليو،
    ڏوهه آ تنهنجو نڪي ۽ منهنجو ڪين قصُور آ.

    عشق منهنجو آ امر جو ٿيڻو ناهي هِي فنا،
    پر سڄڻ مغرور تنهنجو حسن آهي بي بقا،
    اڄ کڻي ملڪن اندر تنهنجو حسن مشهور آ.

    عيب سڀ مون ۾ مٺا پر تون نه ٿي پيارا پري،
    اچ ملي هڪ ٿيون ٻئي اڄ ڪيريو آزي ڪري،
    پاڻ ۾ پرچڻ رسڻ هِي پيار جو دستور آ.


    ڏسي توڏي سهڻا ۽ مون ڏي ڏسان ٿو،

    ڏسي توڏي سهڻا ۽ مون ڏي ڏسان ٿو،
    ڏسي قرب تنهنجا شرمسار ٿيان ٿو.

    هي پرڪيف نظرون ۽ معصوم چهرو،
    مٿان تن جي واسينگ وارن جو پهرو،
    هيڏانهن پيار تنهنجو هوڏانهن مان ڊڄان ٿو.

    منهنجي حال کان وڌ عنايت اوهان جي،
    اچي زندگي اڄ سنواريئي اسان جي ،
    حقيقت آهي يا سپنو هي لهان ٿو.

    عجب ۾ وڌو تنهنجي ناگاهه آمد،
    ايڏي ٿوري لائق نه هو خان محمد،
    دلي طور تنهنجا ٿورا مان مڃان ٿو.


    روز شب سڪ ۾ رهي، پاڪ محبت مون ڪئي،

    روز شب سڪ ۾ رهي، پاڪ محبت مون ڪئي،
    سڀ ستم سر تي سهي، پاڪ محبت مون ڪئي.

    سوز جا سٽيَل سوين جڳ ۾ ديوانا رهن،
    لوڪ جا ننڍڙا وڏا چريو تن کي ٿا چون،
    پاڻ کي چريو چئي، پاڪ محبت مون ڪئي.

    ادب ۽ احترام سان من گهرئي محبوب جي،
    مجسمهء وفا بڻي هڪ مٺي محجوب جي،
    عمر ڀر عزت رکي، پاڪ محبت مون ڪئي.

    خان محمد ميري هئي اڳ منهنجي محبت صفا،
    تهه چڙهيل ها تنهن مٿان ساڙ ۽ ڪيني سندا،
    غسل ڳوڙهن جو ڏئي، پاڪ محبت مون ڪئي.


    تون سونهن آن سراپا، تون حسن جو خزانو،

    تون سونهن آن سراپا، تون حسن جو خزانو،
    تون ڪنهن ڪويءَ جو آهين سپنو صنم سُهانو.

    گلڙن سندي ٽاري، مصور جي چترڪاري،
    آهين تون اي صنم،
    تخليڪار جي تون تخليق جو بهانو.

    پلڪن جي جڏهن جهالر، اکڙين تي لاهين دلبر،
    ڄڻ شام ٿيو پوي،
    ڇڙيو ڪري ٿو ڇانوَ هي، ذلفن جو شاميانو.

    ڪنئورو ڪپهه جيان تون، ڀنئورن جي آجيان تون،
    تازو گلاب تون،
    ڪويل به ڳائي تنهنجو ٿي تعريفي ترانو.

    تنهنجو هي “خاطي” ڪيريو، توکي ڏسي آ جِي پيو،
    مولا گواهه آ،
    هڪڙو نه مان جِيُس پر، سارو جئي زمانو.


    زمانا! اسان کي ملڻ کان ٿو روڪين!؟

    زمانا! اسان کي ملڻ کان ٿو روڪين!؟
    پريان ڏس ته ڪيئن هو پکي ٻئي ملن پيا،
    انهن کي ته جهل تون؟

    دکي دل جي مکڙي کلڻ کان ٿو روڪين!
    هي گلشن ۾ گلڙا هزارين ٽڙن پيا،
    انهن کي ته جهل تون؟

    اي مالهي! اسان لئه ته ممنوع خوشبوءِ!
    سرِ عام پوپٽ گلن کي چمن پيا،
    انهن کي ته جهل تون؟

    اسين چاهه وارا سِڪون ساٿ ڪارڻ!
    مگر خار گلڙن سان گڏجي رهن پيا،
    انهن کي ته جهل تون؟

    پرين! تنهنجي ويجهو اچان ٿو وڙهين ٿو!
    هوا جا هي جهوٽا بدن کي ڇهن پيا،
    انهن کي ته جهل تون؟

    نظر هڪ نڇاور ڪيان مان ته ڪاوڙ!
    سڀئي چنڊ تارا ته گهوري ڏسن پيا،
    انهن کي ته جهل تون؟

    اي ساقي! صراحيءَ مان پيارڻ ڇڏيو تو!
    مگر جام نظرن مان پياسي پين پيا،
    انهن کي ته جهل تون؟

    او “خاطي”! ڪڇڻ کان تو روڪيو زبانُ کي!
    مگر خان محمد! هي ڳوڙها ڳڙن پيا،
    انهن کي ته جهل تون؟


    جڏهن هن چيو اچ هاڻِي موڪلايون،

    جڏهن هن چيو اچ هاڻِي موڪلايون،
    الائي ته ڇو هي اکيون ڀرجي آيون،
    سڄڻ الوداعي ڳراهٽيون ٿي پايون،
    الائي ته ڇو هي اکيون ڀرجي آيون.

    جڏهن پن ڪو وڻ مان ڇڻندي ڏٺو مون،
    جڏهن گل پٽيل ڪو سڪندي ڏٺو مون،
    ته سمجهي ويس پو ، ڇا آهن جدايون،
    الائي ته ڇو هي اکيون ڀرجي آيون.

    پڇيو مون پتنگ کان شمع لئه جلين ڇو؟
    چڪور کي چيم چنڊ ڏي تون تڪين ڇو؟
    چيائون اسان ڇو ته دليون لڳايون،
    الائي ته ڇو هي اکيون ڀرجي آيون.

    هو پولار ۾ پنڇي ڀٽڪي پيو ڇو؟
    هو صحرا ۾ سيلاني وڙڪي پيو ڇو؟
    ٻڏس سوچ ۾ ڇو مِليَن هيڪلايون،
    الائي ته ڇو هي اکيون ڀرجي آيون.

    جڏهن سج سمنڊ ۾ سنجهي ئي ٻڏي ويو،
    ڪو ديويءَ جي ٽاريءَ کي دل ۾ رکي ويو،
    اداسين چيو اچ ته سينو ملايون،
    الائي ته ڇو هي اکيون ڀرجي آيون.

    هو راڳيءَ جو آلاپ آڌيءَ ڌاري،
    ويو جيءَ ۾ نئون ڪو آڙاهه ٻاري،
    اهو “خاطي” ڪيريو چئي ڪيئن اجهايون،
    الائي ته ڇو هي اکيون ڀرجي آيون.


    چنڊ هيٺ لهي نه سگهيو،

    چنڊ هيٺ لهي نه سگهيو،
    بس پيار ملي نه سگهيو.

    آکيرو ڪري وڻ تي،
    ڪو شِينهن رهي نه سگهيو،
    بس پيار ملي نه سگهيو.

    ٽَڪرن جي هڻڻ سان ڪٿ،
    ڪو پهاڙ ڀري نه سگهيو،
    بس پيار ملي نه سگهيو.

    پرواز ڪري پَرَ سان،
    هاٿي به اڏي نه سگهيو،
    بس پيار ملي نه سگهيو.

    سوراخ سئيءَ جي مان،
    ڪو اٺ به لنگهي نه سگهيو،
    بس پيار ملي نه سگهيو.

    ڪنهن واهه سندو پاڻي،
    اوڀارو وهي نه سگهيو،
    بس پيار ملي سگهيو.

    ٿئي ڇا به ٻٻرَ وڻ مان،
    ڪو ٻير ڇڻي نه سگهيو،
    بس پيار ملي نه سگهيو.

    چنڊ تائين حياتيءَ ڀر،
    ڪو چڪور پڄي نه سگهيو،
    بس پيار ملي نه سگهيو.

    سئيءَ ساڻ ڪڏهن کوٽي،
    ڪو کوهه کڻي نه سگهيو،
    بس پيار ملي نه سگهيو.

    توکان ئي تنهنجو “خاطي”،
    توکي ئي گهري نه سگهيو،
    بس پيار ملي نه سگهيو.


    روئي راهون تنهنجون نِهارين ٿيون اکيون،

    روئي راهون تنهنجون نِهارين ٿيون اکيون،
    ڳوڙها هجر فراق ۾ ڳاڙين ٿيون اکيون.

    جنهن ڏينهن لاڪون توسان ٿيو واسطو اٿن،
    ان ڏينهن لاڪون توکي سدا ياد ٿيون رکن،
    هڪڙي گهڙي نه تو کي وسارين ٿيون اکيون.

    تصور ۾ روز تنهنجي تصوير ٿيون پسن،
    وسندڙ ڪڪر جيان ڪيو هي وڏ ڦڙو وسن،
    تنهنجي غمن ۾ گم ٿي گذارِين ٿيون اکيون.

    شل قربدارَ تنهنجو سايو قريب ٿئي،
    دم دم دعا گهرن هيءَ درشن نصيب ٿئي،
    درشن جو شوق “خاطي” ڌارين ٿيون اکيون.


    آڙاهه عشق جي جِي اڌمن ڀري ڪهاڻي،

    آڙاهه عشق جي جِي اڌمن ڀري ڪهاڻي،
    ڪنهن سان ڀلا سا سليان صدمن ڀري ڪهاڻي.

    دلڙي جلي ڀسم ٿِي آ برهه باهه ٻاري،
    ڦٽڙا ناسور ٿِي پيا، تن مان آ خون جاري،
    دل ۾ دکن ٿا دونهان، دردن ڀري ڪهاڻي.

    ڪانهي ڪا موج مستي، وسري وئي خوشي آ،
    شب روز آهي ڳڻتي، ٿي زهر زندگي آ،
    آ سوز ۽ سورن جي سڏڪن ڀري ڪهاڻي.

    مجبورين آ مون سان بس ڇيهه ڪري ڇڏيو جو،
    سانڍي نٿو سگهان مان هي هانءُ ٿو ڏري پيو،
    اٿلي پئي اکين مان لڙڪن ڀري ڪهاڻي.

    ڪوئي نه حال محرم، ڪوئي نه حال ڀائي،
    تڙپائي ٿي غمن ۾ پلپل پئي تنهائي،
    فيراق ڦوڙائي جي فڪرن ڀري ڪهاڻي.

    اڌ پنڌ ۾ او “خاطي”! گهائي صنم نظر سان،
    ٿي ڌار همسفر ويو جيون جي شاهراهه تان،
    رهجي وئي اڌوري قربن ڀري ڪهاڻي.


