توسان منهنجو پيار ــــ او پيارا،
توسان منهنجو پيار.
منهنجي من جي سنڌوءَ ۾ بس،
تون تون تارو تار ـــ او پيارا.
سهڻيون سندر تنهنجون ادائون،
منهنجي هيئين هارُ ـــ او پيارا.
صدقي صدقي توتان صدقي،
سارو هي سنسار ــــ او پيارا.
ڌرتيءَ جي گولي تي هڪ ئي،
پيارو تنهنجو پار ـــ او پيارا.
توکان عيوض ڪونه گهران ٿو،
ناهي هي واپار ـــ او پيارا.
دل تي هرگز ڪونه هُري ٿو،
ڊالر يا دينار ـــ او پيارا.
منهنجا “خاطي” گيت غزل سڀ،
صرف اهو اظهار ـــ او پيارا.
توسان منهنجو پيار.