آهين منهنجي من ۾ تون هين تون توهين تون،
رڳو تار تن ۾ توهين تون توهين تون.
ٿيا تومان روشن هي سج چنڊ تارا،
مليا انڊلٺ کي توکان رنگ اڌارا،
سڄي اڀ_صحن ۾، توهين تون توهين تون.
تون تخليقڪارن جي تصور جو محور،
تون آن هر ڪويءَ جي ڪويتا جو مظهر،
لطيفي فنن ۾، توهين تون توهين تون.
ڪاڇي لاڙ ٿر ۽ وچولي ۾ هاڪون،
آ توصيف تنهنجي ۽ سنڌ جون اوطاقون،
جتي ڪٿ وطن ۾، توهين تون توهين تون.
ٿين گل ٿا ويجها سي خوشبو وٺڻ لئه،
کوليو منهن مکڙين به توکي ڏسڻ لئه،
گلن ۾ چمن ۾، توهين تون توهين تون.
سڄڻ سائين دلبر اي منهنجا جياپا،
سمايل تون “خاطي” جي جيءَ ۾ سراپا،
منهنجي هن جيون ۾، توهين تون توهين تون.