    توسان منهنجو پيار ــــ او پيارا،

    توسان منهنجو پيار ــــ او پيارا،
    توسان منهنجو پيار.

    منهنجي من جي سنڌوءَ ۾ بس،
    تون تون تارو تار ـــ او پيارا.

    سهڻيون سندر تنهنجون ادائون،
    منهنجي هيئين هارُ ـــ او پيارا.

    صدقي صدقي توتان صدقي،
    سارو هي سنسار ــــ او پيارا.

    ڌرتيءَ جي گولي تي هڪ ئي،
    پيارو تنهنجو پار ـــ او پيارا.

    توکان عيوض ڪونه گهران ٿو،
    ناهي هي واپار ـــ او پيارا.

    دل تي هرگز ڪونه هُري ٿو،
    ڊالر يا دينار ـــ او پيارا.

    منهنجا “خاطي” گيت غزل سڀ،
    صرف اهو اظهار ـــ او پيارا.
    توسان منهنجو پيار.


    ٿِئين تشريف فرما تون، توتان قربان ڇا ڪريان،

    ٿِئين تشريف فرما تون، توتان قربان ڇا ڪريان،
    الائي ڪيئن عنايت ٿي، اچڻ جي ڇا بها ڪريان.

    وڇايان وار قدمن ۾، توکي دل ۾ سمايان مان،
    مناسب جاءِ ٻي ڪانهي، اکين ۾ اچ لڪايان مان.
    ڏيان مان حاضري ڪهڙي، ڪهڙي قيمت ادا ڪريان.

    الائي ڪيئن نصيبن سان، ٿيو مون وٽ اچڻ تنهنجو،
    وريا اڄ بخت منهنجا ۽، بڻيو گلشن اڱڻ منهنجو،
    هجن ها ڪاش سئو سرڙا، سڀئي توتان فدا ڪريان.

    نه هو لائق نماڻو هي، ڪرڻ ايڏي لطف تنهنجي،
    نه آ چيز اهڙي جو، هجي شاني شرف تنهنجي،
    رڳو نوڙت نيازي آ، اها ئي پيو عطا ڪريان.

    نه وڃ تون شام ٿي وئي آ، اڃا “خاطيءَ” کي حب تنهنجي،
    تنهنجي هن خاص خادم کي، اڃا تائين طلب تنهنجي،
    ڀلا ڪيئن موڪلايان ۽، اوهانکي الوداع ڪريان.


    هي غم الم ۽ زخم هي گهرا، سدائين قائم رهي نه سگهندا.

    هي غم الم ۽ زخم هي گهرا، سدائين قائم رهي نه سگهندا.
    پريم پنهنجي مٿان هي پهرا، سدائين قائم رهي نه سگهندا.

    وفا ڪئي سين سزا ڏني ٿن، ملڻ کلڻ کان جهليو آهي جن،



    انهن رقيبن سندا سي چهرا،
    سدائين قائم رهي نه سگهندا.

    صبح مسا هي پنهنجي ڪنن ۾، وڄن ٿا خطري جا سائرن جي،




    اهي به گهوگهوءَ وارا لهرا،
    سدائين قائم رهي نه سگهندا.

    اميد آ، هِي سماج وارا، سچائي سمجهي سجاڳ ٿيندا،




    رواج گونگا انڌا ۽ بهرا،
    سدائين قائم رهي نه سگهندا.

    خدا ڪندو شل خوشيون ڪنداسين، ختم ٿي ويندا هي خوف سارا،

    اسان تي “خاطي” هي ڏينهن کهرا،
    سدائين قائم رهي نه سگهندا.


    اڃا سور ساڳيا، ٿڌا ساهه آهون،

    اڃا سور ساڳيا، ٿڌا ساهه آهون،
    اڃا ڪيستائين نهاريان مان راهون.

    ٿيو آهي عرصو نڪي مون کليو آ،
    رڳو درد دنيا وارن کان مليو آ،
    اڃا لڙڪ ساڳيا پرنم نگاهون.

    ٿي سنسان دل آ ۽ ويران دل آ،
    سوا تنهنجي سهڻا پريشان دل آ،
    اڃا هي اوسيئڙو اڃا ڪوڪون دانهون.

    اڃا خان محمد اڱڻ ٿو ٻهاري،
    اڃا ڪيريو روئي ٿو راتيون گذاري،
    هلي آءُ هاڻي ٻڌائين ٿو ٻانهون.


    پاڻ سينگاري اچي، پو وڌو تو گهور ڇو،

    پاڻ سينگاري اچي، پو وڌو تو گهور ڇو،
    پو وڌو تو گهور ڇو، من ڪيئي مجبور ڇو.

    تو نگاهون ناز سان،
    ڇو کڻي انداز سان،
    ماريئي معذور ڇو.

    دل کسڻ ڌاڙا هڻڻ،
    قيد واٽهڙو ڪرڻ،
    سو ڪيئي منظور ڇو.

    مونکي منڊي موهه ۾،
    ڪهڙي “خاطي” ڏوهه ۾،
    ٿي وئين مغرور ڇو،
    من ڪيئي مجبور ڇو.


    ڏٺم چنڊ توکي به اڀرندي ۽ لهندي،

    ڏٺم چنڊ توکي به اڀرندي ۽ لهندي،
    سوين روپ ڌارين پرينءَ کي نه پڄندي.

    هجن ٿر ۾ چانڊوڪيون راتيون ڇا،
    ڀٽن ڀر يا پويان لڪي جهاتيون ڇا،
    ڏٺم نور تنهنجو ڪارونجهر تي ڪرندي،
    سوين روپ ڌارين پرينءَ کي نه پڄندي.

    تون گلشن تي اُڀري ٿو جلوا پکيڙين،
    پيو راند سنڌوءَ جي لهرن سان کيڏين،
    ڏٺم توکي ڪينجهرَ هندوري ۾ لڏندي،
    سوين روپ ڌارين پرينءَ کي نه پڄندي.

    ڪڪر جي نقابن ۾ منهڙو لڪائي،
    ڪڏهن پاڻ سنهڙو ڪڏهن ڳچ پسائي،
    ڪڏهن ڦوهه جوڀن لڳين گهوٽ گهمندي،
    سوين روپ ڌارين پرينءَ کي نه پڄندي.

    لڪن خان محمد ٿا توکان ستارا،
    وڻن چنڊ تنهنجا نظارا پيارا،
    مگر محب سامهون ڪڏهن ڪونه وڻندي،
    سوين روپ ڌارين پرينءَ کي نه پڄندي.


    هت غمن ۾ ٿي گذاريم، تون هُئين پيارا ڪٿي،

    هت غمن ۾ ٿي گذاريم، تون هُئين پيارا ڪٿي،
    روز واٽون ٿي نهاريم، تون هئين پيارا ڪٿي.

    رات ڏينهن رينهون ڪري، سچ سڄڻ توکي سڏيم،


    پيار مان پلپل پڪاريم.
    تون هئين پيارا ڪٿي.

    پيس ٿڪي تنهنجو پڇي پر، ڪونه پيو تنهنجو ڪو ڏس،


    هر گهڙي هنجهون ٿي هاريم.
    تون هئين پيارا ڪٿي.

    اڄ نصيبن ساڻ مس مس، تون سڄڻ آئين اڱڻ،


    سال سارو سڪ ۾ گهاريم.
    تون هئين پيارا ڪٿي.

    خان محمد ڪيرئي کي اي پرين پنهنجو تون ڪر،


    آسري ۾ روز ساريم.
    تون هئين پيارا ڪٿي.


    صورت صفا وئي گهنج ٿي،

    صورت صفا وئي گهنج ٿي،
    گل مرجهائجي ويو.

    سندرتا وئي موڪلائي،
    نه ئي اها رنگت رهي.....
    گل مرجهائجي ويو.

    سج جواني وارو الهيو،
    وري نه واپس ايندي وهي.....
    گل مرجهائجي ويو.

    اڄ اڪيلو ان کي ڇڏي،
    خود خوشبو وئي اڏي.....
    گل مرجهائجي ويو.

    پيڙا جي پاري ۾ سڙي،
    يا جهوريءَ جهولي ۾ سڪي.....
    گل مرجهائجي ويو.

    زندگيءَ جي شام ڌاري،
    نه شگفتگي نه ئي تازگي.....
    گل مرجهائجي ويو.

    جوڀن جي بهار واري،
    “خاطي” نه رهي خوبصورتي.....
    گل مرجهائجي ويو .


    نه ڇرڪين ها نه ڇڙٻين ها،

    نه ڇرڪين ها نه ڇڙٻين ها،
    پرين پنهنجو جي سمجهين ها،
    ملي مون ساڻ هڪ ٿين ها،
    پرين پنهنجو جي سمجهين ها.

    سمورو حال سمڌ ئي ٿي،
    ڏکن ۾ آ ٻڌو هَئي جي،
    اچي ان ويل پهچين ها،
    پرين پنهنجو جي سمجهين ها.

    گهڻيون منٿون ڪيم توکي،
    ٻڌي ٻانهون چيم توکي،
    رڳو هڪ رات ترسين ها،
    پرين پنهجو جي سمجهين ها.

    رئارين ها، کلائين ها،
    ڪري هُج آزمائين ها،
    رُسي پوءِ جلد پرچين ها،
    پرين پنهنجو جي سمجهين ها.


    دکن دردن ڀريون ڳالهيون،

    دکن دردن ڀريون ڳالهيون،
    چري دل جون چريون ڳالهيون،
    ٻڌڻ سان تون به تڙپين ها،
    پرين پنهنجو جي سمجهين ها.

    نه پنهنجائپ اها چئبي،
    مٺا محبت نه آ مئبي،
    بنا ڪٿ پيار ارپين ها،
    پرين پنهنجو جي سمجهين ها.

    نه پنهنجائپ حسابن ۾،
    نه پنهنجائپ حجابن ۾،
    اهي ڳالهيون به پرکين ها،
    پرين پنهنجو جي سمجهين ها.

    سڄي دنيا ڇڏي آيس،
    سڄڻ تنهنجي تڏي آيس،
    خطا “خاطيءَ” کي بخشين ها،
    پرين پنهنجو جي سمجهين ها.


    قرب توسان جو ڪيم، حال منهنجو هي ٿيم،

    قرب توسان جو ڪيم، حال منهنجو هي ٿيم،
    جانِ جهوريءَ ۾ جهريم، حال منهنجو هي ٿيم.

    ويو ڳري آهيان صفا، سَتُ نه آهي جان ۾،
    آ اثر اهڙو پرين ٻيو اکين جي ڪانَ ۾،
    تير تو اهڙو هنيم ، حال منهنجو هي ٿيم.

    پيو پتو هاڻي اٿم تون آهين قاتل مٺا،
    درد وارا مون جهڙا، تو صنم ڪيئي ڪُٺا،
    ريءَ ڪاتيءَ تو ڪٺم، حال منهنجو هي ٿيم.

