شاعري

ريجهايو روح رابيلن

خاطي بنيادي طور رومانس جو شاعر آهي، اهو رومانس ٻنهي جهانن جي سردارﷺ جي ذات بابرڪات سان هجي، ڌرتي سان هجي توڙي محبوبه سان. ان هر جاءِ تي ان پيار کي اڇو اجرو رکيو آهي. هو احساسن جا عڪس ڀلي انداز ۾ چٽي ٿو، سندس عڪسي شاعريءَ ۾ داخلي توڙي خارجي احساسن جون تصويرون ڏاڍيون من موهيندڙ آهن. پيار پريت، قرب ۽ ڪهل، سڪ ۽ ڇڪ سان گڏ دک ۽ درد جي ڪهاڻي پڻ سندس شاعريءَ جا موضوع آهن..
Title Cover of book ريجهايو روح رابيلن

نالائق نوازي، تو وڏو ڪيو ڪم،

نالائق نوازي، تو وڏو ڪيو ڪم،
مونکي مٺا ڪون هو، اهڙو ڪو فهم،
خواب خيال ۾ نه هو، مونکي منهنجا صنم،
ته ڪيرئي تي ڪرم، اهڙو ڪندي عجيب تون.

نالائق نوازي، تو جاني جياريو،
پُر ڪري پيار جو، تو پيالو پياريو،
قربدار ڪيرئي کي، تو ويجهو ويهاريو،
تو عيبدار اجاريو، نازڪ پنهنجي نگاهه سان.

نالائق نوازي، تو محب مهر ڪئي،
ڪهڙي خوبي ڪيرئي جي، توکي وڻي وئي،
جو پينار کي پُر ڪيئي، پيارا پيار ڏئي،
عيبدار جي عيبن ڏي، ڪڏهن ڪونه ڏٺئي،
“خاطي” کي خوش ڪيئي پوءِ به پنهنجو چئي،
ساري سڌ هيئي، ته آئون اگلو آهيان.

مون ۾ مدايون، هيڪانديون هزار،
عيبن جي عجيب کي، “خاطي” خبرچار،
منهن چڙهي ميار، ڪڏهن ڏنئين ڪين ڪي.

مون ۾ مدايون، سوين پيون سجھن،
پوءِ به پل پل پرين، پنهنجن جيئن پڇن،
ملي محب منهن تي، “خاطي” ساڻ کلن،
غلام جي گناهن ڏي، ڪڏهن ڪين ڏسن،
مرڪيو روز ملن، مون جھڙي مسڪين سان.

ٻٻري ڪنڊن سان، جهنجهيل آهي جيئن،
منهنجي تَنَ سان تيئن، مسئلا مڙي ويا.

ڌرتيءَ تي مضبوط، ٻوٽو بيٺل جيئن،
منهنجي مَن ۾ تيئن، پاڙون کتل پيار جون.

پاڻيءَ سان ٻوٽو وڌي ويجهي جيئن،
روح به ريجهي تيئن، دلبر جي ديدار سان.

سدا رهي سائو واٽر تي جيئن وڻ،
ائين آهي ڄڻ، پيارَ _ پاڻي جيوَ لئه.

ڪٽڻ کان پوءِ ڪَلِ، ڦٽي جيئن ڦوهه ڪري،
جذبا تيئن اڻ جهل، اڀري آيا اندر مان.

بصر جي پوک ۾، هو سرنهن ٻوٽو جيئن،
تون پڻ آهين تيئن، سهڻو ساري سٿ ۾.

ڏکيا ڏينهن ٿورڙا، جو ڪڻڪ آهي ڪچي،
پوندي هيءَ پچي، “خاطي” خوشيون ٿينديون.

ڇلڪو ڇلڪي جي مٿان، بصر جو آ جيئن،
سور دل تي تيئن، سٿجي سٿيون ٿيا.

ڪوئن ٻِرَ ڪيا، اڏ _ ڪناري جيئن،
منهنجي دل به تيئن، سورن سوراخي ڇڏي.

منهنجو منُ گلاب، خوشبو خوشبو تون،
سدائين توکي مون، مون ۾ آ محسوس ڪيو.

ڏسڻ ۾ ٻه پُڙ، هونءَ ته هڪ رحل،
تنهنجي منهنجي دل، سمجھ ائن سهڻا پرين.

منهنجو منُ آ ڪَڪِڙو، تنهنجو قرب ڪپهه،
جيءَ تنهنجي ۾ جڳهه، والاري ويهي رهان.

مڙيون مٿان ٻُور جي، جئن ماکيءَ جون مکيون،
ائن منهنجو اکيون، سهڻا تنهنجي سونهن تي.

مان ٿڪل مسافر، تنهنجا وار وڻڪار،
سي کول خوشبودار، ٿورو ٿڪ ڀڃان پرين.

منهنجي منَ ورونهن، صبح سير ٻنيءَ جو،
وهه واه سرِنهنِ سونهن، “خاطي” خوش ڪري ڇڏيو.

مينهوڳيءَ ۾ مهڪ، جيڏي سرنهن کيت ۾،
تيڏي ساهه ۾ سڪ، تولئه آ سرهي پرين.

سڳنڌ ۽ سونهن سان، منهنجو نينهن ناتو،
۽ سو به ايڏو گھاٽو، جيڏو ساهه سرير جو.

ٻاجھر ڇٽي ٻارن، جئن ڦاسائي جھرڪي،
تئن مٺل مرڪي، منهنجو من سوگهو ڪيو.

انگن کان گھڻا اوهان جا احسان ٿو ڀائيان،
اکرن ۾ لکان ڪهڙا، ڪهڙا ڳڻيان، ڪهڙا ڳائيان،
عمر ٿوريءَ ۾ سمجهان ٿو، ٿورا لاهي ته نه سگهندس،
جيڪي وس ۾ آ “خاطي”، پيو واکاڻيان ۽ ساراهيان.

واهه مرڪڻ محب جو، گل ڦل اٿس گفتگو،
چپ ڇانهينءَ ڦارون ۽، ڳل مکڻ هوبهو،
نيڻ نرگس وانگيان، وار ڄڻ گلڙن وليون،
خوش نصيب آ “خاطي” جو، سهڻو سدا آ روبرو.

تنهنجي پيار سان ائين انگ انگ جهوميو،
برسات سان جيئن آ جهر جنگ جهوميو،
تنهنجي قرب ڪيريو، آ سنواري ڇڏيو،
تون ملئين ته روح جو، هر رنگ جھوميو.

گذري وئي حياتي، سهڻن جي نوڪريءَ ۾،
گد گد ٿئي سدا دل، گلڙن جي نوڪريءَ ۾،
سمڌو ڪفر اسان آ، هر غير جي غلامي،
سرس آ ثواب ڄاتو، سڄڻن جي نوڪريءَ ۾.

جيئن ئي پڳس پري کان، محبوب مرڪي مليا،
محفل ۾ اچي، اچي ويس پيارن جي ڀاڪرن ۾،
لڳي زندگي مٺي ۽ سڀئي ٿڪ لهي ويا،
ڏاڍو سڪون آيو، دل وارن جي ڀاڪرن ۾.


ڏيڍ ڏهاڪو گذري حياتي،
اڄ به خواهش اندر ۾،
توکي ڏسڻ جي آس ٿي ٽمڪي،
ڄڻ ڪو ڏيئو مندر ۾.

پيڙا_جهنگل، جذبن جهاڳيا،
اڌ حياتي احساس جاڳيا،
شعرن ۾ ٿي جيئرا بيٺا،
راتوڪا سي سپنا ساڳيا.