شاعري

ريجهايو روح رابيلن

خاطي بنيادي طور رومانس جو شاعر آهي، اهو رومانس ٻنهي جهانن جي سردارﷺ جي ذات بابرڪات سان هجي، ڌرتي سان هجي توڙي محبوبه سان. ان هر جاءِ تي ان پيار کي اڇو اجرو رکيو آهي. هو احساسن جا عڪس ڀلي انداز ۾ چٽي ٿو، سندس عڪسي شاعريءَ ۾ داخلي توڙي خارجي احساسن جون تصويرون ڏاڍيون من موهيندڙ آهن. پيار پريت، قرب ۽ ڪهل، سڪ ۽ ڇڪ سان گڏ دک ۽ درد جي ڪهاڻي پڻ سندس شاعريءَ جا موضوع آهن..
Title Cover of book ريجهايو روح رابيلن

روئي روئي اکين مان آنسون کُٽي ويا،

روئي روئي اکين مان آنسون کُٽي ويا،
سڀئي آسرا جيئري ئي مري ويا.

سڙي ويو هِي گلشن جڏهن چاهتن جو،
اميدن جا آخر ته پوپٽ اڏي ويا.

لڳي ٿي حياتي گلابن جي مالها،
انهي هار جا گل مرجهي سڪي ويا.

وندر ها کلونا خوابن جا مون لئه،
رهان راند ڇا سان سي سپنا ڀري ويا.

ويڳاڻپ جي ويلي وڄايم ٿي ويهي،
اها تار تندون به پيارا ڇني ويا.

شمع تي ڏٺو مون هو انجامِ محبت،
پتنگن جا لاشا ڪفن بن رلي ويا.

رکي آس آئي ته بلبل ڪٿان پر،
خزان جي ڪري پن گلن جا ڇڻي ويا.

پڪا پيچ ها پاڻ ۾ جي دلين جا،
سي ڳنڍيون ڳانڍاپا الئه ڇو ڇڙي ويا.

لڳي باهه جيون جي لوڙهي کي جنهن ۾،
ڪي احساس ماکي مانارا سڙي ويا.

وهِي تيز ڌارا ٿِي لڙڪن جي “خاطي”،
انهيء ۾ الاهي وجود ئي وهي ويا.