    ڪئي خطا “خاطيءَ” ڪهڙي، ڏوهه ڏس ڪهڙو ڪيم،
    قرب ڪيرئي آ ڪيو سا سزا شايد مليم،
    روز شب تو لئه رنم، حال منهنجو هي ٿيم.


    ڀري پير مون وٽ منهنجو محب آيو،

    ڀري پير مون وٽ منهنجو محب آيو،
    گهري پئي دعا مون مولا سو ملايو.

    جنهن جي اچڻ سان هٻڪار ٿي ويا،
    اڱڻ ۾ الاهي ته چمڪار ٿي ويا،
    هيس چهرو چنڊ کان سونهن ۾ سوايو.

    نه احوال ان آڏو اوري سگهيس مان،
    کڻي نيڻ خاموش ڏسندو رهيس مان،
    پرينءَ کي پسي هوش مون هو وڃايو.

    سڀئي خوف خطرا ٿي “خاطي” ختم ويا،
    ڀلارن جا داخل اڱڻ ۾ قدم ٿيا،
    ڪري ڪرم ڪيريو ، پنهنجو تن بنايو.


    هيڪل ۽ وياڪل مان،

    هيڪل ۽ وياڪل مان،
    سورن جو ستايل مان،
    هت ڪير نه آ منهنجو،
    هِن هيڏيءَ دنيا ۾.

    جيون آ ڇيهون ڇيهون،
    پر سوز ڪيم ڪيهون،
    ناهي ڪو ٻڌڻ وارو،
    هن هيڏيءَ دنيا ۾.

    سڏڪا ۽ اڇنگارون،
    ٿي لڙڪ لڙيا لارون،
    چيو ڪنهن نه روئين تون ڇو؟
    هن هيڏيءَ دنيا ۾.

    تنهائي ٿي تڙپائي،
    ڪوئي نه گلي لائي،
    هيءَ دل وندرائي ٿو،
    هن هيڏيءَ دنيا ۾.

    ڏک مان ٿو جيئي ڪيريو،
    ڪوئي نه ٿيو منهنجو،
    ۽ ڪنهن نه ڪيو پنهنجو،
    هن هيڏيءَ دنيا ۾.


    دل يار ڏني مونکي،

    دل يار ڏني مونکي،
    مان ٿورا نه ڳايان ڇا؟
    ڇڏيئين نه ڇني مونکي،
    مان ٿورا نه ڳايان ڇا؟

    ڪهڙي مان ڪيان ڪا لڪ،
    هئي ساهه کي جن جي سڪ،
    ڏنو پيار تني مونکي،
    مان ٿورا نه ڳايان ڇا؟

    سي دور نه ٿيا هڪ دم،
    سيني سان لڳي پرتم،
    گڏ گڏيو جني مونکي،
    مان ٿورا نه ڳايان ڇا؟

    “خاطي” هي پيو ڳائي،
    سگهبا نه ٿورا لاهي،
    ٻي سگهه نه ڪني مونکي،
    مان ٿورا نه ڳايان ڇا؟


    پيارو ماڻهو ڏسندو آهيان،

    پيارو ماڻهو ڏسندو آهيان،
    سچ پچ ڄڻ جي پوندو آهيان!
    سچ پچ ڄڻ جي پوندو آهيان!
    ان تان فدا ٿي پوندو آهيان.

    دل ۾ ڪو طوفان سمائي،
    مرڪن جو ٿيو راڳي آهي،
    مرڪ ڏسي ان جي لبڙن تي،
    ان دم مرڪي پوندو آهيان.

    حال پڇان ۽ حال ٿو اوريان،
    درد مندن سان دل ٿو جوڙيان،
    ڳوڙها ڳل تان اگهندي ڪنهن جا،
    خود پڻ سڏڪي پوندو آهيان.

    چاهه چمن وارن سان منهنجو،
    پيار حسن وارن سان منهنجو،
    سونهن ڏسڻ جو شوق آ مونکي،
    سونهن لئه تڙپي پوندو آهيان.

    او لوڪو! منهنجي اپيل ٻڌو،
    قرب ڪيو ۽ قرب وٺو،
    پيار مٿان هي پهرا ڏسي اڄ،
    اندران وڍجي پوندو آهيان.

    خان محمد سنگدل ناهيان،
    قرب جو “خاطي” قائل آهيان،
    محبت وارو ملندو آ ڪو،
    ان سان گڏجي پوندو آهيان.


    تنهنجو سهڻا سينگار وڻي ٿو،

    تنهنجو سهڻا سينگار وڻي ٿو،
    هر هر توڏي تڏهن ڏسان ٿو.

    سياهن وارن جي سايي ۾،
    روز روشن رخسار وڻي ٿو،
    هر هر توڏي تڏهن ڏسان ٿو.

    ڪويل جهڙيون ڪاريون اکيون،
    غمزي جو گلزار وڻي ٿو،
    هر هر توڏي تڏهن ڏسان ٿو.

    احمر لبڙا اڀريل ڇاتي،
    سنهڙي ڳچيءَ ۾ هار وڻي ٿو،
    هر هر توڏي تڏهن ڏسان ٿو.

    خان محمد “خاطي” کي بس،
    توتان ٿيڻ نثار وڻي ٿو،
    هر هر توڏي تڏهن ڏسان ٿو.


    پيار کپي بس پيار کپي بس،

    پيار کپي بس پيار کپي بس،
    ٻي ڪا شيءِ مونکي ڪانه کپي.

    مونکي هيڏي حسين دنيا ۾،
    هڪڙو سهڻو يار کپي بس،
    ٻي ڪا شيءِ مونکي ڪانه کپي.

    مونکي وڻي هُو هُن کي وڻان مان،
    اهڙو ئي قربدار کپي بس،
    ٻي ڪا شيءِ مونکي ڪانه کپي.

    هرڪو سهڻو هڪڙو گل آ،
    مونکي گلڙن هار کپي بس،
    ٻي ڪا شيءِ مونکي ڪانه کپي.

    سهڻا سهڻا کوڙ هي “خاطي”،
    سهڻن جو سردار کپي بس.
    ٻي ڪا شيءِ مونکي ڪانه کپي.


    ڪنهن سان نه مان ڪڇان ٿو ، تو يار جي ڪري،

    ڪنهن سان نه مان ڪڇان ٿو ، تو يار جي ڪري،
    بس ماٺ ۾ رهان ٿو ، تو يار جي ڪري.

    ماڻهن ستايو مونکي مهڻا ڏئي ۽ طعنا،
    سي تير ٿي لڳا جو دل ۾ ٿيا نشانا،
    هي ظلم سڀ سهان ٿو تو يار جي ڪري.

    چريو چون گهڻا ۽ سودائي ڪي چون ٿا،
    دنيا کان دور سمجهي ، پٿر به ڪي هڻن ٿا،
    بدلو نه مان وٺان ٿو تو يار جي ڪري.

    دانهون هي خان محمد توکي ئي روئي ڏيندو،
    احوال سڀ اندر جا ڪيريو توسان سليندو،
    سڪ ۾ نظم لکان ٿو تو يار جي ڪري.


    ڪنهن جي نظر لڳي وئي هڪٻئي کان وياسين وسري،

    ڪنهن جي نظر لڳي وئي هڪٻئي کان وياسين وسري،
    لڙڪن جيان ويا سڀ سپنا اکين مان نڪري.

    هڪٻئي جي لاءِ حُبَ مان ٺاهياسين دل ۾ ديرا،
    سڀ چاهتن پنهنجيُن جا اڄ اهي آکيرا،
    واچوڙي ڪنهن لڳڻ سان ڪک پن ويا ٿِي اڏري.

    چاهت پنهنجيءَ جا گلڙا ، جڏهن صنم ٽڙي پيا،
    تن جي پٽڻ جي خاطر ها کوڙ هٿ وڌي پيا،
    ظالم هٿن ۾ سي گل پتيون ويا ٿي وکري.

    هو خواب خان محمّد جيڪو نه ياد ايندو،
    ساڳيو سو وقت واپس ڪيريو چئي نه ٿيندو،
    هڪٻئي وٽان هوائن وانگي وياسين گذري.


    بس ڪر اي دل نه روء تون دلدار آهي اچڻو،

    بس ڪر اي دل نه روء تون دلدار آهي اچڻو،
    توکي تلاش جنهن جي سو يار آهي اچڻو.

    آسن جي مکڙين تي برسي اجها ته شبنم،
    پوپٽ گلن تي مڙندا ساڀيا سندا سي هڪدم،
    ويندي هلي خزان اڄ ۽ بهار آهي اچڻو.

    تڙپڻ روئڻ ڇڏي ڏي دلڙي ڪو هوش تون ڪر،
    ڪر آجيان ادب سان پرجوش حاضري ڀر،
    ساري اڱڻ جي زينت سينگار آهي اچڻو.

    جهوليءَ چنڊ جهلندءِ محبوب جي آ آمد،
    ماضيءَ جون ڪل مرادون پنيون ٿئي خان محمد،
    اي قلب! تنهنجو سچ پچ ته قرار آهي اچڻو.


    دل جي باغ ۾ گل ٽڙن ٿا،

    دل جي باغ ۾ گل ٽڙن ٿا،
    مونسان جئين ئي جاني ملن ٿا.

    ڪومل پوتر جذبا منهنجا،
    ويتر خوشبو بنجي پون ٿا،
    مونسان جئين ئي جاني ملن ٿا.

    مايوسين جي اماوس شب ۾،
    آشائن جا چنڊ کڙن ٿا،
    مونسان جئين ئي جاني ملن ٿا.

    منهنجي من جي ڪارونجهر تي،
    محبت وارا مور نچن ٿا،
    مونسان جئين ئي جاني ملن ٿا.

    کوڙ نظارا ڪيرئي سان گڏ،
    خوش ٿي “خاطي” خوب کلن ٿا،
    مونسان جئين ئي جاني ملن ٿا.


    آڪاش آ اونداهو،

    آڪاش آ اونداهو،
    اڄ چنڊ به ڪونهي ڪو.

    سڀ ساروڻيون جاڳيون،
    سي آڌيءَ ڌاري جو!
    اڄ چنڊ به ڪونهي ڪو.

    هن ويل پکي ٻولي،
    ويچارو الائي ڇو؟
    اڄ چنڊ به ڪونهي ڪو.

    من منهنجو هي تنهايون،
    اڌ رات جو ڀوڳي ٿو،
    اڄ چنڊ به ڪونهي ڪو.

    دل روئي ڍرءُ ڪر تون،
    رو روءُ اڃا پڻ رو!
    اڄ چنڊ به ڪونهي ڪو.

    هي ننڊ ڀرئي نيڻن،
    ۾ ڪنهن جو آ جلوو؟
    اڄ چنڊ به ڪونهي ڪو.

    ڪاڏي هي ويو گم ٿي،
    “خاطي” آ چريو ڪيريو،
    اڄ چنڊ به ڪونهي ڪو.


