دلڙي ٿي مٺا چاهي شعرن ۾ لکان توکي،
سا عڪس ڪري صورت پلپل ۾ پسان توکي.
هن دل جي مٿان دلبر تصوير لڳل تنهنجي،
سي نقش اتاري پوءِ صفحن ۾ پڙهان توکي.
سا سونهن سمائي سڀ گيتن ۾ ڇڏيان تنهنجي،
هر وقت ڏئي ڀيرا سٽ سٽ ۾ ڏسان توکي.
اکرن ۾ ڇڏيان اوتي جلون جي جھلڪ تنهنجي،
هر وقت هجين آڏو نيڻن تي رکان توکي.
مرڪز تون مٺا منهنجي جذبن ۽ خيالن جو،
تصور ۾ ته روزانو چاهت مان چمان توکي.
هي “خاطي” ڪٿان آڻي سي لفظ ثنا وارا،
جن ساڻ عقيدت سان سهڻا مان سڏيان توکي.