شاعري

ريجهايو روح رابيلن

خاطي بنيادي طور رومانس جو شاعر آهي، اهو رومانس ٻنهي جهانن جي سردارﷺ جي ذات بابرڪات سان هجي، ڌرتي سان هجي توڙي محبوبه سان. ان هر جاءِ تي ان پيار کي اڇو اجرو رکيو آهي. هو احساسن جا عڪس ڀلي انداز ۾ چٽي ٿو، سندس عڪسي شاعريءَ ۾ داخلي توڙي خارجي احساسن جون تصويرون ڏاڍيون من موهيندڙ آهن. پيار پريت، قرب ۽ ڪهل، سڪ ۽ ڇڪ سان گڏ دک ۽ درد جي ڪهاڻي پڻ سندس شاعريءَ جا موضوع آهن..
Title Cover of book ريجهايو روح رابيلن

آسرا آسرا آسرا آسرا،

آسرا آسرا آسرا آسرا،
آسرن ۾ گھڻو ئي ڦرايو اسان،
واسطا واسطا واسطا واسطا،
واسطن ۾ گھڻو ئي لٽايو اسان.

فون خط ۽ نياپا ، انهن جي بِلي،
روز ماکيون مکڻ سوکڙيون موڪلي،
رابطا رابطا رابطا رابطا،
رابطن ۾ گھڻو ئي وڃايو اسان.

بي وفايون جدايون وڇوڙا وڏا،
زندگيءَ ۾ ڏکيا موڙ آيا گھڻا،
حادثا حادثا حادثا حادثا،
حادثن مان گھڻو ئي پرايو اسان.

پنڌ “خاطي” پري پُر خطر پيچرا،
پوءِ به ڪاهيون پيا منَ ٿيون ويجھڙا،
فاصلا فاصلا فاصلا فاصلا،
فاصلن کي گھڻو ئي گھٽايو اسان.