    سدا سڪ اوهان جي رئاري ٿي مونکي،

    سدا سڪ اوهان جي رئاري ٿي مونکي،
    اچڻ جي عجيبا عنايت ڪيو ڪا،
    غمن گوندرن ۾ گذر ٿي حياتي،
    اچي هاڻ حاڪم حمايت ڪيو ڪا.

    دنيا بيوفا پڻ ڌڪاري ڇڏيو آ،
    اوهان خود اسان کي وساري ڇڏيو آ،
    صلو ڇا اهو آ سچائي جو سهڻا،
    اوهين پاڻ پيارا عدالت ڪيو ڪا.

    سڄڻ تنهنجي زخمن صفا چور ڪيڙو،
    اڃا ڪو تدارڪ نه تو مور ڪيڙو،
    ڪيو لاعلاج آ حڪيمن طبيبن،
    سڄڻ جِي پوان جي عيادت ڪيو ڪا.

    مٺا روز “خاطي” روئي رت ٿو هاري،
    اوهان جي اچڻ ڪاڻ واٽون نهاري،
    اچي حال هيڻو هي هيڪر ڏسي وڃ،
    پورِي پنهنجي ڪيرئي جي حاجت ڪيو ڪا.


    مونسان نه کلي ملجان،

    مونسان نه کلي ملجان،
    هي پيار ڀريون نظرون،
    مونڏي نه کڻي ڏسجان.

    هي پيار مٽي گس جي،
    منزل تي رسي پنهنجا،
    تون پير اگهي ڇڏجان.

    منهنجو ئي سڀڪجهه تون،
    مان تنهنجو ته ڪجهه ناهيان،
    تون پنهنجو نه ڪجهه چئجان.

    تون ياد نه هاڻ ڪجان،
    هي ياد ڪرڻ جو ڪم،
    مونتي ئي مٺا رکجان.

    هي گيت به “خاطيءَ” جا،
    ويهي سي اڪيلو ٿي،
    محبوب نه تون ٻڌجان.


    ڏسي ڏوهه منهنجا ڪرين ڌار متان،

    ڏسي ڏوهه منهنجا ڪرين ڌار متان،
    هي ڪوتاهيون سڀ مونکي معاف ڪجان.

    سمونڊ ڪنان وڌ مون لئه سڪ ڏسي،
    تنهنجي هانوَ ڇهندڙ اها ڇڪ ڏسي،
    تنهنجي پيار جي مون لئه مهڪ ڏسي،
    پنهنجي من ئي من ۾ ڪڏان ۽ نچان.

    مليو تنهنجي الفت جو اعزاز اٿم،
    ڪيو آڪاش تي ڄڻ ته پرواز اٿم،
    مٺا قرب تنهنجي تي ناز اٿم،
    مليو ڪونه مونکي اهڙو پيار ڪٿان.

    کڻي ڪيڏو توکي ٿو چاهيان پرين،
    جتيءَ جوڙ بلڪل مان ناهيان پرين،
    تنهنجو ادنى خادم آهيان پرين،
    تنهنجا ٿورا لکين ٿو محبوب مڃان.

    حڪم تنهنجو هر هڪ اکين تي رکان،
    تون جيڏانهن وارين تيڏانهن وران،
    گھڻي چاهه سان مان ادب تنهنجا ڪيان،
    تنهنجا اکين چپن سان پيزار چمان.

    مان ڪوجهو ڪنو مون ۾ عيب سڀئي،
    پرين “خاطي” جي وري پارت اٿئي،
    جوانيءَ جو جاني خدا خير ڪرئي،
    دعا خان محمّد ٿو گهرندو وتان.


    آهين منهنجي من ۾ تون هين تون توهين تون،

    آهين منهنجي من ۾ تون هين تون توهين تون،
    رڳو تار تن ۾ توهين تون توهين تون.

    ٿيا تومان روشن هي سج چنڊ تارا،
    مليا انڊلٺ کي توکان رنگ اڌارا،
    سڄي اڀ_صحن ۾، توهين تون توهين تون.

    تون تخليقڪارن جي تصور جو محور،
    تون آن هر ڪويءَ جي ڪويتا جو مظهر،
    لطيفي فنن ۾، توهين تون توهين تون.

    ڪاڇي لاڙ ٿر ۽ وچولي ۾ هاڪون،
    آ توصيف تنهنجي ۽ سنڌ جون اوطاقون،
    جتي ڪٿ وطن ۾، توهين تون توهين تون.

    ٿين گل ٿا ويجها سي خوشبو وٺڻ لئه،
    کوليو منهن مکڙين به توکي ڏسڻ لئه،
    گلن ۾ چمن ۾، توهين تون توهين تون.

    سڄڻ سائين دلبر اي منهنجا جياپا،
    سمايل تون “خاطي” جي جيءَ ۾ سراپا،
    منهنجي هن جيون ۾، توهين تون توهين تون.


    سکي زندگيءَ جو هو سپنو ڏٺو مون،

    سکي زندگيءَ جو هو سپنو ڏٺو مون،
    سو سپنو سندر سون ورنو ڏٺو مون.

    اميدن چمن ۾ اچي وئي بهاري،
    گلن جي نمونن به رنگت نکاري،
    چنبيلي ۽ چمپا ڪو ڪرنو ڏٺو مون،
    سو سپنو سندر سون ورنو ڏٺو مون.

    اوندهه ۾ ڊوڙِي ٿڪجي پيس مان،
    انهي ڪرڻي تائين نه پهچي سگهيس مان،
    حقيقت ۾ شايد هو جگنو ڏٺو مون،
    سو سپنو سندر سون ورنو ڏٺو مون.

    اگر ڪاش! سپنا جي ساڀيا ٿين ها،
    نه هي حال ڪيرئي جا هرگز هجن ها،
    حياتيءَ ۾ “خاطي” کي مجنون ڏٺون مون،
    سو سپنو سندر سون ورنو ڏٺو مون.


    مذاق ڄاڻي کلي ڏنو تو،

    مذاق ڄاڻي کلي ڏنو تو،
    مون چيو ڄڻ کنوڻ ڪري پئي،
    ٽهڪ ڏنو تو ته ٽاهه کائي،
    چمن منجهان ڊيل ڄڻ اڏي پئي.

    غمن الائي خوشين جا ڳوڙها،
    تنهنجي ڳلن تي ڏسي لڳو ڄڻ،
    گلاب نرگس کي هير لوڏيو،
    ته ماڪ تن تان ڪري ٽمي پئي.

    چمين مِٺين جي مٺاڻ کان وڌ،
    مٺو مٺو آ سڀاءُ تنهنجو،
    چپن کي چوري ٻه ٻول ٻوليئي،
    موتين جي ڄڻ ته مالها ٽٽي پئي.

    سفيد رخسار ڄڻ ته چاندي،
    حياءُ کان لال ٿي پيا سي،
    جي پاند منهن تان لٿو ته شيشي،
    جي گهر ۾ ڄڻ باهه ڪا ٻري پئي.

    انداز سهڻو ڪري جو بيٺين،
    سڀئي شيون پنڊ پهڻ ٿي ويون،
    جي ٻانهن لوڏي هلڻ لڳين تون،
    ته توسان هر چيز گڏ هلي پئي.

    نه سونهن تنهنجي چٽي سگهي ٿو،
    نقاش قاصر نقل ڪرڻ کان،
    برش قلم ڪيريو ٿڪا سڀ،
    حسن ڪٿڻ لئه ڪٿا ٿڪي پئي.


    جي پيار پنهنجي تي پهرا لڳا، مون ڏاڍو رنو ۽ ڏاڍو لڇيو،

    جي پيار پنهنجي تي پهرا لڳا، مون ڏاڍو رنو ۽ ڏاڍو لڇيو،
    پو پهاڙ غمن جا دل تي ٽٽا، مون ڏاڍو رنو ۽ ڏاڍو لڇيو.

    پاڻ پيار ڪرڻ وارا ماڻهون، آزاد فضائن وارا پکي،
    قفس ۾ ڪيئن جي سگهبو ڀلا، مون ڏاڍو رنو ۽ ڏاڍو لڇيو.

    تاراج ٿينِ ناشاد ٿينِ، سي پيار ذري جي ڪاڻ سڪنِ،
    جن پيار پنهنجي ۾ رخنا وڌا، مون ڏاڍو رنو ۽ ڏاڍو لڇيو.

    هي هيڏو سارو ڪِيس ڏسي، پولار ڪنان پاتار تائين،
    سڀني جا آهن نيڻ ڀنا، مون ڏاڍو رنو ۽ ڏاڍو لڇيو.

    هڪ هڪ حسرت پاڻي ٿي وئي، اڌ ۾ قرب ڪهاڻي ٿي وئي،
    کوڙ حصا جنهن جا رهجي ويا، مون ڏاڍو رنو ۽ ڏاڍو لڇيو.

    هي خان محمّد ڪونهي ڪوي، ڪڍيون ڪيرئي آهون سور سهي،
    سڏڪن ۾ مون سوين گيت چيا، مون ڏاڍو رنو ۽ ڏاڍو لڇيو.


    ايڏو نه تون خفا ٿي، جلوي نما مٺا ٿي،

    ايڏو نه تون خفا ٿي، جلوي نما مٺا ٿي،
    ظاهر سهڻا صفا ٿي، تون منهڙو ڏيکار،


    ٿيان نثار! ٿيان نثار!

    هي انقلاب ڇو آ، مونکان نقاب ڇو آ،
    ايڏو حجاب ڇو آ، اهڙو حساب ڇو آ،
    بيحد نه بيوفا ٿي، جلوي نما مٺا ٿي.

    اکيون اداس آتيون، تنهنجون تنين کي تاتيون،
    پائينِ ڏينهن راتيون، ديدار ڪاڻ جھاتيون،
    درديليُن دوا ٿي، جلوي نما مٺا ٿي.

    “خاطي” ڏسڻ جي خاطر، آ منتظر سراسر،
    پردو پرين پري ڪر، ڪيرئي تي ڪا نظر ڌر،
    درشن ڏي دلربا ٿي، جلوي نما مٺا ٿي.


    جهڙي مٺڙي ماکي آ،

    جهڙي مٺڙي ماکي آ،
    تهڙي ٿئي گفتار پرين!

    جھڙا گلابي گل آهن،
    تهڙا ٿئي رخسار پرين!

    جھڙو جھڙ ڦڙ اڀ تي آ،
    تهڙا تنهنجا وار پرين!

    جھڙي خوشبو موتئي جي،
    تهڙي ٿئي مهڪار پرين!

    جھڙا جوڀن ساوڻ جا،
    تهڙا ٿئي سينگار پرين!

    جھڙا “خاطي” چاهي ٿو،
    تهڙا تنهنجا پيار پرين.


    دل به توکي ڏنم، جان توکي ڏنم،

    دل به توکي ڏنم، جان توکي ڏنم،
    ساهه صدقي ڪيم، تنهنجي خاطر صنم،
    سور سر تي سٺم، ڏک ڏاڍا ڏٺم،
    حال هيڻا ٿيم، تنهنجي خاطر صنم.

