شاعري

ريجهايو روح رابيلن

خاطي بنيادي طور رومانس جو شاعر آهي، اهو رومانس ٻنهي جهانن جي سردارﷺ جي ذات بابرڪات سان هجي، ڌرتي سان هجي توڙي محبوبه سان. ان هر جاءِ تي ان پيار کي اڇو اجرو رکيو آهي. هو احساسن جا عڪس ڀلي انداز ۾ چٽي ٿو، سندس عڪسي شاعريءَ ۾ داخلي توڙي خارجي احساسن جون تصويرون ڏاڍيون من موهيندڙ آهن. پيار پريت، قرب ۽ ڪهل، سڪ ۽ ڇڪ سان گڏ دک ۽ درد جي ڪهاڻي پڻ سندس شاعريءَ جا موضوع آهن..
Title Cover of book ريجهايو روح رابيلن

صورت صفا وئي گهنج ٿي،

صورت صفا وئي گهنج ٿي،
گل مرجهائجي ويو.

سندرتا وئي موڪلائي،
نه ئي اها رنگت رهي.....
گل مرجهائجي ويو.

سج جواني وارو الهيو،
وري نه واپس ايندي وهي.....
گل مرجهائجي ويو.

اڄ اڪيلو ان کي ڇڏي،
خود خوشبو وئي اڏي.....
گل مرجهائجي ويو.

پيڙا جي پاري ۾ سڙي،
يا جهوريءَ جهولي ۾ سڪي.....
گل مرجهائجي ويو.

زندگيءَ جي شام ڌاري،
نه شگفتگي نه ئي تازگي.....
گل مرجهائجي ويو.

جوڀن جي بهار واري،
“خاطي” نه رهي خوبصورتي.....
گل مرجهائجي ويو .