ڏٺم چنڊ توکي به اڀرندي ۽ لهندي،
سوين روپ ڌارين پرينءَ کي نه پڄندي.
هجن ٿر ۾ چانڊوڪيون راتيون ڇا،
ڀٽن ڀر يا پويان لڪي جهاتيون ڇا،
ڏٺم نور تنهنجو ڪارونجهر تي ڪرندي،
سوين روپ ڌارين پرينءَ کي نه پڄندي.
تون گلشن تي اُڀري ٿو جلوا پکيڙين،
پيو راند سنڌوءَ جي لهرن سان کيڏين،
ڏٺم توکي ڪينجهرَ هندوري ۾ لڏندي،
سوين روپ ڌارين پرينءَ کي نه پڄندي.
ڪڪر جي نقابن ۾ منهڙو لڪائي،
ڪڏهن پاڻ سنهڙو ڪڏهن ڳچ پسائي،
ڪڏهن ڦوهه جوڀن لڳين گهوٽ گهمندي،
سوين روپ ڌارين پرينءَ کي نه پڄندي.
لڪن خان محمد ٿا توکان ستارا،
وڻن چنڊ تنهنجا نظارا پيارا،
مگر محب سامهون ڪڏهن ڪونه وڻندي،
سوين روپ ڌارين پرينءَ کي نه پڄندي.