    توسان هر موڙ تي آ وفا مون ڪئي،
    ڪهڙي ڄاڻي خدا ٿو خطا مون ڪئي،
    منهنجو ڪهڙو جرم، جو مليو غم الم،
    ٿي خوشي وئي ختم، تنهنجي خاطر صنم.

    دوستن ۽ عزيزن به پاڳل چئي،
    هٿ ڪڍيو سو جواني به اجڙي وئي،
    سڀ طرف کان ستم، روز مليو زخم،
    سڏڪي سڏڪي رنم، تنهنجي خاطر صنم.

    توکي راضي رکڻ ڪاڻ ڪوشش ڪري،
    هر شيءِ حاضر ڪيم جهول “خاطي” ڀري،
    خاص رکجو ڀرم، ۽ ڪجو پيا ڪرم،
    مون آ ورتو جنم، تنهنجي خاطر صنم.


    اکين آب آڻي ڪيان التجا ٿو،

    اکين آب آڻي ڪيان التجا ٿو،
    سڄڻ آڻ مولا گهران هيءُ دعا ٿو.

    وڇايان اکيون ٿو واٽن تي جنهين لئه،
    عطر مشق هاريان سيجن تي جنهين لئه،
    اچي سو ئي سهڻو ڪيان هي صدا ٿو.

    پوي ٿي دوا پوءِ منهنجي زخم جي،
    هتي هاڻ آمد ٿئي جي صنم جي،
    ملڻ مان انهيءَ سان ته ڀانيان دوا ٿو.

    ڀلا خان محمد ٻئي ڪنهن کي دانهي،
    خدا عرض “خاطي” سندو هي آهي،
    ملي مون مبارڪ اچي دلربا ٿو.


    گلائون ۽ شڪوه ڀلائي چئي ڏي،

    گلائون ۽ شڪوه ڀلائي چئي ڏي،
    جو دل ۾ اٿئي مسڪرائي چئي ڏي.

    نه تڙپاءِ مونکي نه شرماءِ مونکان،
    مٺا بي حجابيءَ سان ڳالهاءِ مونسان،
    نظر سان نظر تون ملائي چئي ڏي.

    حقيقت نه لالڻ لڪائڻ روا آ،
    ۽ همراز کي سچ ٻڌائڻ روا آ،
    سڄي لوڪ کان تون لڪائي چئي ڏي.

    سڻائڻ سوا منهن گهنجائڻ ۾ ڇاهي،
    ڏسي ڏوهه ڪاوڙ ڪرڻ ڪار ناهي،
    کِلي خان محمد کلائي چئي ڏي.


    جڏهن توکي سنسار سارو ڇڏيندو،

    جڏهن توکي سنسار سارو ڇڏيندو،
    تڏهن توکي “خاطيءَ” جو احساس ٿيندو.
    جڏهن مطلبي جڳ توکان منهن مَٽيندو،
    تڏهن توکي “خاطيءَ” جو احساس ٿيندو.

    جنهين جي اشاري تي اڄ تون ڪڏين ٿو،
    ڇڏي هيٺ ڌرتي مٿي تون اڏين ٿو،
    جڏهن پاڻ تنهنجا اهو پر پٽيندو،
    تڏهن توکي “خاطيءَ” جو احساس ٿيندو.

    رکيئي ماڻ ماپو منهنجي مفلسيءَ جو،
    مگر ڪونه ڄاتئي قدر مخلصيءَ جو،
    جڏهن ڪم ڪڍائُو ، نه ڀيرو ڀريندو،
    تڏهن توکي “خاطيءَ” جو احساس ٿيندو.

    نه نوڪر نه ناڻو سدائين محافظ،
    ٿجي ڏاڍ سان ٿو نه سينن تي قابض،
    جڏهن سا حقيقت تنهنجو مَنُ مڃيندو،
    تڏهن توکي “خاطيءَ” جو احساس ٿيندو.

    ڪيان ڪهڙا تنهنجا پتا پار پڌرا،
    سَٺا ڪنهن ٿي تنهنجا ڀلا ناز نخرا،
    جڏهن وقت توکي اهو ياد ايندو،
    تڏهن توکي “خاطيءَ” جو احساس ٿيندو.

    جهان جي جهنجهٽ ۾ جڏهن جيءُ جُهرندءِ،
    ڪو همراز هم دم ڳوليو نه لڀندءِ،
    جڏهن ڳجهه ڪو توکان نه پڇندو سليندو،
    تڏهن توکي “خاطيءَ” جو احساس ٿيندو.

    ڀٽائيءَ جي درگاههَ تي حاضريءَ کان،
    دلي چين خاطر ٻڌڻ شاعري کان،
    جڏهن سنگدل ساٿي توکي جهليندو،
    تڏهن توکي “خاطيءَ” جو احساس ٿيندو.

    سدائين نه “خاطي” متل هوندو ميلو،
    اٿئي سج ٻه پاڇا جي سوچين سويلو،
    جڏهن جيءُ تنهنجو وڇوڙو وڍيندو،
    تڏهن توکي “خاطيءَ” جو احساس ٿيندو.


    سَتَني سرن جو ٿيو پڙلاءُ،

    سَتَني سرن جو ٿيو پڙلاءُ،
    خوش ٿي جڏهن جاني کليو.

    ذلف جي ڌوئي ڇنڊڪو ڏنائين،
    وڻ ٽڻ سارا لوڏي ڇڏيائين،
    ڦڙ ڦڙ مان ٿي ڦهليو هڳاءُ،
    وايو منڊل ڄڻ مهڪي پيو.

    وار سڪائي هن جي ٽيڙيا،
    مور پکيءَ ڄڻ کنڀ پکيڙيا،
    ڇيڙڻ تن کي لڳو جو واءُ،
    نانگن جو تن آ روپ جهليو.

    سينگار ڪري جو چانڊوڪيِءَ ۾،
    سير تي نڪتو سائي ٻنيءَ ۾،
    قابلِ ديد هيو هي نماءُ،
    ڄڻ وک وک سان ٿي چنڊ جھڪيو.

    هن کي جن به ڏٺو ئي ناهي،
    ڪيريو تن کي ڪيئن ٻڌائي،
    تشبيهن مان حقيقي ساءُ،
    آ “خاطي” ڪڏهين ڪونه مليو.


    ڪيڏي او ڪيڏي!

    ڪيڏي او ڪيڏي!


    ڪيڏي نه تولئه دلڙي رني آ،
    هاڻي هلي آ سڪڙي لڳي آ.

    بسمل آ دلڙي توڪاڻ تڙپي،
    هڪڙي اڪيلي سڄي رات سڏڪي،
    لڇندي ئي لڇندي ساجهر ڦٽي آ.

    موسم ڀلي آ چهه چهه چمن ۾،
    ڳائن پکي پيا سهڻن سرن ۾،
    ڪيڏي فضا ۾ ٿِي دلڪشي آ.

    “خاطي” سدائين توکي سڏيندو،
    ڪيريو غريب آ ڪئن ڪو گڏيندو،
    هت هرڪو مون لئه ڄڻ اجنبي آ.


    رهي يارَ دل ۾ نه ٿا هاڻ نڪرن،

    رهي يارَ دل ۾ نه ٿا هاڻ نڪرن،
    ويو وسري سڀ ڪجهه نٿا پيار وسرن.

    زمانو به بگڙيو ، ته هو پڻ خفا ٿيو،
    ڇڏيو ساٿ سڀني سڄڻ بيوفا ٿيو،
    نه پر ساٿ ڇڏيو ساروڻين ۽ سپنن.

    ويون گذري مدتون ڦٽو شهر آخر،
    مگر دل جي ويرانُ کنڊرن ۾ ظاهر،
    آثارِ محبت اڃا تائين ڏسجن.

    جوڙي جاءِ جيءَ منجهه جلون ۽ غمزن،
    پڪا نقش من تي ڪيا “خاطي” قربن،
    اهي عڪس دل تان نٿا هاڻ نڪرن.


    توکان سواءِ اي سهڻا گهاري نه ٿو سگهان مان،

    توکان سواءِ اي سهڻا گهاري نه ٿو سگهان مان،
    شب روز ٿو رئان مان تنهنجو پرين پڇان مان.

    مونکان نه ٿي جدا تون، منهنجي به منڃ صدا تون،
    خدا واسطي صنم،
    گهڙيون ڪي گهار مون سان ٿو توکي اڄ چوان مان.

    اڄ ترس منهنجا جاني ڪر مون تي مهرباني،
    هڪ رات اي صنم،
    ويندي ڳري نه دلبر، چئو رات ٿو رهان مان.

    “خاطيءَ” جا اي سائين، سرهو هجين سدائين،
    ساري عمر صنم،
    آئين اڱڻ ڪيرئي جي، صدقو توتان وڃان مان.


    دکي آ دلڙي ڪري ٿي دانهون، اچي جو دردن وڪوڙيو،

    دکي آ دلڙي ڪري ٿي دانهون، اچي جو دردن وڪوڙيو،
    اگهي اکين جو پڄان نه پاڻي، اچي جو لڙڪن وڪوڙيو.

    حوال دل جا اچي ڪي اوريان،سلي سگهان پر اهي نه ٿو،


    نه سگهه سلڻ جي رهي آ باقي،
    اچي جو سڏڪن وڪوڙيو.

    ٿِي ڳڻتي ڳاري جسم جڏو ٿيو، ۽ پور پلپل پيا پون،


    تڙپ تنهنجي لڇان ۽ ڦٿڪان،
    اچي جو فڪرن وڪوڙيو.

    ڏسي ڏکن ۾ ڇڏي هليا ويا، سڀئي سهارا به دور ٿي،


    سکن جا ساٿي سڄڻ ڇڏي ويا،
    اچي جو صدمن وڪوڙيو.

    الاءِ قسمت جو کيل آهي، الاءِ دنيا جو ڪو چڪر آ،


    خطا ڪا ٿي يا ڪو امتحان آ،
    اچي جو وهمن وڪوڙيو.

    حڪيم حاذق هزار ڀيٽيم، مگر ڪيو تن به لادوا،


    ختم خوشي ٿي سموري “خاطي”،
    اچي جو مرضن وڪوڙيو.


    دلبر رهين ٿو مونکان ڇو ڌار تون ٻڌائج،

    دلبر رهين ٿو مونکان ڇو ڌار تون ٻڌائج،
    ڇاڪاڻ تو ڌڪاريو اي يار تون ٻڌائج.

    ڪهڙي خطا ڪئي مون ڇو ڪونه ڳالهائين،
    مونکي جتي ڏسين ٿو مونکان ٿو منهن لڪائين،
    ڇو هِي ڪيو تو رستو اختيار تون ٻڌائج.

    دل منهنجي هٿ ڪري تون واپس وري نه آئين،
    پيو غير سان گهمين تون مونڏي لڙي نه آئين،
    هي ڪِيس ڇو ڪيو تو منٺار تون ٻڌائج.

