مون ڏي منهنجا مٺڙا، اچڻ تون ڇڏي ڏي،
مونسان مرڪي مرڪي، ملڻ تون ڇڏي ڏي،
اڪيلو ٿي آنسون، نه ڪي هارجان تون،
مونکي ياد هاڻي، ڪرڻ تون ڇڏي ڏي،
نه سوچيو هيوسين وڇوڙا به ٿيندا!
مگر هاڻ خطڙا، لکڻ تون ڇڏي ڏي،
جدا تنهنجون راهون، جدا منهنجا رستا،
مون سان همسفر ٿي، هلڻ تون ڇڏي ڏي،
اِئين سڪ نه پوري سڄڻ يار ٿيندي،
اشارن ۾ سڀ ڪجهه، سلڻ تون ڇڏي ڏي،
زماني ڏنو آ سهي سور وڃجان،
متان جيءُ جلائين، جلڻ تون ڇڏي ڏي،
ڀلا جي زمانو به ڪاوڙ ڪري ٿو،
سٺو آ ته مون ڏي، ڏسڻ تون ڇڏي ڏي.
خوشين ۾ سکن ۾ هجين تون هميشه،
هي سورن ۾ “خاطي”، سڄڻ تون ڇڏي ڏي.