شاعري

ريجهايو روح رابيلن

خاطي بنيادي طور رومانس جو شاعر آهي، اهو رومانس ٻنهي جهانن جي سردارﷺ جي ذات بابرڪات سان هجي، ڌرتي سان هجي توڙي محبوبه سان. ان هر جاءِ تي ان پيار کي اڇو اجرو رکيو آهي. هو احساسن جا عڪس ڀلي انداز ۾ چٽي ٿو، سندس عڪسي شاعريءَ ۾ داخلي توڙي خارجي احساسن جون تصويرون ڏاڍيون من موهيندڙ آهن. پيار پريت، قرب ۽ ڪهل، سڪ ۽ ڇڪ سان گڏ دک ۽ درد جي ڪهاڻي پڻ سندس شاعريءَ جا موضوع آهن..
Title Cover of book ريجهايو روح رابيلن

منهنجي اڱڻ اچين جي محبوب مهربان،

منهنجي اڱڻ اچين جي محبوب مهربان،
تنهنجي ڪريان سڄڻ مان مرڪن سان آجيان.

دل ۾ ٽڙي پوندا پو پيار جا ڪنول،
توکي ڏسي سجائبو اکين جو آشيان.

جذبا جيڪي اندر مان، آهن ڦٽي اُٿيا،
سي گيت بيت پيارا توکي ئي ارپيان.

ڇا ڇا نه رنگ ٿيندا جنهن شب هتي ايندين،
هِي رقص ڪندا ڪوڪب ۽ قمر ڪهڪشان.

هٿڙا چمي چپن سان توسان گلي ملان،
تنهنجن دراز “خاطي” ذلفن سان کيڏيان.