    ڪيريو ڪرئي دعائون تنهن کي نه ڏي دغائون،
    “خاطي” به خوش ٿئي جي ان سان ڪرين وفائون،
    ڪا قرب جي ڪچهري هڪ وار تون ٻڌائج.


    آسون جي دل ۾ آهن مالڪ سي شل پڄائي،

    آسون جي دل ۾ آهن مالڪ سي شل پڄائي،
    سپنا جيڪي ڏٺا ٿم ساڀيا سيئي بنائي.

    ساوڻ جي شام جو ٻئي ويهي ندي ڪناري،
    ڪريون ڪي پيارَ پيارا دنيا سڄي وساري،
    جھوليون ڀريون خوشين سان سڀ سور هي ڀلائي.

    چانڊوڪيون هجن ۽ بس ٻيو پهاڙِي واديون،
    کولي پريمَ خوشبو ماحول سارو واسيون،
    تنها ملون اتي ٻئي نغما نوان ڪي ڳائي.

    ۽ بهار جي صبح جو گلشن ۾ خان محمد،
    پرچين رسين پيو شل پلپل ڪري خداوند،
    گلڙن سان گڏ دليون هي “خاطي” ڇڏيون سجائي.


    هئي آس دل ۾ سا پوري ڪيون ها،

    هئي آس دل ۾ سا پوري ڪيون ها،
    سدا ڪاش گڏجي جيون ها مرون ها.

    ڀڃي پڃرا هي رواجن جا سارا،
    ٿي آزاد هردم هوائن ۾ پيارا،
    پکين سان گڏجي پکي ٿي اڏون ها.

    هِي ويجهن وڻن جون ملن جيئن لامون،
    هجون پاڻ پنهنجون ملن تيئن ٻانهون،
    سدا هڪٻئي کي پو ويٺا ڏسون ها.

    زمينُ آسمانَ جو جتي آهي سنگم،
    بڻي هڪٻئي جو اتي “خاطي” همدم،
    زمانو ڇڏي هِت هلي ات رهون ها.


    گهورَ ۽ گھنڊ وجهو اي دلبر، دورُ پيو گهارين تون،

    گهورَ ۽ گھنڊ وجهو اي دلبر، دورُ پيو گهارين تون،
    ڏوهه ڀلا مون ڪهڙو ڪيو آ، مفت پيو مارين تون.

    واقعي رايو راز تنهنجو آ،
    يا مون سان رڳو ناز تنهنجو آ،




    خوني اکيون مونڏي کڻيو، ٿو تير الارين تون.

    محبوب اڳي تون موتي داڻو،
    ويتر مون سان روز آ ماڻو،




    سهڻو اڳيئي آهين ويتر، سينڌ به سنوارين تون.

    “خاطيءَ” سان اڳ پيار ڪري پوءِ،
    تنهن کي ويٺين ڌار ڪري ڇو،


    قول ڪيل ڪيرئي سان جيڪي، سي ڇو نه ٿو پارين تون.


    اول مونکي محبوب پنهنجو ڏيکار،

    اول مونکي محبوب پنهنجو ڏيکار،
    ڀلي پوءِ مونکي اي مولا تون مار.

    گهڻي وقت کان جيڪو دلبر آ دور،
    ملي سو تمّنا رکان ٿو ضرور،
    ڪيان تنهن پرينءَ جو ته هيڪر ديدار.

    هجي سامهون ويندو پوءِ جلد ساهه،
    ذرو ڪونه ايندو ڪو مونکي ايذاءُ،
    سهڻو بيهي سامهون ڪري من سينگار.

    سڏي خان محمّد مٺا ربَ رحيمَ،
    ڪري ڪيرئي تي ڪرم ڪو ڪريم،
    جيسين جاني پهچي تيسين تون جيار.


    تنهنجي قدمن ۾ خوشيون، هي پاڻ هلي آيون،

    تنهنجي قدمن ۾ خوشيون، هي پاڻ هلي آيون،


    توساڻ اچي مليون.

    محفل ۾ ڏٺم تنهنجي هر حسن هيو رقصان،


    ڇيرن جون هيون ڇمڪيون.

    سڀ هار گلي ۾ هئا، نوٽن جي هئي ورکا،


    هون ڪڙڪ نيون دستيون.

    گڏ جيڪي هيون سي ڇڏ ، دليون جي اوسي پاسي،


    سڀئي سي پئي مرڪيون.

    هر اک ٿي پئي عاشق، ٿيو هوش ختم تن جو،


    جن جن به ڏٺيون جهلڪيون.

    وسري نه سگهنديون سي، توسنگ جي جن گهاريون،


    سڀ سونهرِي گهڙيون.

    پروانه مڙن مچ تي، هِي تيئن مٿان تنهنجي،


    قربان سڀئي سرتيون.

    تنهنجون هي خوشيون “خاطي”،تن خوشين ۾ ٿوريون،


    منهنجون به مٺا پتيون.


    اڄ رات سڄي مون ڏٺا،

    اڄ رات سڄي مون ڏٺا،


    ڄڻ لوڏ لهر سپنا.

    ڪا وادي پهاڙِي آ،
    جت پاڻ آهيون مليا،


    ڄڻ لوڏ لهر سپنا.

    ڪا شاڪ لڳي وئي ڄڻ،
    هَٿَ جينءَ هٿنِ ڇهيا،


    ڄڻ لوڏ لهر سپنا.

    پٿرن تي ويٺا آهيون،
    پيا تيز وهن جهرڻا،


    ڄڻ لوڏ لهر سپنا.

    تون مان ٻئي وڻ هيٺان،
    برسات جا ها سٽڪا،


    ڄڻ لوڏ لهر سپنا.

    هڪ وڻ جي مٿان ٿڙ تي،
    ٿي پاڻ نالا لکيا،


    ڄڻ لوڏ لهر سپنا.

    تيئن پاڻ اڏامون پيا،
    جيئن ڪائي اڏامي هوا،


    ڄڻ لوڏ لهر سپنا.

    گڏ رنگ برنگي سڀ،
    پوپٽ به اٿئون پڪڙيا،


    ڄڻ لوڏ لهر سپنا.

    ڏاڍي آ خوشي “خاطي”،
    گڏ ڳايون پيا نغما،


    ڄڻ لوڏ لهر سپنا.

    اي ڪاش هي ڪيرئي جا،
    سڀ شال ٿين ساڀيا،


    ڄڻ لوڏ لهر سپنا.


    پنهنجو پرين تون سڏجان سڏجان،

    پنهنجو پرين تون سڏجان سڏجان،
    منهنجو هي آ چئجان چئجان.

    ياري سڀ ئي يار ڇني ويا،
    دل کي پلي هو دور وڃي ٿيا،
    تون نه پرين دل پلجان پلجان.

    احترامن عرض ڪيان ٿو،
    ڳارو ڳچيءَ ۾ پاند وجهان ٿو،
    پيار جي تون پت رکجان رکجان.

    “خاطي” کي خود پيارن ۾ تون،
    جانب جان نثارن ۾ تون،
    گولو غلام هي گڏجان گڏجان.


    ننڍي لاڪون لڳم نينهن،

    ننڍي لاڪون لڳم نينهن،
    اٿم الفت عجيبن سان.

    چڪور عاشق جئين چنڊ تي،
    شمع تي جئن پتنگ جلي،
    ڀنور گل تي ٿو ڀيرا ڏي،
    منهنجي دل تئن مجيبن سان.

    سدا دل ۾ رهڻ وارا،
    پري ٿيئڙا پرين پيارا،
    لتاڙي لڪ ڏکيا سارا،
    هلي ملجي حبيبن سان.

    هلي نه حجت جتي ڪائي،
    اسان الفت اتي لائي،
    مگر محبن ڪئي ڀلائي،
    اسان جھڙن ضعيفن سان.

    منهنجو نينهن سچو سمڌن،
    ڏسن جت جي مليو خوش ٿين،
    شڪر “خاطيءَ” سان سڄڻن،
    رکيو ناتو نصيبن سان.


    سونهن ڀريا سردار الا.... منهنجا جاني،

    سونهن ڀريا سردار الا.... منهنجا جاني،
    جندڙيءَ جا، دلڙيءَ جا..... دلدار پيارا.

    سبحان الله ڇا ته حسن آ،


    سنهڙي ڳچي سٺا وار الا..... منهنجا جاني.

    ڄڻ ته شفاف شيشو جسم،


    گلاب رنگي رخسار الا..... منهنجا جاني.

    حد حسن جي هوندي ڪهڙي،


    حد کان وڌ سهڻا يار الا..... منهنجا جاني.

    گلڙا گلي ۾ ڇو مان پايان،


    منهنجي هيئين جا هار الا.... منهنجا جاني.

    منهنجي تصور ۾ تون وسين ٿو،


    سپنن جا سينگار الا..... منهنجا جاني.

    اي خان محمد “خاطيءَ” جي،


    عشق سندا اسرار الا..... منهنجا جاني،


    مان سوال بنجي تنهنجي ئي سامهون اچان ٿو،

    مان سوال بنجي تنهنجي ئي سامهون اچان ٿو،
    نظرن مان ڇو نه ٿو پڙهين پيار گھران ٿو.

    پلڪن جي سايي ۾ سوين سپنا سمايل،
    التجائون اڻ ڳڻيون اکڙين ۾ لڪايل،
    سرڪار سي شرمائي توڏي کڻان ٿو.

    صدين جي صدائن جو هن دل ۾ آ مسڪن،
    شايد نه قبولين تڏهن ٻاهر نٿيون نڪرن،
    ڪوشيش اشارن ۾ سلڻ جي مان ڪيان ٿو.

    لبڙن جي ڪنارن کي رخسار سان لائي،
    ڇڏ ته خان محمد ڪا آس پڄائي،
    آغوش ۾ اچڻ لاءِ “خاطي” سڪان ٿو.


    لڙڪ ۽ آهون اثر نٿيون ڪن توتي ڪهڙو اسرار آهي،

    لڙڪ ۽ آهون اثر نٿيون ڪن توتي ڪهڙو اسرار آهي،
    احساس مان توکي ڪئن ڏياريان، ڪيڏو توسان پيار آهي،


    ڪيڏو توسان پيار آهي.

    ٿورو غور ته ڪر، مونڏي ڏس ته سهي، صرف هڪڙو دفعو،
    منهنجي پيار جي، ٻولي او پيارا، ڇو ڀلا تون سمجھين نه ٿو،
    ڪم آڻيان مان ڪهڙا جملا ڪو لفظ نه اثردار آهي.

    منهنجي نماڻين نگاهن واري عرضداري ۽ التجا،
    ڪاش تون هيڪر سمجهي سگهين سا او منهنجا محبوب مٺا،
    هي ديوانو تنهنجي ئي پيارل پيار جو طلبگار آهي.

    ڄاڻي خدا ٿو “خاطيءَ” جو آ پختو پڪو پيار توسان،
    پيارو آهين پيارو آهين مونکي دنيا ساريء کان،
    دل جا پٿر او بي پرواهه توتان ڪيريو نثار آهي.


