شاعري

ريجهايو روح رابيلن

خاطي بنيادي طور رومانس جو شاعر آهي، اهو رومانس ٻنهي جهانن جي سردارﷺ جي ذات بابرڪات سان هجي، ڌرتي سان هجي توڙي محبوبه سان. ان هر جاءِ تي ان پيار کي اڇو اجرو رکيو آهي. هو احساسن جا عڪس ڀلي انداز ۾ چٽي ٿو، سندس عڪسي شاعريءَ ۾ داخلي توڙي خارجي احساسن جون تصويرون ڏاڍيون من موهيندڙ آهن. پيار پريت، قرب ۽ ڪهل، سڪ ۽ ڇڪ سان گڏ دک ۽ درد جي ڪهاڻي پڻ سندس شاعريءَ جا موضوع آهن..
Title Cover of book ريجهايو روح رابيلن

سوين سڏ نڙيء ۾ ويا يار رڪجي،

سوين سڏ نڙيء ۾ ويا يار رڪجي،
اڌورا اکين ۾ پيا لڙڪ اٽڪي.

نه اچڻو هو توکي نه آئين پرين تون،
نهاري نهاري پيا نيڻ ٿڪجي.

تو تائين پڄڻ لئه اميدن جا پنڇي،
اڏامي اڏامي پيا نيٺ سهڪي.

ڏسي ڌار توکي مونکي اڄ اڪيلو،
پيا پنهنجا سڀ يار اغيار شڪجي.

وسارڻ تنهنجي جي ڀڃي رک جو ويٺس،
وري ياد جا هي پيا گھاءُ ڀرجي.

چڪوري ۽ چنڊ جينءَ توڏي تڪيندي،
ويا حسرتن ۾ ڪيئي سال ڪٽجي.

خوشيون خان محمد ويون موڪلائي،
رڳي ڪلپنائون ويون روح رهجي.