    هي چنڊ چانڊوڪيون، راتيون چوڏهيون،

    هي چنڊ چانڊوڪيون، راتيون چوڏهيون،
    تنهنجي هڪڙي ادا تان نثار سڀئي.

    پيو ڪارونجهر تي، ڪو مور نچي،
    ڀلي رات پوي، ٿر جي واري ٺري،
    مؤجون مهراڻ جون يا هي ڪينجهر ڪنڌيون،
    تنهنجي هڪڙي ادا تان نثار سڀئي.

    گلڙن جي مٿان، هيءُ ماڪ ڦڙا،
    هي صبح جو سما، بلبل جي صدا،
    هيء بوندون ڪڻيون، هي هوائون ٿڌيون،
    تنهنجي هڪڙي ادا تان نثار سڀئي.

    تنهنجي قربن تان، هي ڪيريو فدا،
    هيءَ خلق سڄي آ، صدقي سدا،
    هيءُ سموريون شيون، هن دنيا سنديون،
    تنهنجي هڪڙي ادا تان نثار سڀئي.


    راهون ڏسندي آ، ۽ روئندي آ،

    راهون ڏسندي آ، ۽ روئندي آ،
    هيءَ دل تولئه ويچاري.

    هر شب تنهنجا چنڊ کان،
    چاهه مان چنڊ کان، سڪ مان چنڊ کان،
    حب مان چنڊ کان، حال پڇندي آ،
    ۽ روئندي آ...

    ميڻ بتي جيئن ٻرندي آهي،
    سڙندي آهي، جلندي آهي،
    ۽ ڳرندي آهي، تيئن ئي ڳرندي آ،
    ۽ روئندي آ...

    پرهه ڦٽيءَ جو اي پيارل توکي،
    اي سهڻا توکي، اي مٺڙا توکي،
    اي پيارا توکي، ساريندي سڪندي آ،
    ۽ روئندي آ...

    هيء خان محمد “خاطي” چئي،
    خادم “خاطي” چئي، نوڪر “خاطي” چئي،
    هي غلام “خاطي” چئي، جھوريءَ جھڄندي آ،
    ۽ روئندي آ...
    هيء دل تولئه ويچاري.


    اٿئي ياد سڄڻ پهريون ڀيرو ملڻ،

    اٿئي ياد سڄڻ پهريون ڀيرو ملڻ،
    منهنجو گھوري ڏسڻ، تنهنجو مرڪي پوڻ.

    سا ڪيڏي هئي نه حَسينُ گھڙي،
    آئين منهنجي آڏو ٿي اجنبي،
    ڪيڏي پنهنجائپ هئي محسوس ٿي،
    جھڙو صدين کان هو ملڻ جلڻ.

    ڪئي اکين تنهنجي هئي آجيان،
    چيو تو هو تنهنجو مان آهيان،
    ٿياسين ويتر پرين پوءِ ويجهو اڃان،
    تنهنجو سيني لڳڻ منهنجو صدقي ٿيڻ.

    ڪيڏو “خاطي” پنهنجو پيار هيو،
    ڇا ڪيرئي کي ڇا توکي ٿيو،
    ڇو سڀ ڪجهه ڀلا سو وسري ويو،
    هاڻي آهي رڳو دور دورُ رهڻ.


    توکي وساري ڇڏيم، تنهنجي خوشيءَ خاطر،

    توکي وساري ڇڏيم، تنهنجي خوشيءَ خاطر،
    ڄڻ پاڻ ڀلائي ڇڏيم، پنهنجي خوديءَ خاطر.

    مونکي وساري ڇڏ تون، نه نِهاري ڏس هاڻي،
    جيڏان جو آهين وڃ، تيڏان واپس هاڻي،
    اهڙو هو حڪم تنهنجو، مون اجنبيءَ خاطر.

    تنهنجي تڪڙي حڪم جو، ايڏو مون تي وزن هو،
    نه ته وسارڻ توکي، ڪيڏو مون لئه ڪٺن هو،
    ارشاد مڃي ويٺس، هي عاشقيءَ خاطر.

    خان محمد جڏهين، تولئه مفلوج ٿيو،
    عشق جو “خاطي” ڪيريو چئي پوءِ عروج ٿيو،
    بربادي آبادي ٿي، پئي بندگيء خاطر.


    ڪنهن سان قرب ڪرڻ، ڪنهن سان مرڪي ملڻ،

    ڪنهن سان قرب ڪرڻ، ڪنهن سان مرڪي ملڻ،
    ڪنهن ڏي گھوري ڏسڻ، اڄ ڏوهه ٿيو،
    ڪنهن کان حال پڇڻ، ڪنهن جا لڙڪ اگھڻ،
    ڪنهن سان سور سلڻ، اڄ ڏوهه ٿيو.

    هي پابنديون پيون، ڪيئن پو قرب ڪيون،
    ڪيئن ٿي ڌار جيون، ڀلا ڪنهن جا ٿيون،
    واهون سڀئي ويون، دانهن ڪنهن کي ڏيون،
    ڪنهن کي دانهن ڏيڻ، اڄ ڏوهه ٿيو.

    هت جذبات مٿان، ڪيئي پهرا اڃان،
    نه ٿو سوچي سگهان، ڪيئن جڳ ۾ رهان،
    ڪنهن کي پنهنجو چوان، هي ايڏو جرم ڪيان،
    دل کي ڏيڻ وٺڻ، اڄ ڏوهه ٿيو.

    ڪونهي همدردي، ويو ڪينو وڌي،
    هي ڪيريو بي وسي، ويو توکان ڇڄي،
    خان محمد جي، لُٽي هر ڪا خوشي،
    گڏجي کلڻ گھمڻ، اڄ ڏوهه ٿيو.


    مان تولئه رُئان، تون مون تان کلين،

    مان تولئه رُئان، تون مون تان کلين،
    او کلڻ وارا شل شاد هجين.

    ٿيو اثر نه توتي لڙڪن جو،
    ڪهڙو قدر ڪيو تو سڏڪن جو،
    پَوَئي جي پتو پنهنجي صدمن جو،
    اچي پنهنجي هٿن سان لڙڪ اگھين.

    منهنجي چاهت کي آ ٺڪرايو تو،
    سوين سور ڏئي تڙپايو تو،
    هڻي طعنن جا تير آ گهايو تو،
    ڇو ڦٽيل کي ٿو ويتر ڦٽين.

    ناهي توسان شڪايت ۽ شڪوه،
    هجين هر دم “خاطي” خوش تون سدا،
    توڙي ڪيڏو ڪرين مونتي ستم مٺا،
    ته به ڪيرئي کي ٿو واههُ وڻين.


    واٽ ويندي درشن ٿي ويو،

    واٽ ويندي درشن ٿي ويو،

    ¬
    روڊ ڪناري بيٺو پرين هو، دلربا ۽ دلنشين هو،


    ڏسڻ سان خوش من ٿي ويو.

    ڪيسين ڪارن ڪڪرن پويان چنڊ لڪي سگهندو،


    نيٺ لڪي لڪي پرده نشينءَ جو،
    جلوي نما جوڀن ٿي ويو،

    دل جي پرچي تي پاڻ ڏسون ته ڪڏهن ٿي جاءِ ملي،


    هاڻي نظر جي قلم سان پُرُ،
    پيار جو ڪوپن ٿي ويو.

    ڇا ته سونهن ساماڻي آهي،ننڍڙي واهڻ ۾،


    صحرا ۾ گل ٽڙي سگھي ٿو،
    راز اهو روشن ٿي ويو.

    دردن جي دز ۾ جو “خاطي”، لٽجي ميرو ٿيو،


    هڪ نظر سان صاف ڌوپي،
    دل جو درپن ٿي ويو،
    واٽ ويندي درشن ٿي ويو.


    منهنجا نيڻ اڃا نهارين چارا،

    منهنجا نيڻ اڃا نهارين چارا،
    مونکي مرڪن سان ماري وڃڻ وارا،


    اڃا ٿورو ساهه اٿم.

    آوي اندران ڪئينءَ جلي ٿي،
    ڪل ڪنڀر کي ڪانه پوي ٿي،
    منهنجي بدن ۾ باهه ڏيڻ وارا،


    اڃا ٿورو ساهه اٿم.

    تبسم جي تلوار سان گھائي،
    تير نظر جو نشانو بنائي،
    منهنجي ڇاتيءَ کي ڇيهون ڪرڻ وارا،


    اڃا ٿورو ساهه اٿم.

    ماڪ ڀنل معصوم جواني،
    خون آلوده توڪئي جاني،
    منهنجي جيون ۾ زهر ڀرڻ وارا،


    اڃا ٿورو ساهه اٿم.

    ڪيرئي تي ڪيو تو ته ستم آ،
    سهبو رهبو جيسين دم آ،
    خان محمد کان خوشيون کسڻ وارا،

    اڃا ٿورو ساهه اٿم.


    تون حَسِينُ بي حساب، تنهنجو منهن محبوبي،

    تون حَسِينُ بي حساب، تنهنجو منهن محبوبي،
    اهي نرم ملائم ڳلڙا، تنهنجا نازڪ نازڪ لبڙا،
    ڄڻ آهن گلَ گلاب، تنهنجو منهن محبوبي.

    ذلف ڇوڙي جڏهن ڇڏين ٿو،
    بادل پويان چنڊ لڳين ٿو،
    جي هٽائين منهن تان وار،
    چؤطرف ٿين چمڪار،
    تون محب آهين مهتاب.....تنهنجو......

    جنهن ڏي اکين سان گهور ڪرين ٿو،
    پنهنجي نشي ۾ چورُ ڪرين ٿو،
    ڪيئي ماڻهو ڪرين مجبور،
    ٿين مدهوش ۽ مخمور،
    تنهنجا نيڻ شرابي شراب.....تنهنجو......

    “خاطي” چئي تون موتيءَ داڻو،
    معصوم جواني چهرو نماڻو،
    تنهنجي وک وک تان مان صدقي،
    اچي قرب ڪيرئي سان ڪر ڪي،
    ڇڏ مون سان هاڻي حجاب،
    تنهنجو منهن محبوبي.


    منهنجون هي مجبوريون، منهنجون هي مجبوريون،

    منهنجون هي مجبوريون، منهنجون هي مجبوريون،
    موم ڪن ڪيئن دل پٿر کي، هيڏيون هو مغروريون.

    رحم گھرندڙ هيءَ نظرَ، ڪيئن ڪري هن تي اثر،
    معاملو ڇا آهي مونسان؟ هو ته آهي بي خبر،
    اوري سگھن ٿيون نه اکيون، ڳالهيون هيءُ سموريون.

    بي چئي دل کي چيو مون، حسن وارن کي نه چاهه،
    پاڻ چاهي پاڻ ڦاٿي، هاڻي واهي ٿس الله،
    پيار ملندو پر مٿان کان، ٿين جڏهن منظوريون.

    پيار کان خالي جا دل، سا اونداهو غار آ،
    پيار سان ڀرپور دل ئي، روشنيءَ _ مينار آ،
    پيار کان ڪن پو به ڇو ٿا، دنيا وارا دوريون.

    جذبا زخمي زخمي ۽، ڀاڳ پڻ خاموش آ،
    چاهتن ياري ٽوڙي، غم ٿيو همدوش آ،
    ارمان آئيني جيان هي، ٿي پيا چوريون چوريون.

    طوفان ڪنهن ۾ جئين ڪا، ٽاري ٽٽي پٽ تي پئي،
    منهنجي جيون _ وڻ مان وئي، تيئن خوشي ڪيريو چئي،
    رُت بدلي خان محمد، اوچتو ئي انگوريون،


    ماڻهو پٿر جا، ماڻهو پٿر جا!

    ماڻهو پٿر جا، ماڻهو پٿر جا!
    ميڻ مٿان مٿان، ٺوٺا اندر جا،

    جيئنِ مورتيون،


    مرده مندر جا، ماڻهو پٿر جا!

    ڀاڳ وڌائي ڇڏيا،


    نوريءَ منڇر جا، ماڻهو پٿر جا!

    وڻجاري ويچاري،


    ڀڀڪا بندر جا، ماڻهو پٿر جا!

    شيشي _ گھر، شوپيس،


    ٿر جي منظر جا، ماڻهو پٿر جا!

    رستا بيوفا،


    تنهنجي شهر جا، ماڻهو پٿر جا!

    “خاطي” راههَ سِڌي،


    خطرا کنڊر جا، ماڻهو پٿر جا!


    نالائق نوازي، تو وڏو ڪيو ڪم،

    نالائق نوازي، تو وڏو ڪيو ڪم،
    مونکي مٺا ڪون هو، اهڙو ڪو فهم،
    خواب خيال ۾ نه هو، مونکي منهنجا صنم،
    ته ڪيرئي تي ڪرم، اهڙو ڪندي عجيب تون.

    نالائق نوازي، تو جاني جياريو،
    پُر ڪري پيار جو، تو پيالو پياريو،
    قربدار ڪيرئي کي، تو ويجهو ويهاريو،
    تو عيبدار اجاريو، نازڪ پنهنجي نگاهه سان.

    نالائق نوازي، تو محب مهر ڪئي،
    ڪهڙي خوبي ڪيرئي جي، توکي وڻي وئي،
    جو پينار کي پُر ڪيئي، پيارا پيار ڏئي،
    عيبدار جي عيبن ڏي، ڪڏهن ڪونه ڏٺئي،
    “خاطي” کي خوش ڪيئي پوءِ به پنهنجو چئي،
    ساري سڌ هيئي، ته آئون اگلو آهيان.

    مون ۾ مدايون، هيڪانديون هزار،
    عيبن جي عجيب کي، “خاطي” خبرچار،
    منهن چڙهي ميار، ڪڏهن ڏنئين ڪين ڪي.

    مون ۾ مدايون، سوين پيون سجھن،
    پوءِ به پل پل پرين، پنهنجن جيئن پڇن،
    ملي محب منهن تي، “خاطي” ساڻ کلن،
    غلام جي گناهن ڏي، ڪڏهن ڪين ڏسن،
    مرڪيو روز ملن، مون جھڙي مسڪين سان.

    ٻٻري ڪنڊن سان، جهنجهيل آهي جيئن،
    منهنجي تَنَ سان تيئن، مسئلا مڙي ويا.

    ڌرتيءَ تي مضبوط، ٻوٽو بيٺل جيئن،
    منهنجي مَن ۾ تيئن، پاڙون کتل پيار جون.

    پاڻيءَ سان ٻوٽو وڌي ويجهي جيئن،
    روح به ريجهي تيئن، دلبر جي ديدار سان.

    سدا رهي سائو واٽر تي جيئن وڻ،
    ائين آهي ڄڻ، پيارَ _ پاڻي جيوَ لئه.

    ڪٽڻ کان پوءِ ڪَلِ، ڦٽي جيئن ڦوهه ڪري،
    جذبا تيئن اڻ جهل، اڀري آيا اندر مان.

    بصر جي پوک ۾، هو سرنهن ٻوٽو جيئن،
    تون پڻ آهين تيئن، سهڻو ساري سٿ ۾.

    ڏکيا ڏينهن ٿورڙا، جو ڪڻڪ آهي ڪچي،
    پوندي هيءَ پچي، “خاطي” خوشيون ٿينديون.

    ڇلڪو ڇلڪي جي مٿان، بصر جو آ جيئن،
    سور دل تي تيئن، سٿجي سٿيون ٿيا.

    ڪوئن ٻِرَ ڪيا، اڏ _ ڪناري جيئن،
    منهنجي دل به تيئن، سورن سوراخي ڇڏي.

    منهنجو منُ گلاب، خوشبو خوشبو تون،
    سدائين توکي مون، مون ۾ آ محسوس ڪيو.

    ڏسڻ ۾ ٻه پُڙ، هونءَ ته هڪ رحل،
    تنهنجي منهنجي دل، سمجھ ائن سهڻا پرين.

    منهنجو منُ آ ڪَڪِڙو، تنهنجو قرب ڪپهه،
    جيءَ تنهنجي ۾ جڳهه، والاري ويهي رهان.

    مڙيون مٿان ٻُور جي، جئن ماکيءَ جون مکيون،
    ائن منهنجو اکيون، سهڻا تنهنجي سونهن تي.

    مان ٿڪل مسافر، تنهنجا وار وڻڪار،
    سي کول خوشبودار، ٿورو ٿڪ ڀڃان پرين.

    منهنجي منَ ورونهن، صبح سير ٻنيءَ جو،
    وهه واه سرِنهنِ سونهن، “خاطي” خوش ڪري ڇڏيو.

    مينهوڳيءَ ۾ مهڪ، جيڏي سرنهن کيت ۾،
    تيڏي ساهه ۾ سڪ، تولئه آ سرهي پرين.

    سڳنڌ ۽ سونهن سان، منهنجو نينهن ناتو،
    ۽ سو به ايڏو گھاٽو، جيڏو ساهه سرير جو.

    ٻاجھر ڇٽي ٻارن، جئن ڦاسائي جھرڪي،
    تئن مٺل مرڪي، منهنجو من سوگهو ڪيو.

    انگن کان گھڻا اوهان جا احسان ٿو ڀائيان،
    اکرن ۾ لکان ڪهڙا، ڪهڙا ڳڻيان، ڪهڙا ڳائيان،
    عمر ٿوريءَ ۾ سمجهان ٿو، ٿورا لاهي ته نه سگهندس،
    جيڪي وس ۾ آ “خاطي”، پيو واکاڻيان ۽ ساراهيان.

    واهه مرڪڻ محب جو، گل ڦل اٿس گفتگو،
    چپ ڇانهينءَ ڦارون ۽، ڳل مکڻ هوبهو،
    نيڻ نرگس وانگيان، وار ڄڻ گلڙن وليون،
    خوش نصيب آ “خاطي” جو، سهڻو سدا آ روبرو.

    تنهنجي پيار سان ائين انگ انگ جهوميو،
    برسات سان جيئن آ جهر جنگ جهوميو،
    تنهنجي قرب ڪيريو، آ سنواري ڇڏيو،
    تون ملئين ته روح جو، هر رنگ جھوميو.

    گذري وئي حياتي، سهڻن جي نوڪريءَ ۾،
    گد گد ٿئي سدا دل، گلڙن جي نوڪريءَ ۾،
    سمڌو ڪفر اسان آ، هر غير جي غلامي،
    سرس آ ثواب ڄاتو، سڄڻن جي نوڪريءَ ۾.

    جيئن ئي پڳس پري کان، محبوب مرڪي مليا،
    محفل ۾ اچي، اچي ويس پيارن جي ڀاڪرن ۾،
    لڳي زندگي مٺي ۽ سڀئي ٿڪ لهي ويا،
    ڏاڍو سڪون آيو، دل وارن جي ڀاڪرن ۾.


    ڏيڍ ڏهاڪو گذري حياتي،
    اڄ به خواهش اندر ۾،
    توکي ڏسڻ جي آس ٿي ٽمڪي،
    ڄڻ ڪو ڏيئو مندر ۾.

    پيڙا_جهنگل، جذبن جهاڳيا،
    اڌ حياتي احساس جاڳيا،
    شعرن ۾ ٿي جيئرا بيٺا،
    راتوڪا سي سپنا ساڳيا.


    ڏئي دل ويٺس هڪ اڌ پل ۾،

    ڏئي دل ويٺس هڪ اڌ پل ۾،
    جادو هو ڪو نيڻن _ ڪجل ۾،
    هن کي چاهيم، ڏوهه ڪيم ڇا!
    کڙو هنيو مون، ٻير پڪل ۾.

    کل سهڻا کل، ڇڏ روئڻ کي،
    مٺا ميڻ _ دل، ڇڏ روئڻ کي،
    آ ميل _ گھڙي، ملي مس “خاطي”،
    سا مرڪي مل، ڇڏ روئڻ کي.

    هوءَ مونکي ڏسي هلي وئي،
    جهڙي بجلي اچي هلي وئي،
    نيڻن _ ڪنڌيءَ تان، سوچن _ تک ۾،
    ڄڻ مکڙي ڇڻي هلي وئي.


    وهه واه وڻين پيو تون، ڄڻ ته ملبوس آهين،
    چشمي ۽ چاندنيءَ جي سهڻي لباس ۾،
    ڪيڏو نه خوبصورت آ رنگ رخسار جو،
    ڄڻ ته شربت ڀريل آ، شيشي جي گلاس ۾.

    ڪونه ٿئي توسان سچو، ڪجهه سمجهه ڪر،
    وجهه وٺي دوستن مٺن ٽوڪيو به ٿي،
    کير پياري جنهن کي پاليم، تنهن ڏنگيو،
    جنهن نانگ کان مائٽن مٽن روڪيو به ٿي.


    خوبصورت جواني لاپرواهه وهي،

    خوبصورت جواني لاپرواهه وهي،
    ٺاهوڪڙو صنم آيو سنبري ٺهي،
    مليا نيڻ “خاطي”، ته دل دانهن ڪئي،
    اڄ ڌرتيءَ تي ڪيئن، آيو چنڊ لهي.

    منهنجو وجود به هن ڪنڊيءَ جي،
    سڪي بانگھا ٿيل ٽارن وانگي،
    هنڌان هنڌان ئي ڏري پيو آ،
    برسات ۾ بند جي گھارن وانگي.

    تنهنجي دنيا مٺي ڳنڍيري،
    منهنجي دنيا، چوپا چوپا،
    تنهنجي دنيا محل سجايل،
    منهنجي دنيا، خالي جھوپا.
    


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 831
    ڪتابن جو مشاهدو: 2057784
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 537175
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